• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سوال جواب

Malik Aijaz Ali Sindhi

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت ۾ اوهان دوستن کي السلام عليڪم
ڀلي ڪري آيا

سوال:1 حساب ڪرڻ لاءِ پهريون ڪهڙو اوزار ايجاد ڪيو ويو؟
جواب: ” اباڪس “ پهريون اوزار تيز حساب ڪرڻ لاءِ ايجاد ڪيو ويو.


سوال:2 ڪمپيوٽر ڇا آهي؟
جواب: ڪمپيوٽر بجلي تي هلندڙ هڪ اهڙو اوزار آهي جنهن کي اسين ڪا به معومات ڏيون ٿا ته اهو ان معلومات کي حل ڪري ڪمپيوٽر تي ڏيکاري ٿو.


سوال:3 ڪمپيوٽر جا مکيه حصا گهڻا آهن؟
جواب: ڪمپيوٽر جا مکيه حصا ٽي آهن.
1. INPUT )) اِن پُٽُ
2. ( PROCESSING ) پراسيسنگ
3. ( OUTPUT ) آؤٽ پُٽُ


سوال:4 ان پٽ ڇا آهي؟
جواب: هي ڪمپيوٽر جو اهم حصو آهي جنهن جي ذريعي اسين ڪمپيوٽر کي ڪا به معلومات ڏئي سگھون ٿا.
ڪمپيوٽر جا ان پٽ اوزار: ڪي بورڊ – ماؤس – اسڪينر لائيٽ پين ويب ڪيم وغيره


سوال:5 پراسيسنگ ڇا آهي؟
جواب: هي ڪمپيوٽر جو دماغي حصو آهي جيڪو اِن پُٽُ کان معلومات حاصل ڪري اُن کي حل ڪري آؤٽ پٽ ڏانهن موڪلڻ جو ڪم ڪندو آهي.
پراسيسنگ اوزار: 1. ( CU ) ڪنٽرول ڪندڙ ايڪو
2. ALU )) انگي حساب ڪند‌ڙ ايڪو
3. ( MU ) ميموري ايڪو





sindhsalamatsaathsal
 
جواب: سوال جواب

مان نهايت ئي شڪر گذار آهيان سائين عبدالرشيد سمين صاحب جو جنهن منهنجي وڏي همٿ افزائي ڪئي آهي.
 
جواب: سوال جواب

سائين شاهه صاحب، اوهان هي جيڪو معلوماتي سلسلو شروع ڪيو آهي، پنهنجي طور نهايت قيمتي ۽ معلوماتي آهي ۔۔۔ اسانجي التجا آهي ته اوهان ان ڪم کي جاري رکو ته جيئن اسانجهڙا جن کي ڪمپيوٽر جي ڪا خاص ڄاڻ ناهي سي به مستفيض ٿي سگهن ۔۔۔
 
جواب: سوال جواب

تمام بهترين ڪوشش آهي ادا توهان جي

جو توهان اسان اٻوجهن کي اهڙي معلومات ڏئي رهيا آهيو

سدائين گڏ
 
جواب: سوال جواب

ادا اعجاز علي معزرت چاهيان ٿو اوهان سوال نمبر 4 ۾ غلطي ڪئي آهي، ان کي صحيح ڪري ڇڏيو.
 
جواب: سوال جواب

ڪمپيوٽر کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو۔۔۔
هارڊويئر (اهو حصو جنهن کي اسان ڇهي سگهون، محسوس ڪري سگهون)
سافٽ ويئر: (جنهن جي ذريعي اسان ڪمپيوٽر جي هارڊويئر کي ڪنٽرول ڪيون يا ان مان مطلوبه ڪم حاصل ڪريون)
هارڊ ويئر ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته ڪمپيوٽر ۾:
1۔ اسٽوريج ( معلومات يا ڊيٽا کي گڏ ڪرڻ جي سگهه ) جنهن ۾ هار ڊسڪ اچي وڃي ٿي۔۔
2۔ پراسيسنگ (ڪمپيوٽر جو دماغ، جيڪو ان جي هر انسٽرڪشن يا هدايت کي ڪنٽرول ڪري) ڪمپيوٽر جو پراسيسر ڪمپيوٽر جو دماغ آهي
3۔ ميموري ( جنهن جي مدد سان ڪمپيوٽر جي تيزي کي ماپي سگهجي ٿو) ريم ان جو واضح مثال آهي۔۔
ان کان علاوه ان پُٽ ۽ آئوٽ ڊوائيس ادو جيڪي مٿي بيان ڪري چڪو آهي..
ان پُٽ جو مقصد آهي اهڙا ڊوائيس يا طريقو جنهن سان اسان ڪمپيوٽر ۾ معلومات فيڊ ڪري سگهون، جيئن ڪي بورڊ، مائوس، اسڪينر ۽ مائيڪ وغيره
آئوٽ پُٽ جو مقصد آهي اهڙا ڊوائيس جنهن جي ذريعي اسان ڪمپيوٽر مان معلومات وٺون جيئن لائوڊ، پرنٽر ۽ مانيٽر وغيره
سافٽ ويئرز ۾ اسان وٽ ٻه ڪيٽيگريز اچي وڃن ٿيون۔۔
ايپليڪيشن سافٽ ويئرز۔۔ ورڊ، ايڪسل، ڦوٽو شاپ وغيره يعني جيڪي يوزر کي روز مره جي ڪم جهڙوڪ حساب ڪتاب جي سهولت فراهم ڪن
سسٽم سافٽ ويئر۔۔۔ ونڊوز ۽ ڊاس وغيره جيڪي ڪمپيوٽر جي هارڊ ويئر کي ڪنٽرول ڪن۔
 
جواب: سوال جواب

انتظاميه جي دوستن کي التجا ٿي ڪئي وڃي ته ، سوال نمبر چوٿين جي جواب ۾ جتي آئوٽ پُٽ لکيل آهي ان کي اِن پُٽ لکيو وڃي ته جيئن جواب جي تصحيح ٿي وڃي۔۔۔

باقي سڀ صحيح آهي۔۔۔

مهرباني دوست اوهان جي جو اوهان اهڙي معلومات کان دوستن کي آگاهه رکيو۔۔۔۔
 
جواب: سوال جواب

انتظاميه جي دوستن کي التجا ٿي ڪئي وڃي ته ، سوال نمبر چوٿين جي جواب ۾ جتي آئوٽ پُٽ لکيل آهي ان کي اِن پُٽ لکيو وڃي ته جيئن جواب جي تصحيح ٿي وڃي۔۔۔

باقي سڀ صحيح آهي۔۔۔

مهرباني دوست اوهان جي جو اوهان اهڙي معلومات کان دوستن کي آگاهه رکيو۔۔۔۔

ادا توهان جي مهرباني اهڙي معلومات ڏيڻ جي، غلطي کي درست ڪيو ويو آهي، هڪ دفعو ٻيهر مهرباني
 
Back
Top