• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان اعتراف ٿو ڪريان ته... مظهر عباس

منصور سرور

سينيئر رڪن
هيءَ غلطي ڪا احساس جرم جهڙي ناهي پر ڪن موقعن کي وڃائڻ بابت آهي جن کي وڃائڻ سان مونکي ڪو وڏو نقصان ته نه رسيو پر جڏهن ۽ جنهن وقت اهي موقعا وڃايا هيم تڏهن غلطيءَ جو احساس ٿيندو هيو، مثال طور جڏهن مان شام جي اخبار ”اسٽار“ ۾ ڪم ڪندو هيس ته تڏهن انگريزي جي اخبار ”دي نيوز“ مونکي آڇ ڪئي ۽ مون به فيصلو ڪيو ته قومي سطح جي ڪنهن اخبار ۾ وڃجي. سو مون اسٽار مان استعيفيٰ ڏني جيڪا منظور به ٿي وئي. استعيفيٰ کانپوءِ جڏهن موڪلائڻ لاءِ حميد هارون صاحب ڏانهن ويس ته خبر پئي ته هو جيئن ته ٻاهر ويل هو تنهن ڪري هو منهنجي استعيفيٰ کان بي علم هو. الٽو استعيفيٰ منظور ڪندڙ همراهه کي سڏي چيائين ته هن جي استعيفيٰ ڇو منظور ڪيو يا ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو وغيره وغيره. بهرحال حميد صاحب مون مٿان استعيفيٰ واپس وٺڻ جو زور ڀريو ۽ مون به اسٽار ۾ واپس اچڻ لاءِ هڪ شرط رکيو ته مونکي اڳتي هلي توهان پوءِ ”ڊان“ ۾ رکرائجو. هن حامي ڀري پر منهنجو ڊان ۾ ڪم نه ٿي سگهيو. تڏهن مونکي پنهنجي ان غلطيءَ جو احساس ٿيو هو ته دي نيوز ۾ تڏهن ئي جيڪر هليو وڃان ها. ايئن جڏهن اي آر واءِ جو ٽي وي نيوز چينل اچي رهيو هو ته تڏهن به مونکي جوائن ڪرڻ جي آفر ملي هئي. اهو سال 2002 جو واقعو آهي. جڏهن ته باضابطه طور مون 2007ع ۾ ٽي وي چينل کي جوائن ڪيو. تڏهن مون سوچيو هو ته 2002 ۾ ئي جيڪڏهن ٽي وي چينل جوائن ڪيان ها ته اڄ اڃا ڪنهن بهتر جڳهه تي هجي ها.
 
Back
Top