مهتاب اڪبر راشدي هڪ نئون موضع يا وري ايئن کڻي چوان ته موضوع پراڻو پر وارتا نئين. ٻه ٽي ڏينهن اڳ، قومي اسيمبليءَ جي ”قانون ۽ انصاف“ واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪيل ٻوليءَ وارو بل، خارج ڪري ڇڏيو. اهو بل مسلم ليگ ن جي ميمبر مارئي ميمڻ پيش ڪيو هو. جنهن نون ٻولين کي پاڪستان جون قومي ٻوليون بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪرائڻ چاهي ٿي. ان کان اڳ جڏهن اهو بل اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي حوالي پئي ٿيو ته انهيءَ زماني ۾، مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي مون، سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي. جيڪا يڪراٰءِ سڄي ايوان مان منظور ڪئي وئي. ان قرارداد ۾ وفاق کان اها گهر ڪئي وئي ته، پاڪستان جي صوبن، سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي عوام جي مادري ٻولين کي پاڪستان جون ”قومي ٻوليون“ تسليم ڪيو وڃي ۽ قومي اسيمبلي ان سلسلي ۾ ضروري اپاءُ وٺي. جيڪڏهن لازمي هجي ته آئين ۾ ضروري گهربل تبديليون آڻي سگهي ٿي. اسان جي سنڌ اسيمبليءَ وڏي ظرافت جو مظاهرو ڪندي ان کي يڪراءِ يا متفقه طور تي منظور ڪيو ۽ قومي اسيمبليءَ ڏانهن عمل درآمد لاءِ موڪلي ڏنو، اُتي اُن جو ڇا ٿيو؟ ان جو حال احوال ته وري سنڌ حڪومت ڪو نه پڇيو هوندو، پر ان وچ ۾ مارئي ميمڻ، جڏهين پنهنجي بل تي ماهراڻي راءِ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني صوبن مان ٻوليءَ جا ڄاڻو، ان ميٽنگ ۾ گهرايا ته، ان ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري“ جي سربراھ ڊاڪٽر فهميده حسين کي مدعو ڪونه ڪيو ويو. ڊاڪٽر فهميده اها ڳالهه مونکي فون تي ٻڌائي. هن مونکي سنڌ اسيمبليءَ ۾ چئن ٻولين کي قومي ٻوليون بڻائڻ واري ٺهراءُ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻڌايائين ته هن پڻ سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پشتو زبانن کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. سو مونکي ڊاڪٽر فهميده حسين کي اُن ميٽنگ ۾ مدعو نه ڪرڻ سمجهه ۾ نه آيو، ان جو سبب شايد اهو هيو ته سندس تجويزون، بل پيش ڪندڙ مارئي ميمڻ جي نون ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ واري راءِ کان مختلف هيون. مارئي ميمڻ جي بل سان مونکي به اختلاف هو، پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻولين جي لحاظ کان انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ مايوس ڪندڙ واقعا ٿيندا رهيا آهن. گڏيل پاڪستان جي هڪ حصي، اوڀر پاڪستان جي اڪثريت جي زبان بنگاليءَ کي جڏهين قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏنو ويو ته 1952۾ اوڀر پاڪستان ۾ ٻوليءَ جي مسئلي تي بدترين فساد ۽ مظاهرا ٿيا، جن کي بندوق جي زور تي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، نتيجي ۾ بنگالين کي ٻوليءَ جي نالي ۾ شهيد ٿيندڙ ”هيرو“ ملي ويا. ان ڏاڍ ۽ گولين عوام جي دل مان، پنهنجي ٻوليءَ جي محبت ته ڪانه گهٽائي ماڳهين ان جو نتيجو 1970 ۾ ملڪ جي ورهاڱي جي صورت ۾ آڏو اچي ويو. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين حڪومت ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان قرار ڏيڻ، ۽ اسڪولن ۾ لازمي طور پڙهائڻ جو جڏهن بل پيش ڪيو ويو ته اُن مهل، سرحد پار کان آيل ”پاڪستانين“ تعصب جو ٻج پوکي، سنڌ ۾ زبان جي بنياد تي ويڇا وجهي ڇڏيا. رئيس امروهوي، جنگ اخبار ۾ ”اردو کان جنازه هي زره ڌوم سي نڪلي“ وارو قطعو لکي، ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ٻوليءَ جي ان معاملي تي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. ان کان اڳ ”ون يونٽ“ جي آڙ ۾ به سنڌ مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ جا گهڻا جتن ٿيا. ۽ ”پاڪستاني قوم“ ٺاهڻ جي شوق ۾، سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ کي ممنوع قرار ڏنو ويو. اها متعصباڻي ڪوشش ان ٻوليءَ لاءِ ڪئي ويئي، جنهن جي پٺيان پنج هزار سالن جي قديم تاريخ هئي. جنهن جو شاندار ماضي هيو، جنهن جو ادب، شاعر ڏور بيت، پهاڪا، لوڪ گيت، ڳجهارتون ۽ لوڪ ڪهاڻيون گڏجي، هڪ وڏي علمي ۽ ادبي صورت ۾ موجود هيو، جنهن وٽ، شاھ، سچل، سامي، روحل، گرهوڙي بيدل، قاضي قادن، اياز، تنوير، استاد بخاري شمشير ۽ امداد حسينيءَ جهڙا صاحب طرز شعراءَ ۽ مرزا قليچ بيگ، ابراهيم جويو، مولانا گرامي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حسام الدين راشدي، غلام رباني آگرو، مخدوم طالب الموليٰ، نسيم کرل، امر جليل، رشيده حجاب، ماهتاب محبوب، بادام ناتوان، خير النساءِ جعفري جهڙا اديب، تاريخ دان، شاعر، مفڪر ۽ محقق هيا، اُها ٻولي ڪيئن پئي ختم ٿئي؟ تڏهين به بدقسمتيءَ سان، سنڌ جي قانون ساز ادارن ۾ ويٺل، سنڌ جي ”عوامي نمائندن“ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪئي. ۽ اڄ به ، سياست جي ور چڙهيل ايازن، ايترو ست به نه ساريو جو، همت ڪري پنهنجي ٻوليءَ سان گڏ، ٻين ٻولين جي حمايت ۾ اصولي طور تي پير کوڙي سرخرو ٿين ها. پر ڇو ته، سنڌ جي عوام کين ووٽ ڏيئي پنهنجو نمائندو چونڊي انهن ايوانن ۾ موڪليو آهي. ان ڪري هو انهن جي ووٽ جو حق وڏي ديانتداريءَ سان ادا پيا ڪن. خير اسان کي انهن ”ايازن“ جي اڳ ۾ هنن ڪهڙي قومي معاملي تي ڪو مضبوط موقف رکيو آهي، جو هاڻي هنن مان اميد رکجي، هونئن به تاريخ انهن سڀني نائون ملن کي نظر ۾ رکيو پئي اچي ۽ اهو ياد رکڻ کپي ته اهڙن ڪردارن کي تاريخ جي ورقن ۾ غدار جي فهرست ۾ لکيو ۽ ڳڻيو ويندو آهي. مارئي ميمڻ جي، تاريخي حقيقتن کان اڻ ڄاڻائي يا وري اُٻهرائي جي ڪري نون ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيارڻ واري ڳالهه، سمجهه ۾ ڪانه آئي. ٿيڻ ايئن کپي ته جيڪي چار بنيادي وفاقي يونٽ (صوبا) آهن پهرين انهن جي ٻولين کي قومي ٻولين جي درجو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سڀني صوبن کي ساڳي پاليسي اختيار ڪري، پنهنجي حق جي گهر ڪرڻ سان ئي اهو مسئلو حل ٿيندو. هونئن به پاڪستان جا ادراڪ کان وانجهيل، تاريخي حقيقتن کان اڻ ڄاڻ سياستدانن، پنهنجي جاهلاڻي سوچ جي ڪري، ملڪ جون پاڙون ئي کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، انهن جون ويجهي ۽ پري واريون ٻئي نظرون خراب آهن، رڳو اوسي پاسي نظر ڦيرائن ته، سندن پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ 22 قومي/سرڪاري ٻوليون آهن. چين ۾ 9، ڏکڻ آفريڪا ۾ 13، سوئزرلينڊ ۾ 4، ڀوٽان ۽ ايٿيوپيا ۾ 3 ۽ بوسنيا، فن لينڊ ۽ مليشيا ۾ 2،2 قومي زبانون قرار ڏنيون ويون آهن. قانون ۽ انصاف واري اسٽينڊنگ ڪميٽي وٽ ته لڳي ٿو ته نه قانون جي ڄاڻ آهي ۽ نه ئي انصاف ڏيڻ ۾ دلچسپي. ان ڪميٽيءَ ۾ ويٺل هڪ بقراط جو هي گفتو، اسان جي سمجهه کان مٿاهون آهي ته ”ايترين ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏبو ته ايئن ڪرڻ سان علحدگي پسندي جي سوچ کي هٿ ملندي“. ان کي اوڏي مهل هندستان جو مثال ڇو نه ٻڌايو ويو، جتي 22، قومي/سرڪاري ٻوليون آئين مطابق، پنهنجي حيثيت ماڻي چڪيون آهن. چين ۾ ته اسان کي ڪا علحدگي واري تحريڪ نظر ڪونه آئي آهي، جتي 9، قومي ٻوليون آهن. سوئزرلينڊ جهڙي ملڪ ۾ امن ۽ شانتي به تڏهين آهي جڏهن اُتي جرمن، فرينچ ۽ اٽيلين زبانن سان گڏ رومانش Romansch نالي مقامي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو حاصل آهي. هندستان ۾ ته الائي ڪيتريون رياستون اهڙيون آهن، جتي ”هندي“ ٻولي کي نه ڪو سمجهي، نه پڙهي ۽ نه وري ڳالهائي ان کان پوءِ به هندستان متحد آهي ۽ هر هندستاني پاڻ کي انڊين سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿو ڪري. پوءِ پاڪستاني سرڪار هاڻوڪي ۽ اڳيون، ڪهڙي قانون، اخلاق ۽ انصاف تحت، پنهنجي باقي Federating Units جي ٻولين کي ڪنهن ڳڻپ ۾ ئي نه ٿيون آڻين؟ پاڻ اهو به ڄاڻون ٿا ته ٻوليءَ جي بل جو اهڙي نموني خارج ٿيڻ، ڪو پهريون دفعو ڪونه ٿيو آهي. هن کان اڳ به ٽي دفعا اها ساڳي واردات ٿي چڪي آهي. مجيب پيرزادو ۽ يوسف ٽالپر به ان سلسلي ۾ ڪوششون ڪري چڪا آهن، پر اهو معاملو نه پيپلز پارٽيءَ حل ڪيو ۽ نه ئي وري نواز سرڪار کان ڪا اميد نظر ٿي اچي، جتي جاهلن، ويڪائو مالن ۽ پوءِ ڍاون جي فوج، اسيمبليءَ ۾ براجمان هجي، اتان ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکڻ بيسود آهي. لڳي ٿو، وقت جي ڦيٿي کي وري پوئتي موٽائڻو پوندو، ون يونٽ واري تاريخ ورجائڻي پوندي، سنڌي ماڻهو ٻوليءَ تان گهور ٿيڻ وارو ماڻهو آهي. ان کي صف آرا ٿيڻو آهي. غدارن جي فهرست هاڻي کان ئي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ هڪ متل مڇ تي نظر رکو. سندن لٻاڙن تي ڌيان نه ڌريون، عمل کي ڏسو. هڪ منظم تحريڪ جي وسيلي سنڌ اسيمبلي جي ايوانن کان وٺي قومي اسيمبليءَ تائين يڪ آواز، متحد ٿي پنهنجو حق حاصل ڪرڻو آهي. قومي هم آهنگي، هڪ ٻئي جي وجود کي تسليم ڪرڻ ۾ آهي. ان جي انڪار ۾ نه !ملڪ تڏهين ئي هڪ ٿيندو، جڏهين ان جي رهواسين جي ٻوليءَ ۽ مثبت ريتن رواجن جو احترام ڪبو. باقي جي قومي ٻولي رڳو اُها آهي، جيڪا سرحد پار کان پناھ وٺڻ آئي ۽ بورچياڻي ٿي ويٺي ته پوءِ ٻين اهو ڦاهو ڇو ڦڪيو؟ اهو سبق، ٻڌيءَ سان ۽ ايڪي سان عوام ئي پنهنجي مقامي حاڪمن ۽ وفاقي حڪمرانن کي سمجهائي سگهي ٿو اهو ئي موقعو آهي… اُٿڻو آهي، اُٿارڻو آهي. پاڻ به ته ڪي خواب ڏٺا آهن، پنهنجي سهڻي سنڌ ۾ ڪنهن تبديليءَ جا، اُن لاءِ حڪمت عملي سان ئي انهن جي تعبير حاصل ڪرڻي آهي. پنهنجي ٻولي، لطيف جي سچل جي ٻولي آهي تنهن جو مان ته مٿاهون ٿيڻو ئي آهي، مٿاهون ڪرڻو ئي آهي. توهان کي ۽ مونکي گڏجي.