غلام مصطفيٰ سولنگي سنڌو درياهه بادشاهه جو ڪنارو ڏئي سکر پاسي وڌبو ته لئنسڊائو پل کان ٿورڙو پهرين ۽ بکر جي قلعي کان ٿورڙو پر ڀرو – سنڌوءَ جي کاٻي پاسي تي سنڌ جي تعميراتي تاريخ جو هڪ نمايان اهڃاڻ نظر ايندو. جنهن کي جامع مسجد وار مبارڪ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هيءَ مسجد سوا لک اوليائن اڪرامن جي شهر ۽ ماضيءَ جي سنڌ جي چمن – روهڙيءَ ۾ موجود آهي. سنڌو دياءَ جي کاٻي ڪپ تي هڪ پرفضا هنڌ تي واقع هن تاريخي يادگار کي جامع مسجد روهڙي ۽ اڪبري مسجد روهڙي به سڏيو ويندو آهي. هيءَ مسجد نواب فتح علي خان سن 992 هجريءَ ۾ جوڙائي هئي. پاڻ مغلن پاران بکر پرڳڻي تي گورنر مقرر ٿيل هيو. کيس اڪبر بادشاهه سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي، تنهن ڪري هن مسجد کي اڪبر جي نالي منسوب ڪيو هئائين. ڪجهه تاريخدانن جي اها راءِ آهي ته هن مسجد جي ” پيڙهه جو پٿر“ اڪبر بادشاهه پاڻ رکيو هيو. پر ان باري ۾ حتمي طور تي ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، ان ڪري جو سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن مان اهڙي ڪا به سند نه ٿي ملي. البته ايترو سو ضرور چئي سگهجي ٿو ته مغل دور ۾ ۽ خاص ڪري اڪبر جي دور ۾ سنڌ پرڳڻي ۾ جيڪي به عمارتون ٺهيون، تن ۾ هيءَ مسجد تمام گهڻي اهميت واري آهي. هيءَ مسجد اڌ ايڪڙ کن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. جنهن جي مکيه آڳر يا صحن تي 300 کن نمازي هڪ ئي وقت نماز اداڪري سگهن ٿا. مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي مکيه دروازا محرابي طرز تي نهايت سادي نموني ٺهيل آهن. وچين مکيه دروازي جي محرابي بناوت باقي نه رهي آهي ۽ ان جي ويجهڙ ۾ ئي نئين سر مرمت ڪرائي وئي آهي. ان ئي مکيه دروازي مٿان مسجد جي تعمير جو سال ۽ نيرين ٽائيلن تي فارسيءَ ۾ شعر لکيل آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته هيءَ مسجد تڏهوڪي بکر پرڳڻي جي مشهور رازي ” استاد حبيب“ جي نگرانيءَ ۾ جڙي راس ٿي هئي. مسجد جو اندريون ايوان يا منڊپ ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ اهي ٻئي حصا وري ٽن ٽن ننڍن ڀاڱن ۾ ورهايا ويا آهن. انهن ٻنهي حصن جي وچ تي هڪ محراب پڻ موجود آهي، جيڪو نهايت سهڻي نموني ٺاهيو ويو آهي. نئين طرز جي ان محراب کي سينگارڻ لاءِ سفيد شيشو ۽ سائي، ڳاڙهي ۽ ڪاري فارميڪا جا مختلف ڊزائين ۾ ڪٽيل ٽڪرا ڪتب آندا ويا آهن. فارميڪا جي اهڙي بناوت جو ڪم گهڻو وڻندڙ آهي. هن مسجد جي اڏاوت نهايت مضبوطيءَ سان ڪئي وئي آهي. هن جا بنياد ڪيترائي فوت اونها آهن ۽ انهن ۾ روهڙيءَ جي ٽڪرن جو پٿر ڪم آندو ويو آهي. ان کان سواءِ مسجد جون ديوارون به نهايت ٿلهيون آهن. انهن جي ٿولهه پنج فوٽ کن ٿيندي. درياءَ جي پائڻ ڪري اڏاوت جو اهڙو مضبوط ڪم ڪيو ويو آهي. انهن سڀني ديوارن کي بنيادن کان ويندي مٿي چئن فوٽن تائين هلڪي نيري Touch وارن ٽائيلن سان سينگاريو ويو آهي. مسجد جي سڀني ديوارن جي تعمير ڳاڙهين سرن سان ٿيل آهي. اڌ فوٽي، اهي ڳاڙهيون سرون نهايت سنهيون ۽ نفيس آهن. سکر ۽ روهڙيءَ ۾ مغل دور جون جيڪي به عمارتون موجود آهن، تن ۾ اهڙيون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. هن مسجد جي ديوارن۾ استعمال ڪيل اهڙين ڳاڙهين سرن مٿان ڳچ گاري جو نهايت ٿلهو تهه ڏنو ويو هيو. 1902ع ۾ جڏهن هن مسجد جي ٻيهر مرمت ڪرائي وئي ته ديوارن جي اکڙيل حصن کي سڻيءَ ۽ چوني جي ٿلهي ليپي سان مضبوط ڪيو ويو. بعد ۾ وري ديوارن کي سيمنٽ سان ڏاڍو ڪيو ويو آهي. مسجد جي اندر گنبذن جون گولايون نهايت سنهين، سرن مان ٺاهيون ويون آهن. انهن گولاين جي چئني پاسن کان ڪشاديون محرابي بناوتون يا ڊزائنون ان دور جي اڏاوتي طرز جو هڪ بهترين مثال آهن. مسجد وار مبارڪ جي مرمت جو گهڻو ڪم 1902ع ۾ مرزا قلب علي خان ڪرايو هو. مرزا صاحب، شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ جو نياڻو هيو ۽ ان وقت روهڙي تعلقي جو مختيار هيو. سال 1902ع ۾ برطانيا جي بادشاهه ايڊورڊ جي تاجپوشي ٿي هئي. پاڻ ان موقعي تي حڪم جاري ڪيو هئائين ته ننڍي کنڊ ۾ موجود مغل دور جي سڀني عمارتن جي مرمت ڪرائي وڃي. اهڙيءَ طرح سکر ۽ روهڙيءَ ۾ موجود مغل عمارتن جا ڀاڳ ڀلا ٿيا ۽ هن مسجد جو وارو به نيارو ٿيو. مرزا قلب علي خان ذاتي دلچسپي وٺي سڀ کان پهرين درياءَ سان ملندڙ ديوارن کي مضبوط ۽ اوچو ڪرايو، وضو خانو ٺهرايو، پنجن ئي گنبذن تي بجريءَ ۽ سيمنٽ جا ٿلها تهه ڏياريا ۽ ٽنهي دروازن تي ساڳوان جي ڪاٺيءَ جا سادين ذزائنن وارا دروازا وجهرايا. تازو ئي انهن دروازن تي سنهي رندي جي ڇلائي ڪرائي مٿان پالش ڪرائي وئي آهي. ڄڻ ته ا هي دروازا نوان نڪور آهن. نه رڳو ايترو پر مرزا صاحب پاڻ نصرپور وڃي ٽائيل وٺي آيو هيو، اهي خوبصورت ٽائيل اڄ به هن مسجد جي سونهن ۾ واڌارو ڪيو بيٺا آهن. ان کان سواءِ مرزا صاحب، هلڪن ناسي ٽائيلن سان مسجد جي اندرئين منڊپ جي فرش بندي پڻ ڪرائي هئي. ان کان پوءِ روهڙيءَ جي مخدومن پاران مسجد جي مرمت جو ڪم وقتن فوقتن ٿيندو پئي رهيو آهي. مسجد جي اندران مٿي وڃڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ پڻ ٺهيل آهي. مسجد جي هڪ ڪنڊ تي مٿي ڇت تي درياءَ واري پاسي کان هڪ ننڍڙو منبر به ٺهيل آهي، جنهن جي ڀرسان بيهي ٻانگو، ٻانگ ڏيندو هيو. هن مسجد کي ٽي گول گنبذ آهن. وچون طوطائي رنگ جو وڏو گنبذ ڏاڍو سهڻو ٺهيل آهي ۽ ان جو گهيرو ويهارو فوٽ کن ٿيندو. ان گنبذ جي مسجد جي بنيادن کان اوچائي ٽيهارو کن فوٽ ٿيندي ان مرڪزي گنبذ جي ٻنهي پاسن کان ٻه ننڍا گنبذ پڻ موجود آهن. انهن ٽنهي گنبذن جي مرمت به مرزا قلب علي خان ڪرائي هئي. مسجد جي مهاڙي واري ديوار ۽ گنبذ جي چوڌاري ڪنگرن بدران اڇي رنگ جا ڄاريدار ڊزائنن وارا نمونا ڪتب آندا ويا آهن، جيڪي ڪافي سهڻا لڳن ٿا. هن مسجد کي” مسجد وار مبارڪ“ ان ڪري چيو ويندو آهي جو ڪجهه عرصي لاءِ حضور ﷺ جن جو وار مبارڪ هن مسجد ۾ رکيو ويو هيو. روايت آهي ته ميان عبدالباقي صديقيءَ هڪ عرب عورت سان شادي ڪئي هئي، جنهن کي سندس سهري شيخ نظام الدين سن 952 هجريءَ ۾ استنبول ۾ اهو وار مبارڪ سوکڙيءَ طور ڏنو هيو. چاليهن سالن کان پوءِ جڏهن هيءَ مسجد ٺهي ته اهو وار مبارڪ ان ۾ رکيو ويو. جيئن ته وار مبارڪ جي زيارت لاءِ زيارتين جي مسجد ۾ اچ وڃ گهڻي ٿي وئي، تنهن ڪري مسجد کان سڏ پنڌ تي اولهائين پاسي کان 25X 25 هم چورس فوٽن جو هڪ ڪشادو ڪمرو ٺهرايو ويو. اهو ڪمرو يا ننڍڙي عمارت 1545ع ۾ مير محمد ڪلهوڙي ٺهرائي هئي. ان عمارت جي خوبصورت ناسي دروازي تي خلفاءِ راشدين جا نالا ۽ دروازي جي ٺهڻ جو سن پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو دروازو ذوالفقار علي ڀٽي جي ڏاڏي ٺهرايو هيو. ان ئي ننڍڙي ڪمري ڀرسان وار مبارڪ لاءِ هڪ منفرد ۽ سهڻي عمارت اڏائي وئي آهي. ان عمارت جو ڪم پير صبغت الله شاهه اول ڪرايو هيو. ان عمارت جي سڃاڻپ هڪ سائو گنبذ آهي. جنهن جي اندرئين حصي ۾ آيت الڪرسي ۽ چار قُل شريف نهايت وڻندڙ نموني ۾ لکيل آهن. نبي پاڪ ﷺجن جي سونهاري مبارڪ جي هن وار مبارڪ جي زيارت هر جمعي کان علاوهه، ذوالحج جي ڏهن ڏينهن ۽ خاص خاص موقعن تي ڏاڍي عزت ۽ احترام سان ڪرائي ويندي آهي. وار مبارڪ وڏيءَ حفاظت سان رکيل آهي ۽ هڪ ٽه جوڙيءَ ۾ محفوظ آهي. روهڙيءَ جي مخدوم برادري وار مبارڪ کي سنڀاليندي آهي. مخدوم برادريءَ جا ٽي خاندان هر ٽن مهينن لاءِ ان وار مبارڪ کي سنڀاليندا آهن. مخدوم خاندان جو ڪو به ماڻهو زيارت وقت ان وار مبارڪ کي مٿان ٽه جوڙيءَ مان ڪڍي هيٺ هڪ وڏي شوڪيس ۾ اچي ويهندو آهي ۽ ان جي زيارت ماڻهن کي ڪرائيندو آهي. وار مبارڪ هڪ سون جي دٻليءَ ۾ رکيل آهي. اها دٻلي هڪ ننڍڙي قلم دان جيتري مس ٿيندي. ان دٻليءَ مٿان يا قوت ۽ زمرد مڙهيل آهن. اها دٻلي رياست خيرپور جي حڪمران مير علي مراد خان ٽالپر سوکڙيءَ طور ڏني هئي. ان دٻليءَ کي چوڏهن پوتڙين ۾ويڙهيو ويو آهي. ان جي اندر سون جي سنهڙي پٽ جي ٺهيل هڪ سوڙهي نڙي پيل آهي، جنهن ۾سون جي ڏٽيءَ مٿان وار مبارڪ ظاهر ٿيل آهي، وار مبارڪ جي زيارت مهل دل ۾ ياد ڏاڍيان درود شريف پڙهندا آهن. هن وار مبارڪ جي ڪري ئي ماڻهو روهڙيءَ کي تقدس وچان روهڙي شريف به چوندا آهن.
ان وار مبارڪ جي باري ۾ اڳ صرف ايتري خبر هئي ته روهڙي ۾ وار مبارڪ آهي ، مگر تفصيلي ڄاڻ نه هئي ، تفصيلي ڄاڻ ونڊڻ لاءِ لک قرب
سهڻو ليک .... غلام مصطفى سولنگي سان ڪجهه ڏينهن اڳ ملاقات ٿي هئي. پاڻ ٻڌايائون ان قسم جا ڪافي ليک هن وٽ موجود آهن ۽ مان سمجهان ٿو ان تحقيق کي شايع ڪرڻ گهرجي ... پر هتي سفارشي ڪلچر تباهي ڪري ڇڏي آهي ۽ اهڙو ناياب ڪتاب به سرڪاري ادارا ڇپرائڻ کان لنواين پيا.
ادا منصور سرور السلام عليڪم !سائين منهنجا لاجواب معلومات ڏئي توهان تمام گهڻا قرب ڪري ڇڏيا. الله پاڪ اوهان کي ان جو اجرڏيندو.اسان به ادا سليمان وساڻ جن سان هم خيال آهيون ته سائين غلام مصطفي سولنگي صاحب جن جي محنتن کي ڪتابي صورتن ۾ آندو وڃي.