ڇا توهان به امڙ جون تيار ڪيل گرما گرم مانيون مِس پيا ڪريو... ؟ يا وري گول مول ماني پچائڻ توهان جي وس ۾ ناهي....؟ مٿيون ٻئي ڳالهيون هجن نه هجن پر سست ۽ ڪاهل ماڻهن لاءِ ماني تيار ٿي ملڻ ڪنهن وڏي نعمت کان گهٽ ناهي... ۽ اهڙن ماڻهن لاءِ وڌيڪ آسان بڻايو آهي.. روٽيميٽڪ نالي دنيا جي پهرين خود ڪار روبوٽ .. جيڪو رڳو هڪ منٽ ۾ گرما گرم ماني سابه بلڪل گول مول... تيار ڪري سگهي ٿو... يقين نه اچي ته هي وڊيو ڏسو...
ادا پاڪستان ۾ مارڪيٽ ۾ روٽي ميٽڪ موجود آهي؟ ۽ گهڻي قيمت اٿس؟ بس يار هڪ ڊِڄُ آهي ته روبوٽ ۾ پاڻي ۽ اٽو وجهڻ کانپوءِ اگر بجلي هلي وڃي ته !
هي سنگاپور جي ڪمپني جو تيار ڪيل آهي... پاڪستاني مارڪيٽ ۾ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو اٿن پر اڃان قيمت متعارف نه ڪرائي اٿن... ها البته http://karachi.olx.com.pk/ تي موجود آهي..
ادا اوهانجي موڪليل لنڪ تي هن جي قيمت پنج هزار آهي ، پر اهو روٽي ميڪر جي نالي سان ٻي مشين آ ، روٽي ميٽڪ نظر نه آهي http://karachi.olx.com.pk/8-by-8-roti-maker-in-pakistan-iid-679888532
ٿوري دير سرچ ڪرڻ کانپوءِ روٽي ميٽڪ جي آفيشل لنڪ ملي ، انهنکي ميل ڪئي آهي اگر 100 ڊالرز تائين شپنگ چارجز سميت پهتي ڪنٿا ته ٻٽي مشينيون گهرائيندس ، مونکي ڏاڍي وڻي ، ۽ دوستن کي به پسند آئي