• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي انسٽال ڪرڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو آهي

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
ساٿيو مون وٽ ايم ايس آفيس 2003 ھئي آفيس پاران ميل وغيره ايم ايس آفيس 2007 جون اڪثر اچڻ ڪري مون کي آفيس 2007 انسٽال ڪرڻي پئي. ھاڻي مونکي سنڌي انسٽال ڪرڻ ۾مسئلو ٿي رھيو آھي آئون اڪثر قابل احترام سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جي پاران ٺاھيل سنڌي سافٽ ويئر انسٽال ڪندو آھيان جيڪو ھيٺين طريقي مطابق ھوندو آھي ۽ آسانيءَ سان انسٽال ٿي ويندو آھي. پر ان ۾ انپٽ لينگئيج جي ڊرپ باڪس مان فارسي (يا اردو يا عربي) منتخب ڪرڻ وارو آفيشن نه ٿو اچي. مطلب 5 نمبر کان مسئلو ٿي رھيو. اميد ته ساٿي مسئلي جو حل ٻڌائي آساني ڪندا.

ساٿين کي مسئلي کي آسانيءَ سان سمجھڻ لاءِ سڀئي آفيشن ڏجن ٿا:

1. سڀني کان اڳ ۾ ڪنٽرول پينل ۾ وڃي ريجنل ۽ لينگئيج آپشنز کولي، ان ۾ لينگئيجز جي ٽيب تي ڪلڪ ڪيو ۽ ڏسو ته سپليمينٽل لينگئيج سپورٽ ۾ ”انسٽال فائلز فار ڪامپليڪس اسڪرپٽ...“ وارو باڪس چيڪ ٿيل آهي. جي نه ته ان کي چيڪ ڪيو ۽ اپلائي جو بٽڻ دٻايو ته جيئن عربي رسم الخط جي سپورٽ انسٽال ٿي وڃي ۽ سنڌي لکي سگھجي.

2. جڏهن سپورٽ انسٽال ٿي وڃي ته ايم بي سنڌي انسٽالر کي رن ڪيو.

3. هڪ ڀيرو وري ڪنٽرول پينل مان ريجنل ۽ لينگئيج آپشنز کوليو ۽ هن ڀيري Details... جي بٽڻ کي دٻايو.

4. هاڻي توهان جي آڏو Text services and input languages وارو ڊائلاگ باڪس اچي ويندو جنهن مان توهان Add... جو بٽڻ دٻايو.

5. هاڻي توهان ان مان انپٽ لينگئيج جي ڊرپ باڪس مان فارسي (يا اردو يا عربي) منتخب ڪيو.

6. ساڳي ئي ڊائلاگ باڪس جي ڪيبورڊ لي آئوٽ واري ڊراپ باڪس ۾ وڃي MBSindhi ڪيبورڊ منتخب ڪيو ۽ هاڻي OK جو بٽڻ دٻايو. ٻين کليل ڊائلاگ باڪسز جا Apply ۽ OK جا بٽائڻ دٻائي انهن کي به بند ڪيو.
 
ادا توهان وٽ انپٽ لئنگيج ۾ ٻيون ٻوليون (لئنگيجز) ڏيکاري پيو ؟؟
توهان جي سي.ڊي ۾ مسئلو آهي جيڪو ايشين ٻولين کي انسٽال نه پيو ڪري.
سڀ کان پهريان توهان سي ڊي مٽائي پو انسٽال ڪري ڏسو.

يا وري هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪريو. اگر مسئلو اڃا به برقرار رهي ته ٻيهر پُڇي سگهو ٿا.

ايڪس پي ۾ سي ڊي کان سوا لينگوج فائل ڪري سًگهجن ٿا؟

جيئن ته مائڪروسافٽ وارن ونڊوز ايڪس پي سروس پيڪ 2 جي سپورٽ ختم ڪري ڇڏي آهي ان ڪري انهن پنهنجي ڊيٽابيس مان فائيلز ريموو ڪري ڇڏيون آهن۔ ها البته سروس پيڪ 3 جي سپورٽ 2014 جي شروع تائين موجود آهي۔۔۔ پر ٿوري ڳولا کان پوءِ مون کي هڪ لنڪ مليو آهي۔۔۔
توهان هتي ڪلڪ ڪري ايشين لينگويج فائيلز ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ انسٽاليشن دوران لوڪيشن ڏيو۔۔ ڪم ٿي وڃي ته آگاهي ڏيندا ته جيئن ٻيا به فائدو وٺي سگهن
 
پر آفيس 2003 يا 2007 جي انسٽاليشن سان ايم بي سنڌي پروگرام جو ڪهڙو تعلق...؟
ڇا توهان ونڊوز جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو ته پهريان ايڪس پي 2003 ۽ هاڻي ونڊوز 7 انسٽال ڪئي اٿوَ...؟
ياد رهي ته ايم بي سنڌي پروگرام هڪ ئي وقت هر قسم جي آفيس ورجن سان ڪمپيٽيبلٽي رکي ٿو... ها البته ونڊوز ايڪس پي، 7 ۽ 8 لاءِ الڳ ورجن آهن...
 
10537832_10204273829276027_4096434946090518255_n.jpg

انپٽ لينگئيج جي ڊرپ باڪس مان فارسي (يا اردو يا عربي) نه پئي منتخب ٿئي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مهرباني ادا بس الله ڪئي موچاري هڪ دوست جي مدد سان ڪم ٿي ويو. کيس ان فيلڊ ۾ تجربو به هوس. اسان جو ڀلو ٿي ويو. لک قرب سنگت جا.
 
Back
Top