• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

HP Deskjet 1050 پرنٽر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
ادا مون وٽ HP Deskjet 1050 J410 آهي اهو اسڪين ته سهي پيو ڪري پر پرنٽ صاف نه آهي. اِنڪ به صحيح آهي. ۽ ڪلر اِنڪ به نٿو کڻي.
2vhzos4.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
توهان وٽ ونڊوز ڪهڙي آهي...؟
توهان پرنٽر جا ڊرائيور ڪيئن انسٽال ڪيا آهن...؟
ڇا توهان پرنٽر پراپرٽيز مان ڪلر ٽيب مان پرنٽ ان ڪلر چونڊيو آهي...؟

original
 
ونڊو ايڪس پي آهي.
ڊرائيور ته سيٽ اپ ۾ آهي. اهو ئي ڪيو آهي.
پراپرٽييز به اها ئي آهي.
 
ادا اوهان جي پرنٽر جي هيڊ ۾ ڪا خرابي لڳي رهي آهي، اهو مسئلو عمومي طرح سان هيڊ جي ڪري ايندو آهي
هيڊ کي هٿرادو طرح سان صاف ڪرڻ لا ڪارٽيج ڪڍي ٿورو گرم پاڻي کڻي ان ۾ صاف ڪپهه ٻوڙي ڪارٽيج لڳڻ واري جڳهه کي صاف ڪريو ۽ ايسيتائين صاف ڪندا رهو جيستائين ڪپهه تي مس جا نشان اچڻ بند ٿي وڃن، ان کان پو ڪجهه دير سُڪڻ لا ڇڏيو ۽ ڪارٽيج لڳايو متان هلي وڃي.
 
اسلام عليڪم
توهانجي انڪجيٽ ڪارٽريجز جي هيڊ صاف نه آهي، ان کي ڪاٽن پاڻي ۾ ٻوڙي چڱي طرح سان صاف ڪريو اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو، اگر هيڊ بالڪل بند آهن ته ڪارٽريج نوان وٺو.
 
ادا ڪلر ڪارٽيج ڊميج آهي. سڀني دوستن جي مهرباني.
باقي بليڪ صاف ڇو نه آهي؟؟
 
1.ادا بليڪ ڪارٽريج جو هيڊ صاف ڪريو، ٿي سگهي ته سي ٽي سي نالي هڪ ڪيميڪل ملندو آهي ان سان صاف ڪريوس، چڱي طرح صاف ڪرڻ کانپو هڪ صاف اڇي پني تي ان جي هيڊ کي ٿورو زور سان رکو، اگر هيڊ جيترو بالڪل ڪارو نشان ٺهي ته هيڊ ڪم ڪندي، انشاالله، اگر پو به ٽٽل نشان ٺهي ته نئيڻ ڪارتڙيج وٺڻِ پوندي.
2. ادا ايڇ پي جي سافٽ ويئر ۾ سروسز ۾ ڪلين هيڊ جو آپشن هوندو آهي ان کي هلايو بار بار هلايو تيستائين جو صاف ٿي وڃي پو الائينمنٽ نه هلايو پراپرلي الائنمنٽ ڪريوس اميد ته ڪم ٿي ويندو.انشاالله.
 
مهرباني ادا ڪارٽريج کي مارڪيٽ موڪليو آهي.
ڪنهن دوست کي ليزر پرنٽر جي خبر آهي يا استعمال ڪيو آهي؟
اهو ڪيئن آهي؟ مون اهو خريد ڪرڻ جو سوچيو هو پر ڪنهن چيو اهو انڪ واري کان بهتر ناهي، ڇا واقعي؟؟
 
Back
Top