• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

16 جي بي يو ايس بي هٿن مان پئي وڃي ڪو دوست مدد ڪري.

رياض ملڪاڻي

سينيئر رڪن
ساٿيو مون پنهنجي 16 جي بي يوايس دوست جي ڪمپيوٽر ۾ لڳائي وري جو پنهنجي ڪمپيوٽر لڳايم ته صفا خير. نه ڪو فارميٽ ٿي ٿئي ۽ نه کلي ٿي. ڊاس ۾ به فارميٽ ڪرڻ جو هر طريقو ڪيو آهي پر يو ايس بي چئي ٿي اها منٿ منهنجي مڃڻ کان مٿي آ. خير! ماٺ مون به ناهي ڪئي سنڌ سلامت تي يو ايس بي جي هر منٿ مڃائڻ وارا دوست ويٺا آهين سو دوستو منهنجي يو ايس بي کي مڃائي ڏيو. واعدو ٿو ڪريان رمضان ۾ فلمون يا گانان ڪونه لڳائيندس. مهرباني
pic1.png
pic2.png
pic3.png
 
ادا اِتي ته ڪُل خير لڳو پيو آهي ! :) . يو.ايس.بي لڳائڻ کان پو ان جي ميموري ٻڌائي ٿو ؟؟
مثال : استعمال ڪيل ميموري هيتري ۽ باقي رهت ميموري هيتري !.. اگر ٻُڌائي ٿو ته ٺيڪ نه ته پو توهان جي يو.ايس.بي کي ڪينسر جو مرض سمجهبو. جنهن جو علاج تمام مشڪل آهي ۽ ٺيڪ ٿيڻ جي به گارنٽي نه آهي .
 
دوستو مهربان ڀا فاروق سومرو جنهن ڪجهه ته آسرو ڏنو. هاڻ اهو سافٽر آزمائيون ٿا الله فقرائن جي ٻڌي وٺي ٿو. انشاالله صحيح ٿي ويندي نه ته ٽي سي ڪري عبيدالله وٽ موڪليندس پاڻهي صحيح ڪري ڏيندو جو مرض جي خبر پئجي وئي اٿس ته ڪينسر آهي. باقي يونس کان زور آهي.
 
دوستو فاروق سومرو جو به ٻڌايل سافٽ وئير لڳائي ڪوشش ڪيم پر ٻيو مڙئي ٿيو خير! اڃان ڪو ساٿي پنهنجو قيمتي مشورو ڏيڻ چاهي ته ڏي نه ته خدا ڪارڻ خيرات ڪري ڇڏيان. ....
هي هارڊويئر جو مسئلو لڳي پيو ڪو دوست جيڪو هارڊويئر بابت معلومات رکندو هوندو يو ايس بي جهڳاڙ اسپيشلسٽ هوندو اهو ئي بهتر مشورو ڏيئي سگهي ٿو.
pic4.png
 
هارڊ ويئر جي باري ۾ منتظم اعلى ڄاڻي ٿو. پر پاڻ هن وقت الائي ڪهڙي دنيا ۾ پيو گهمي. :)

ادا ٽي.سي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. توهان کي حل ڳولهي ڏيندس.. انشا الله ڪٿان نه ڪٿان جُڳاڙ ضرور نڪرندو..
 
Back
Top