چوپائي مال جي سائنسي پالنا

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    چوپائي مال جي سائنسي پالنا ​


    هن جانور پيدا ڪيا هن ۾ توهان لاء پوشاڪ به آهي، ۽ خوراڪ به،۽ طرح طرح جا فائدا به۔انهن ۾ توهان لاء جمال آهي،جڏهن توهان صبح جو انهن کي چرائي لاء موڪليو ٿا، جڏهن ته انهن کي شام جو واپس آڻيو ٿا۔ القرآن

    [​IMG]
    ڪروڙِن ڪرم انهي ڪريم جا جنهن انسان کي عقل ڏئي پيدا ڪيو، ۽ ان جي آرام ۽ آسائش لاء ڪروڙين نعمتون پيدا ڪيون، انهن نعمتن مان چوپايو مال به هڪ وڏي نعمت آهي، جنهن جو جيترو شڪر ڪجي اوترو گهٽ آهي.
    شايد انسان ۽ چوپائي مال جو تعلق تڏهن کان قائم آهي، جڏهن کان هي دنيا وجود ۾ آئي،آهي اهيو پڻ چيو وڃي ٿو ته جڏهن حضرت نوح عليه سلام جن پنهنجي ٻيڙي تيار ڪئي هئي ته ان ۾ به هر جانور ۽ هر پکي جو جوڙو جوڙو پڻ کنيو هئائين۔۽ جانورن ۽ پکين جو ذڪر اسان جي مذهبي ڪتابن ۾ پڻ ملي ٿو، قرآن پاڪ ۾ ارشادِ پاڪ آهي ته ترجمو ـــــ ( هن جانور پيدا ڪيا هن ۾ توهان لاء پوشاڪ به آهي، ۽ خوراڪ به،۽ طرح طرح جا فائدا به۔انهن ۾ توهان لاء جمال آهي،جڏهن توهان صبح جو انهن کي چرائي لاء موڪليو ٿا، جڏهن ته انهن کي شام جو واپس آڻيو ٿا۔ ). ۽ جڏهن اسان پنهنجي سنڌ ڏانهن نظر ڪيون ٿا ته خبر پوي ٿي ته سنڌ ۾ به هزارن سالن کان چوپايو مال پاليو ۽ ڌاريو وڃي ٿو جنهن جو ثبوت ڇهه هزار سال پراڻي تهذيب موئن جي دڙي مان پڻ ملي ٿو۔ چوپائي مال جي نعمت سان سنڌ کي قدرت پڻ مالا مال ڪيو آهي۔ ۽ قدرت سنڌ مٿان مڙئي مهربان رهي آهي۔
    . ۽ سنڌ جو چوپايو مال پڻ پوري دنيا ۾ مشهور آهي، پر اسان جي سنڌ ۾ چوپائي مال ۾ مينهن جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو ۽ مينهن جي قسمن مان وري ڪاري ڪنڊي تمام گهڻو مشهور آهي، سنڌ جي ڪنڊي کي ته سنڌ جي سدا بهار صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي به تمام سهڻي نموني سان ڳايو آهي،
    سنڌ ۾ مينهن ڌارڻ ۽ ان جي خدمت ڪرڻ جو شوق تمام گهڻو پايو وڃي ٿو سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهون آهن جن وٽ سوِن جي تعداد ۾ مينهون آهن، سنڌ جا ٻه ته مشهور فنڪار آهن الڻ فقير ۽ جلال چانڊيو جن وٽ پڻ وڏي تعداد ۾ مينهون هونديون هيون ، ۽ اهي نه صرف مينهون رکندا هئا پر انهن جي خدمت به پاڻ ڪندا هئا، ۽ انهن جي چوڻ مطابق ته اسان کي مينهن جي خدمت ڪرڻ ۾ سڪون ۽ ڪرار ايندو آهي.
    اسان جي سنڌ اندر چوپائي مال جي خدمت ۽ پالنا ته ڪئي پئي وڃي مگر سائنسي طريقي سان نه پئي ڪئي وڃي، ، ۽ جنهن جي ڪري گهڻو نقصان به اسان جي سنڌ جي مالوند ماروئڙن کي ئي ٿئي ٿو،
    سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان توهان لاء ڪجهه وڊيوز آندا آهن جنهن ۾ چوپائي مال جي سائنسي طريقي سان پالنا، ۽ سار سنڀال جا طريق ٻڌايا ويا آهن ۽ توهان انهن کي ڏسو ۽ جيترو ٿئي سگهي اهيا ڄاڻ انهن ماڻهن وٽ پهچايو جن کي ضرورت آهي۔ .بس پوء دير ڇا جي اچو ته هي وڊيوز ڏسون.
    http://www.youtube.com/watch?v=0aer7MFIYQk
    http://www.youtube.com/watch?v=zp_B3SngJoU&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=ax0108is2lU&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=luQ-SflKJS8&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=FGyaR2LwEBk&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=JX2pn_3e58E&feature=related
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: چوپائي مال جي سائنسي پالنا

    واه واه زبردست ادا مولا اوهان کي آباد ڪري تمام سٺو،
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: چوپائي مال جي سائنسي پالنا

    ادا ممتاز هميشه جيان جاندار موضوع کڻي آيا آهيو
    يقينن اهي دوست اسان جا جن جا واڙا آهن ڪراچي يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اهي انهن وڊيوز کان فائدو وٺي سگهن ٿا
    ان کان علاوه جيڪي ماروئڙا ڌنار اسان جا آهن اهي ته سائين پنهنجي مڙسي تحت سالن کان اهو ڪم ڄاڻن ٿا ۽ صحيح طريقي سان جانورن جي پالنا به ڪرن ٿا ڳاٺاڻي ماحول ۾ انهن اهي سائنسي طريقا ڪڏهن ڏٺا به نه آهن

    ادا الله اوهان کي سدا سلامت رکي
    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو