عيد ۽ سنڌ حڪومت جوڪارنامون زندھَ بادِ سنڌ حڪومت استادن خلاف غلط فيصلوڪندي استادن جو ٻن مهينن جو ڪنوينسِ الائونس اهو جَوازُ ڄاڻائي ڪاٽيو آهي ته استاد ٻه مهينا گرمين جي موڪل تي آهن.جڏهن سنڌ اسيمبلي جا ميمبر وَزيرَ توڙي مُشيرَ اسيمبلي اجلاسن ۾ اچن يا نه اچن انهن کي سڀئي مراعتون ملنديون پر استادن کي ڄاڻِي واڻِي پريشان ڪري کين احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪبــو لڳـــــي ٿو ته حڪومت سڳوريءَ جي هن غلط فيصلي خلاف عيد کانپوءِ استاد وري روڊن تي سراپا احتجاج هوندا ۽ نئين شروع ٿيندڙ تعليمي سال جو حڪومت سڳوري هٿ وٺي ٻيڙو ٻوڙائيندي.
جهڙي ڌوڙ تهڙي ڇائي نه حڪومت جو ڪو حال آ، نه ئي وري ماسترن ۾ ڪو حال آ.. توهان ائين سمجهو ته ٻئي گڏجي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙڻ لاء هر وقت تيار آهن..
وڏيرن بيورو ڪريسي سان گڏجي تعليم کاتي جو حال اهڙو ڪيو آهي جو اڄ سنڌ جي تعليم تباهي جي ڪناري تي آهي، اسان جا ٻچا سٺي ۽ بهتر تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته امير ڪلاس جا ٻار وڏن اسڪولن، ڪاليجن ۾ پڙهن ٿا، تنهنڪري انهن کي اسان جي ٻارن جو ڪو به لاچار نه آهي ته هو اسان جي اسڪولن کي بهتر ڪن، اهو ڪم اسان ۽ توهان کي گڏجي ڪرڻو آهي، اچو ته اسين سڀ گڏجي پنهنجي تعليم جا مالڪ پاڻ بڻجون ۽ هر هفتي اسڪولن جا دورا ڪري پنهنجي ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايون ته جيئن مستقبل ۾ اسان جي سڄي قوم هڪ تعليمي يافته قوم ۾ تبديل ٿئي استادن جي عزت ڪرٹ سکو سنڌ جي تعليم سڌري ويندي .