انسان کي زندگيءَ ۾ ننڍا وڏا پڇتاءُ ضرور ٿين ٿا، ڪي اهڙيون خواهشون تمنائون ۽ توقعات هجن ٿيون، جيڪي پوريون نه ٿيڻ تي به پڇتاءُ رهي ٿو. پر شعور واري ماڻهوءَ کان جيڪڏهن ڪي غلطيون ٿين ٿيون ته اهي هميشه پڇتاءُ بڻجي ان کي چهنڊيون پائينديون رهن ٿيون. سو مان به اعتراف ٿو ڪريان ته هڪ ڀيرو سنڌ جو ليجنڊري اداڪار نور محمد لاشاري مون وٽ آيو ۽ اچي ترسيو. صبح جو چيائين ته پنهنجو ننڍڙو ساڻ ڏي ته واڪ تي وڃان، سو پنهنجو ننڍڙو ڪامران کيس ساڻ ڏنم. هو منهنجي ڳوٺ کان سچل جي درگاهه درازن تائين واڪ ڪري موٽيو ته، اچڻ سان ئي ميار ڏنيائين ته آءُ تو تي ناراض آهيان. چيائين ته افسوس آهي ته تنهنجو ننڍڙو هڪ سنڌي اديب، شاعر، پروفيسر جو پٽ آهي پر کانئس جڏهن رستي ۾ پڇيم ته هڪ هيءُ ڇا جو وڻ آهي ؟ ڇا جو ٻوٽو آهي ته ڪرڙ، ڪانڊيرو ۽ لئو سڃاڻي نه سگهيو. سو اها ڳالهه مون کي اڄ به چڀندي رهي آهي نه رڳو پنهنجي اولاد پر پنهنجي دوستن کي به صلاح ڏيندو رهيون آهيان ته اهي پنهنجي اولاد کي ثقافت وڻن ٽڻن ۽ ٻوليءَ کان با خبر رکن.