فٽ پاٿ (نورالهدى شاهه)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    فٽ پاٿ
    نورالهدى شاهه

    هيءَ هڪ اهڙي پندڙ عورت جي ڪهاڻي آهي جيڪا فٽ پاٿ تي هڪ ٻار کي جنم ڏئي ٿي. پر جيئن ته انهي ٻار کي ڪو قبولڻ لا تيار نه هوندو آهي. تنهنڪري انهي کي ناجائز ليکيو ويندو آهي. نيٺ اهو ٻار هڪ رات ڪتا پيا پٽيندا آهن.
    .................
    برسات جي راتين ۾ جڏهن فٽ پاٿ تي ڦڙڦوٽ پوندي هئي ۽ هر ڪو پنهنجو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اجها پيو ڳوليندو هو، تڏهن انهن بيمار جسمن کي جن ۾ ڍونڍ جهڙي باس هوندي هئي، ڪير به اجها نه ڏيندو هو. اهڙي راتين ۾ هن جي جوان وجود کي اَجهو ملندو هو، ان جي صلي ۾ هن کي پنهنجو پاڻ وڪڻڻو پوندو هو. ڪيترا ڏينهن پنڻ جي باوجود ڪجهه ڀي نه ملندو هوس، تڏهن هو پنهنجو پاڻ وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويندي هئي ۽ پوءِ هر روز چند ٽڪن تي نون نون خريدارن جي ٻانهن ۾ هوندي هئي. هن جو ڪوئي ڪونه هو، هن جڏهن اک پٽي ته هو فٽ پاٿ تي رهندي هئي. پنندي هئي. انهيءَ ئي فٽ پاٿ تي اڄ به زندگي ٿي گذري. هن جو ڪوئي ماضي يا مستقبل ڪونه هو، نه ئي حال هئس. هوءَ هئي ۽ زندگيءَ هئي. ڪڏهن فٽ پاٿ جي پٿرن تي ڪڏهن عاليشان بيڊرومن ۾. پر ائين به ٿيندو؟ اها ته کيس ڄاڻ ئي ڪانه هئي ۽ اڄ جڏهن هن جي چيڀاٽيل وجود مان هڪ نئين وجود جنم ورتو ته هو سوچڻ لڳي ته هن جو مالڪ ڪير آهي. پر هن جي اڳيان ته پوري پلٽڻ هئي. ڪنهن جي سڃاڻپ ڪري.
    ”گند جي ڊرم ۾ اڇلائي ڇڏينس.“ ڪنهن صلاح ڏني. هن ڪا وراڻي ڪانه ڏني. سڀئي هن کي تڪي رهيا هئا ۽ هوءَ اکيون ٻوٽيو پئي هئي، سانت ٿي وئي. ڪي هاڻ ٿڪجي پيا هئا ۽ واپس رڙهي پنهنجي جاءِ تي هليا ويا. ٻه پوليس وارا گشت ڪندا پاڇن جيان لنگهي ويا. هنن کي ڄڻ نانگ سونگهي ويو، جيڪر پوليس واري کي خبر پوي ته سڀني کي وڏي گهر وٺي وڃي.
    ”گهٽو ڏئي ماريانس.“ دائي سرٻاٽ ڪيو.
    ”اڌ مئل ته آهي، کڻي ماري ڇڏينس.“ ڪنهن صلاح ڏني. بصران خاموش هئي. نئين وجود هلڪڙي وائون وائون ڪئي، هو سڀ ڇرڪي پري ٿيا، ڄڻ راڪاس اچي ويو هجي. پوليس وارن جي بوٽن جا ٺڪاءُ ٻڌي دائيءَ جهٽ ڪري کڻي هٿ هن جي وات تي رکيا.
    ”اڄ ته پڪ جهلياسون... بصران اسان جي روزيءَ تي ضرور لت هڻندي.“ ڪنهن خارن منجهان چيو.
    هو چپ رهي، ڪنهن اوچيءَ هستي جيان ماٺ.
    ”اَئي هاڻ ڦاٽ، آخر ڄائي اٿئي سو ڪيڏانهن ڪندينءَ؟“ مختلف سرٻاٽ هن جي ڪنن تي پئي پيا.
    ”ماٺ ڪري ڏينس گهٽو.“ ڪنهن چيو. دائيءَ چور نظرن سان عزرائيل جيان بصران کي ڏٺو، بصران ڄڻ ڏري پئي. اُمالڪ ڪانوَ جيان ٻار کي جهٽي ورتائين، سڀني جي آڏو ڪنهن شرم ۽ حيا کانسواءِ ڇاتيءَ تان ڦاٽل چولي کڻي ٿڃ ڏيڻ لڳس ۽ هوءَ به چُس چُس ڪري پيئڻ لڳي. سڀني هڪ ٻئي کي اچرج وچان ڏٺو. بصران هٿن جو سهارو وٺي ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويٺي. هن جي هيٺيان گندي پاڻيءَ جو نالو وهي رهيو هو.سندس چولو گندي پاڻيءَ سان پُسڻ لڳو، پر سندس جذبن اهڙي اٿل کاڌي هئي جو هوءِ هر شيءِ کان کن پل ۾، بي نياز ٿي وئي هئي ۽ سندس تخليق سندس ڇاتيءَ ۾ چنبڙي پئي هئي ۽ ٿڃ ائين ڌائي رهي هئي ڄڻ پوءِ ڪڏهن ڀي نه ملندس. سانت ۾ چُس چُس جو آواز پئي گونجيو. سڀني جون اچرج وچان ڦاٽل اکيون بصران تي کتل هيون.
    بصران ڇو ٿي اسان جو اَجهو وڃائين. پوليس ڏسندي ته اسان جو به ٻيڙو ٻوڙيندي.“ ڪنهن ڊپ جو اظهار ڪيو.
    سڀئي ٻيهر رڙهي آيا، انهيءَ سوال جي جواب لاءِ سڀني ٻانهي کي ڏٺو. فٽ پاٿ ٻانهي جي جاگير هئي. هو سڀني کان چار چار آنا وٺندو هو ۽ پوليس کي ٽاريندو هو. سندس گذارو به انهن پئسن مان ٿيندو هو جنهن مان هو ڀنگ، ٻيڙيون ۽ ماني ڪندو هو. جڏهن ڀاڳ جاڳندو هوس ته ٽي چار رپيا جوا ۾ کٽي ايندو هو، نه ته فٽ پاٿ جي ڪمائي به هارائي ايندو هو.
    ٻانهي جو سڀني کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏٺو ته کيس پنهنجي جاگير خطري ۾ نظر آئي. چيائين: ”بصران هت رهڻو اٿئي ته انهيءَ ڪتي جي ٻچي کي گند جي ڊرم ۾ اڇلائي ڇڏ، نه ته پوءِ تون به هتان رواني ٿي.“
    ٻانهي حاڪماڻي انداز ۾ چيو هو. هن جي اکين ۾ ساري جهان جو ڪروڌ تري آيو. هن جو هانَو ڏڪي اُٿيو. سڀئي ٻانهي کي ائين ڏسي رهيا هئا ڄڻ داد ڏئي رهيا هجن.
    بصران ڀت کي ٽيڪ ڏيو، نيڻ نوايو پنهنجي تخليق کي ڏسي رهي هئي. سو چيائين هن ڀريل جهان ۾ مان پنهنجو پيٽ نٿي پاري سگهان، سو هن کي ڪٿان پارينديس. کن کان پوءِ ماءُ جا اُُتم جذبا سندس خود غرض سوچن تي ڳرا پئجي ويا.
    پريان پوليس جي سيٽيءَ سانت جو سينو چيريو، ٻانهو ۽ ٻيا هن کي يڪ ٽڪ ڏسي رهيا هئا.
    ”ٻڌاءِ ڇا ٿي چئين؟“ ٻانهي ڪنهن جاگيردار جيان گجگوڙ ڪئي.
    ”هي فٽ پاٿ سرڪار جو آهي، تنهن جو ڪونهي.“ بصران بي نيازيءَ سان چيو. هوءَ ڏاڍي ڪمزوري ۽ تڪليف محسوس ڪري رهي هئي پوءِ به جبل جيان اٽل ٿي بيٺي. جيتوڻيڪ سندس سَنڌ سَنڌ ڀُري رهيو هو. ڪيڏي نه تڪيلف سَٺي هئائين هن ٻار جي تخليق ڪندي، پوءِ ڪيئن پنهنجي تخليق کي اڇلائي ڇڏي.
    ”سرڪار جو آهي ته وڃي سرڪار کان وٺ.“ اهو چئي ٻانهي ٻانهن کان ڇڪي ڌڪو ڏنس ته اڇلجي وڃي رستي تي ڪري. ڏامر جي ڪاري رستي تي، هن جو بيمار وجود ڄڻ ڦٿڪي اُٿيو. سندس ڌيءَ سندسن ٻانهن ۾ ٻليءَ جيان وائون وائون ڪري رهي هئي. بصران جو مٿو ڄڻ ڦري ويو. ٿاٻڙجندي اُٿي، ڌيڻس کي هنج ۾ کنيائين. ڪنڌ کڻي ڏٺائين، سڀڪو رڙهندو پنهنجي جاءِ تي پئي ويو، بس ٻانهو اڏول ٿي بيٺو هو ۽ هن کي گهوري رهيو هو. اونداهه رات ۾ هو ڌيءُ کي کڻي نڪري آئي. سيءُ جون لهرون هن جي وجود مان سيسڙاٽ ڪري لنگهي رهيون هيون. هن اُداس نظر فٽ پاٿ تي وڌي، سڀ ائين ويٺا، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. هِن فٽ پاٿ تي هُن زندگيءَ جا ڪيترا سال گهاريا هئا ۽ اڄ ڄڻ هڪ ڊڪٽيٽر جي حڪم تي جلاوطن ٿي رهي هئي. فقط هڪ گناهه ڪاڻ، جيڪو هن دور ۾ هر ماڻهو ڪري ٿو، پر ڀوڳي ڪوئي ڪوئي ٿو.
    اهي گناهه جڏهن گهر جي مقدس چار ديواريءَ ۾ ٿيندا آهن تڏهن شرافت ۽ عزت جو ڀرم رکڻ لاءِ ائين دٻائي ڇڏبا آهن، جو ٻاهر ٻاڦ به نه نڪرندي آهي. اُهي گناهه رنڊيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندا آهن ته هو هن کي سانڍي وڏو ڪندي آهي، جو هو هن هٿ ٺوڪئي معاشري کان ڊڄي نٿي. شايد معاشرو هن کان انهيءَ ڪري ڊڄي ٿو جو معاشري جي ٺيڪيدارن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسي سگهي ٿي. ليڪن اهو ساڳيو گناهه جڏهن فٽ پاٿ تي جنم وٺندو آهي، تڏهن گناهه جسماني ۽ روحاني عذاب ٿي پوندو آهي. اڄ اهو جسماني ۽ روحاني عذاب بصران ڀوڳي رهي هئي. اهو سڀ ڪجهه هن من ئي من ۾ سوچيو هو.
    هوءَ قبر مان اُٿيل انهيءَ لاش جيان هئي جنهن جو چم ۽ ماس ڪيڙا کائي رڳو هڏ وڃي ڇڏيندا آهن. هن جو دماغ ڀوانٽيون کائڻ لڳو. ميونسپالٽيءَ جو بلب سورج جيان ٻرڻ لڳو. هو ڪيڏانهن پئي وئي، ڪائي ڄاڻ ڪانه هيس. ڪنيو ڍونڍ گهٽيون ٽپي، هو بندر روڊ تي اڇي بيٺي، جيڪو جيان جيان چپ چاپ هو. ڪيڏيءَ مهل ڪا موٽر زوزاٽ سان هن جي اڳيان لنگهيو ٿي وئي. سوچيان: ”ڪاس ڄاڻ هجيم ته هن جو پيءَ ڪير آهي؟“
    بندر روڊ جو ويڪرو رستو ٽپندي هوءَ ڇرڪي پئي. پوليس وارو هن کي چتائي ڏسي رهيو هو. هن اچرج وچان هن جي هنج ۾ رت هاڻو ٻار ڏٺو، نرڙ تي گهنڊ وجهي چيائين:
    ”ڪيڏانهن پئي وڃين؟،
    هوءَ چپ.
    ”ڀڳي آهين؟“
    هوءَ چپ رهي.
    ”هيءُ رت هاڻو ٻار ڪنهن جو آ؟“
    ”منهنجو“ هوءَ ڀڻڪي.
    ”ڪوڙ ٿي ڳالهائي. هيءُ تازو ڄاول ٻار آهي.“ ٻئي وچ ۾ ڳالهايو.
    ”ٻه ڪلاڪ اڳ مون هن کي جنم ڏنو آهي.“ هن وراڻي ڏني. پوليس وارن کي ڄڻ سڪتو ٿي پيو.
    ڀوتڻ ته نه آهين ني؟“ هڪ اچرج وچان پڇيو.
    ”ٻار چڻڻ واري ڀوتڻ ٿيندي آهي ڇا؟“ هن ٽوڪ ڪئي. ٻئي پوليس وارا شڪي ٿي پيا.
    ”حرامي ٻار آهي؟“ هڪ سوال ڪيو.
    ”مان ۽ هن جو پيءُ حرامي آهيون، هيءَ حلالي آهي.“ نئين وجود کي ڏنل گار هن کان برداشت نه ٿي. هنن ٻنهي کي پڪ ٿي وئي ته ٻار حرامي آهي.
    ”پرائيويٽ آهين؟“ هڪ سوال ڪيو.
    هن سوچيو جواب ڏيان، ليڪن هوءَ خاموش رهي.
    ”نه فقيرياڻي آهي.“ ٻئي هن جا ڇيهون ڇيهون ٿيل ڪپڙا ڏسي چيو ۽ هوءَ هنن ٻنهي جي اکرن ۾ پيڙهجي رهي هئي ۽ هنن کي ڄڻ تماشو هٿ آيو هو.
    ”مون کي وڃڻ ڏيو.“ هوءَ ڀڻڪي.
    ”هڪڙي شرط تي“ پنهنجا فرض جا ڪپڙا لاهي هو ڄڻ کن پل ۾ ننگا ٿي بيٺا.
    ”مان بيمار آهيان.“ هنن جو شود پائي کي سڃاڻندي بصران حقارت سان هنن ٻنهي کي ڏ ٺو ۽ پٽ تي ٿُڪ ائين اڇلايائين ڄڻ اها ٿُڪ سموري سنسار کي هڻي رهي هجي ۽ هوءَ اڳتي وڌي وئي، جبل جيان اٽل پئي محسوس ٿي، ٿاٻڙندي اڳتي وڌي آئي. پر تنهن پل بصران پاڻ کي ڀُرندو محسوس ڪيو هو.
    سيءُ جي سرد لهر کان هن جي ڌيءُ وڏي آواز ۾ روئڻ لڳي. انهيءَ روئڻ ۾ بصران جو وجود ٻڏندو ويو. هن پتڪڙي وجود جي تخليق لاءِ هن کي ڪيڏو ايذاءُ سهڻو پيو هو. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. هن جو دماغ ڦري رهيو هو. سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ اتي ڊهي پوندي، ڪنهن پراڻي عمارت جيان.
    سندس ڌيءُ جو روئڻ ويران روڊ تي گونجڻ لڳو. الائي ڇو ائين روئڻ سان هوءَ هيسجي وئي. هلندي هلندي هن جا پير ڏڪڻ لڳا هئا. ڊينس هال وٽ فٽ پاٿ تي هوءَ ساڻي ٿي ڪري پئي. اکيون ٻوٽڻ مهل هن ڌيءُ جي هانوَ ڏاريندڙ دانهن ٻڌي جيڪا سانت ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي اُٿي.
    سج اُڀري آڪاس تي جرڪڻ لڳو هو. هن اکيون کوليون، هوءَ ڊينس هال جي فٽ پاٿ تي پئي هئي، ساڻي ساڻي. هن آڏو ٻه ٽي آنا پيا هئا، پر اهو وجود ڪونه هو، جنهن لاءِ هن رات اکٽ سفر ڪيو هو. هن جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ٿي پيو هو. بس فٽ پاٿ تي لال لال لهوءَ جا داغ هئا، جيڪي سورج جي ڪرڻ ۾ وڌيڪ جرڪي رهيا هئا.
    ماڳ ڏانهن ويندڙ راهه جي اڌ تي ئي لٽجي ويندڙ مسافر جي احساس وانگر، هوءَ ڀي ڄڻ پاڻ کي لٽجندڙ محسوس ڪري رهي هئي. سهڪندي ڀت جو سهارو وٺي اُٿي بيٺي، ڏڪندڙ پير اڳتي وڌايائين، تڏهن سندس نظر کاٻي گهٽيءَ جي فٽ پاٿ تي پيل گند جي ڍير تي ٻار جي لاش تي پئي جنهن کي ڪتا سونگهي رهيا هئا ۽ واٽهڙو ائين ڏسي ٿي اڳتي وڌيا ڄڻ اُهي روز جا تماشا هجن. هن گهري نظر لاش تي وڌي ۽ پنهنجي پراڻي فٽ پاٿ ڏانهن موٽي وئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو