ٻٽو نظام ۽ شيطان (امر لغاري)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ٻٽو نظام ۽ شيطان
    امر لغاري

    امر لغاري سنڌي ٻولي جو سينئير ڪهاڻيڪار آهي. هن سنڌي ادب لا تمام سٺيون ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن. هي ڪهاڻي ”ٻٽو نظام ۽ شيطان“ جيڪا سنڌ ۾ ٻٽي نظام لاڳو ڪرڻ تي لکيل آهي. جنهن ۾ هن حاڪمن جي نااهلي ۽ سمورو ڏوهه شيطان تي هڻڻ واري وارتا ٻڌائي آهي. ته ڪيئن حاڪم پنهنجين ذميوارين کان آجا ٿي سمورو ڏوهه شيطان تي مڙهين ٿا.
    .......
    هڪ ڏينهن عوام جي وڏي پنهنجي ڪچن ڪئبنيٽ جو اجلاس گھرايو. وزيرن ۽ مشيرن جي فوج کان سخت پڇاڻو ڪندي چيائين؛ ”مون کي اوهان مان ڪو ان سوال جو جواب ڇو نه ٿو ڏئي ته؛ هيءُ جيڪو پاڻ عوام جي بهتريءَ لاءِ نظام لاڳو ڪيو آهي، ان کي سنڌ جا ماڻهو ٻٽو ڇو ٿا چون؟“
    وڏي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ٻه ساڄا کاٻا وزير ويٺا هئا. هو ساڄا ۽ کاٻا انڪري هئا جو انهن مان هڪ ساڄي ڌر ۽ ٻيو کاٻي ڌر کي ڊيل ڪندو هو. وڏي ساڄي ڌر کي ڊيل ڪرڻ واري ڀاري ڀرڪم وزير کي چيو ته؛ ”پهريان تون ٻڌاءِ!“

    ڀاري ڀرڪم وزير جواب ڏيڻ لاءِ پنهنجي جاءِ تان چريو ته ڪرسي جي جوڙن مان چيڪٽ جا آواز نڪتا. جنهن تي سڀ اوڏانهن متوجه ٿيا. هن گلو صاف ڪندي تارونءَ تي چڙهي آيل نزلو ڳيهندي چيو؛ ”مون ته سڄي مسودي کي اٿلائي پٿلائي چئني پاسن کان جاچي ڏٺو آهي. مون کي ته اهو ڪٿان به ڊبل نظر نٿو اچي. ساڄي ڌر جي سمورين پارٽين کي نظام جو مسودو مون پنهنجن هٿن سان ڏنو آهي. مون کين چيو آهي ته؛ ڪٿان به اوهان کي اهو ڊبل نظر اچي ته اوهان ڀلي اسان جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجھو!“
    جڏهن هن ڳٿڙ جي بجاءِ ڳچيءَ ۾ هٿ وجھڻ جو چيو ته وڏي سميت سڀني وزيرن جا هٿ پنهنجين پنهنجين ڳچين تائين کڄي ويا. سڀني پنهنجو گلو گھٽجندي محسوس ڪيو. هڪٻئي ڏانهن نهاريندي گھٽيل آوازن ۾ سڀني اعتراض ڪيو ته ساڄي ڌر کي ڊيل ڪندڙ وزير کي ايئن چوڻ نه کپندو هو. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ڪا لڪل قوت (جن ۽ ڀوت) حڪومت خلاف سازش ڪري، بل ۾ لنڊيءَ جئان ڇپ هڻي ويٺل، ”نظام“ کي ٻٽو نه ڪري ڇڏي!
    ”تون ته صفا ڪو موڳو مٽر آهين!“ ڪاغذي وزير، جيڪو حڪومتي ڪاغذي معاملن کي ڊيل ڪندو هو (بلڪ حڪومتي ڪاغذن جو ڪارو منهن ڪندو هو)، تنهن ڀاري ڀرڪم وزير تي لفظي حملو ڪندي چيو؛ ”تو کي گھٽ ۾ گھٽ ”ڳچيءَ ۾ هٿ وجھڻ“ نه چوڻ کپندو هو. سڀاڻ جي نظام ٻٽو نڪري پوي ته؛ منهنجي پاران تون ڏيندين پنهنجي ڳچي؟“
    ”مان ڪو ايئن سچي پچي ٿوري چيو هو،“ هن شرمساريءَ منجھان چيو؛ ”مان ته ڇڙو اصطلاحًا چيو هو!“
    ”اصطلاحًا به ڇو چيو هيئه؟“ وڏي کي به ٿوري ٿوري ڳالهه سمجھه ۾ اچڻ لڳي. ”سڀاڻ سچي پچي به جي نظام ٻٽو نڪري پوي ته ڪير پنهنجيون منڍيون پيش ڪندو؟“
    ”سوري، سر!“ ڀاري ڀرڪم وزير، سڀني کان معافي وٺندي چيو؛ ”اڳتي لاءِ مان لفظ توري تڪي ڳالهائيندس!“
    ”ٺيڪ آ.“ وڏي، کاٻي ڌر کي ڊيل ڪندڙ وزير کي چيو ته؛ ”ها، هاڻ تون ٻڌاءِ ته ماڻهو اصل گوڙ ڇا تي پيا ڪن؟ جڏهن ته نظام ۾ ڪا اهڙي ٻِٽائي نظر ئي ڪانه ٿي اچي!“
    ”اوهان جي ڳالهه برحق آهي، سائين!“ اڇن وارن واري، عاد ۽ سمود جي قوم جهڙي ڊگھي، قديمي وزير چيو؛ ”اصل ۾ کاٻي ڌر جي ماڻهن کي ته ان تي اعتراض ئي ناهي. کاٻي ڌر وارا چون ٿا ته؛ بلدياتي نظام جو اهو مسودو فقط ٻن ڌرين وچ ۾’بندر بانٽ‘ جو دستاويز آهي. جڏهن ته اصل بلدياتي نظام تڏهن ايندو جڏهن يونين ڪائونسل جي چيئرمين کي رڳو نلڪا، گنديون ۽ سلائي مشينون ورهائڻ جي بجاءِ روڊ رستن، عوامي فلاح ۽ بهبود، تعليم ۽ صحت جهڙن معاملن ۾ اختيار ڏيئي، ادارن جي بهتر ڪارڪردگيءَ ۽ نتيجن جو ذميوار بنايو ويندو! ٻٽو نظام فقط قومپرستن ۽ قومپرست ليکڪن کي نظر اچي ٿو.“
    ”انهن کي به آخر ٻٽو ڇو ٿو نظر اچي؟“ وڏي اڻتڻ منجھان پڇيو؛ ”توهان کي ڀلا ٻٽو نظر اچي ٿو؟“
    ”نه، نه!“ سڀني نرسريءَ جي ٻارڙن جيئن jingle ۾ ورجائيندي هڪ آواز ۾ چيو.
    ”مونکي به نظر نه ٿو اچي!“ وڏي به پنهنجو موقف نوٽ ڪرائيندي چيو.
    ”ته پوءِ اهو ماڻهن کي ٻٽو نظر ڇو ٿو اچي؟“ نهايت ئي آسودي، ناڪن جي مال ميڙيندڙ وزير، وڏي جي جواب پرسيءَ کان لڪندي، ساڳيو سوال ٻين اڳيان اڇلائيندي چيو.
    سڀني هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، پر جواب ڪنهن وٽ به ڪو نه هو. نيٺ سڀني جون اکيون وڃي مذهبي معاملن واري وزير تي کتيون.
    وڏي تمام اطمينان ۽ اميد وچان چيو؛ ”مولانا صاحب! هاڻ ڦيٿو ڦري اچي، اوهان تي بيٺو آهي. هاڻ اسان کي ان مونجھاري مان ڪڍو.“
    مولانا، پهريان مالڪ حقيقيءَ جي شان ۽ ساراهه ۾ ٻه ٽي گفتا چيا، ۽ پوءِ مڪاني نظام جي تعريف ۾ ڏهه پندرنهن منٽ ڳالهايائين. هن چيو ته؛ ”اهڙو سڀني کي گڏائي هلائڻ وارو نظام، اڳ ڪڏهن به ڪو نه آيو آهي. ڪنهن به حاڪم جي دؤر ۾، سواءِ مشرف جي...“
    ”اهو وري ڇا ٿو چوين...؟ ٻن ٽن وزيرن مولانا جي وات تي هٿ ڏيندي، ڪنڌ واري مڻڪي تي مڪون وهائيندي چيو؛ ”مفت ۾ ٿو خوار ڪرين...!“
    ”استغفر الله، استغفر الله!“ مولوي ڊپ مان ڪنبڻ لڳو. وڏي جي گُھور به هاڻ گنڀير ٿي ويئي هئي. پر پوءِ به پاڻ سنڀالي چيائين؛ ”اصل ۾ مون اهي لفظ نه پئي چوڻ چاهيا، پر اهو سڄو ڪم شيطان جو آهي، جنهن منهنجي وات ۾ اهي لفظ وجھي ڇڏيا. جنهن مان ثابت ٿيو ته اسان جي قوم پرستن، ليکڪن ۽ ساڄي ڌر جي پارٽين کي شيطان ورغلايو آهي. ٻيو ڪجھه به نه آهي.“
    وڏو اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
    ”ڏٺئو! مون مذهبي امور جي وزارت ان ڪري ئي اهڙي ذهين ۽ مدلل عالم کي سونپي هئي، جنهن ۾ مونکي وڏو آسرو هو/ جنهن آخرڪار هڪڙو ٽارگيٽ ته حاصل ڪري ڏنو نه ته اسان جو اصل دشمن ڪير آهي؟ اسان جو اصل دشمن شيطان آهي. انشاءَ الله! سڀاڻي شيطان جو به ڪو توڙ ڳولي ڪڍنداسين! اوهان صاحبن جي وڏي مهرباني. ميٽنگ برخواست، ۽ ايٽنگ شروع!“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو