بدين جي بي تاج بادشاهه جي الوداع

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    حضرت علامه مولانا مفتي عبدالوهاب چاچڙ جو ماهوار شريعت ۾ لکيل ايڊيٽوريل
    بدين جي بي تاج بادشاهه جي الوداع
    ڪي گڏيل ماڻهوهڪ فرد هوندا آهن ته ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي اڪيلي سر جماعت هوندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي ”موت العالِم موت العالَم“ اهي اهي عالم آهن جن جو موت پوري انسانيت جي موت جي برابر هوندو آهي. انهن جي موت جو اثر ڇڙي هڪ گهراڻي تي نه پر ان جو اثر پوري شهر جي هر طبقي تي پوندو آهي ۽ پوري تر بلڪه پوري ملڪ تي پوندو آهي.
    مولانا عبدالستار چاوڙي مرحوم جي موت سان انهيءَ جو عيال يقينا متاثر ٿيو هوندو، ان جو مدرسو متاثر ٿيو هوندو پر ان جي موت سان شهر جو هر طبقو يتيم ٿي ويو آهي ۽ علائقي جو هر مظلوم ماڻهو روئي رهيو آهي. جن آفيسرن جو گريبان پڪڙي مظلومن کي ڇڏايو هو ۽ محرومن کي حق وٺي ڏنا هئا اهي آفيسر به روئندا هوندا جن جي گچي ۽ گريبان پڪڙڻ وارو نه رهيو. ڪارن تي سفر ڪرڻ وارو هي دلير ۽ مانجهي مرد جڏهن فريادي جي آندل گڏه گاڏي تي چڙهي ٿاڻي تي پهچندو هو ته پورو ٿاڻو ٿرٿلي ۾ اچي ويندو هو. مولانا اڃان گاڏيءَ تان به نه لهندو هو ته ناحق باندي بڻايل سادو ماڻهو ڇڏائجي ويندو هو. هڪ دفعي مولانا احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ ان وقت جي ايس ايس پي حڪم ڏنو ته بدين جي طرف ايندڙ سڀ رستا سيل ڪيا وڃن جيئن ڪو به ماڻهو شهر ۾ داخل نه ٿي سگهي. رپورٽ ورتائين ته پوليس آفيسرن کيس چيو احتجاجي جلوس کي روڪڻ اسان جي وس ۾ نه آهي ماڻهو زمين مان اندران ڦٽي رهيا آهن يا آسمان کان لهي رهيا آهن اسان جو وس نه ٿو هلي جڏهن ته شهر ٻاهران کان سيل ٿيل آهي. هاڻي اچو چاوڙي صاحب سان پاڻ ڳالهايو ۽ مطالبا مڃو! نه ته پورو شهر اسان جي ڪنٽرول مان نڪري رهيو آهي. هڪ ايس ڊي ايم چريائي ڪئي پوليس ساڻ ڪري مولوي صاحب جي مدرسه جي لوڙهي کي مدرسه جي تنور مان باه کڻي ساڙڻ لڳو. مولانا به پهچي ويو مولانا ان کي ڌڪو جو ڏنو ته ڌرتيءَ، تي ڪري پيو۽ مدد لاءِ پوليس کي پڪاريائين ته ڪو به پوليس وارو ان جي ويجهو به نه ويو ۽ هو ڀڄي پنهنجي آفيس ۾ لڪو ۽ بالا آفيسرن ان کي دڙڪا ڏنا ته تون اها حرڪت ڇو ڪئي نيٺ شام جو معزز شهرين کي وٺي مولانا صاحب کان معافي ورتائين. فوجي ڇانوڻي جي فوجي آفيسرن کي خلق ڌٺو جڏهن پنهنجي حماقتن تي مولانا کان گڙ گڙائي معافيون
    وٺندا هئا. بدين جي سول ۽ فوجي آفيسرن زلزلي متاثرين لاءِ آيل هيوي جنريٽر پنهنجي گهرن ڏانهن کڻائي ويا ۽ مولانا گمشدگي جا اعلان ڇپرايا ۽ اهڙا اشتهار ڇپرائي سفارتخانن ڏانهن موڪليا ۽ ڪافي آفيسر اهي جنريٽر واپس کڻي آيا ۽ اهو منظر به خلق ڏٺو. مولانا جن ديني غيرت جا مجموعو هئا. امن امان جي ميٽنگ ۾ ڪنهن موالي کان صحابه ڪرام لاءِ ڪو گٿو لفظ نڪري ويندو هو ته مولانا مرحوم ان کي گريبان کان پڪڙي ٺونشا هڻندا هئا ۽ آفيسر منٿون ڪري مولانا کي ٿڌو ڪندا هئا ۽ ٻي ڌر کي چوندا هئا ته توهان معافي وٺو! ضلعي آفيسر سني هجي توڙي شيعو پر جڏهن پنهنجي ڪم جي سفارش لاءِ شيعه رهنما يا بريلوي مولوي يا ڪوئي غير مقلداڳواڻ مولانا جن وٽ ايندو هو ته مولانا جن انهيءَ سان گڏجي ويندا هئا ۽ ڪم ڪرائي ڏيندا هئا. مولانا جن جڏهن ويندا هئا ته آفيسر اڳ ۾ اهو ڪم پوروڪندا هئا پوءِ چانهن پيئاريندا هئا. بدين جو ويگن اڏو مولانا جي مدرسه جي ڀر ۾ آهي. مولانا جن ڪراچي يا حيدر آباد مان چڙهيا ته راڳ جي ڪيسٽ بند. مولانا کي چوڻ جي ضرورت نه پوندي هئي ۽ ڊرائيور سمجهندا هئا ته راڳ هليو ته اسان جو خير نه آهي. اهڙا دلير ۽ ڏاها ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. مولانا سان محبت ڪرڻ وارا هندو ۽ مسلمان سڀ هئا ۽ هر فرقو هاڻي روئي پيو پر مولانا کي پنهنجن ڏک ڏناصرف هن لاءِ ته مولانا عبدالستار جو وجود انهن جي جعلي چوڌرائپ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ هو. مولانا وڏو عالم باعمل ۽ دلير مڙس ۽ نهايت ڏاهپ سان مالا مال ته هئا پر پاڻ صحيح عامل به هئا. سورت ياسين جو هڪ وڏو عمل هين جنهن لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا هئا. منهنجو ننڍو پٽ مولوي مفتي شاه محمد وڻ تان ڪري پيو فوري طور تي مون سورت ياسين پڙهي ايڪسري لاءِ گهوٽڪي موڪليو ته رپورٽ ڪليئر آئي ته ڪجهه به نه آهي پر درد رهي پيو. سائين چاوڙو مرحوم روهڙي آيا ۽ پڙهائي ڪيائون ته سور ڇڏي ويو. مولانا جن جو اسان سان محبت جو تعلق هو ۽ عبدالعليم شيخ سان به محبت جو تعلق هو ۽ روهڙي اسان جي مدرسه ۾ عام طور تي سال ۾ هڪ دفعو ضرور ايندا هئا ۽ ٻه ٽه ڏينهن رهي پوندا هئا اسان به انهن کان مختلف مسجدين ۾ درس قرآن ڏياريندا هئاسين ۽ جامعه دارالعلوم الشرعيه روهڙي ۾ رهندي منهنجي وڏي پٽ ڊاڪٽر پروفيسر عبدالقادر عرف جمال ناصر کانئن تفصيلي انٽرويو ورتو هو جيڪو ڪافي سال اڳ شايع ٿيو هو. اهڙي جامع ۽ مجاهد شخصيت جو لاڏاڻو سنڌ ملڪ لاءِ عظيم الميو آهي. الله تعاليٰ باقي علماءَ ڪرام کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي
    حضرت مولانا مرحوم جي مدرسي جي هڪ استاد ۽ اسان جي سفري ساٿي مولانا فتح محمد مهيري ۾ اميد رکون ٿا ته مولانا جن جي تفصيلي سوانح حيات لکي اسان کي اماڻن ته انهن جو قوم تي عام طرح ۽ اسان تي خاص طرح احسان ٿيندو.
    مولانا عبدالستار چاوڙو آڱارو 8 اپريل 2014 تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. انا لله وانا اليہ راجعون
    نوٽ: هن مضمون جو ڪو به حصو ڪاپي ڪرڻ نه گهرجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    سائين چاوڙو صاحب واقعي هڪ دلير انسان هو سندن دليري مون خود پنهنجي اکين سان ڏٺي پاڻ هڪ سماجي ورڪر پڻ هئا ٻين جي ڪم ايندي اهو نه سوچيندا هئا ته هن جو تعلق ڪهڙي مسلڪ يا فرقي سان آھي ....پاڻ هڪ عظيم انسان هئا بدين جا ماڻهو سائين کي هميشه ياد رکندا
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو