ذوالفقارعلي ڀٽو (ثاني) سڀني جو مالڪ ’’هڪ‘‘ آهي. هڪ مختصر پر پنهنجي اندر ڪائنات جون وسعتون سموهي رکندڙ جملو آهي۔ اهو جملو ڏکڻ ايشيا جي سونهن صوفي ازم جو روح ۽ هندن ۽ مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ملائيندڙ پل جو بنياد آهي۔ منهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي جي هڪ ڌرم شالا ۾ اهو جملو وڏن وڏن اکرن ۾ گيڙو رنگ سان اهڙي جاءِ تي لکيل آهي جو هر ايندڙ ويندڙ جي نظر ان تي ضرور پئي ٿي ۔ جڏهن پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پهريون ڀيرو ۱۹هين صدي جي انهي قديم مندر ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو هو ۽ منهنجي نظر انهيءَ جملي تي پئي هئي ته مونکي اهي شاندار لفظ ُ مذهب جي متڀيد کان مٿاهان ٿي هر ايندڙ جو آڌر ڀاءُ ڪندي محسوس ٿيا هيا۔ سچ ۾ هر ڪنهن کي پنهنجي سحر ۾ سوگهو ڪندڙ اهو جملو پر امن بقائي باهمي جي فلسفي جو تت آهي۔ هن سال مارچ جي ۱۵ هين تاريخ تي هڪ وڳوڙي هجوم ان مندر تي ڪاهه ڪري نه صرف ان قديم عبادتگاه ۾ رکيل سمورا بت ڀڃي ڇڏيا پر ان ڌرم شالا کي ئي باهه ڏيئي ڇڏي، ان مندر کي سوگهو ڪندڙ جي نذر ڪرڻ جو سبب اهوئي هيو جيڪو اڄ جي پاڪستان ۾ هر هنڌ تيزي سان عام ٿيندو پيو وڃي يعني’’ مذهبي توهين‘‘ جو الزام ۔ وڳوڙي هجوم ارڙهن سالن جي سنگيت کي بي حرمتي جو ڏوهي قرار ڏيئي پنهنجو فيصلو به ٻڌائي ڇڏيو ۽ ان تي عمل به ڪري ورتو، جيتوڻيڪ جو بي حرمتي جي سمورن الزامن جيان هن ڀيري به ان الزام جو بنياد مضبوط نظر نه پئي آيو ۔ پهريان ته ذهن انهي ڳالهه کي تسليم ئي ڪرڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو ته اهڙو ڪيس اهڙي شر انگيزي لاڙڪاڻي جي ان شهر ۾ ٿي سگهيو پئي جنهن کي اتر سنڌ ۾ سهپ ۽ برداشت جو مرڪز سمجهيو ويندو آهي. نوجوان سنگيت جو ڪيس اسان جي ذهنن کي جهنجهوڙي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسان ڪيڏانهن وڌي رهيا آهيون. ڇوته جيڪڏهن عدالت هن نوجوان کي معصوم قرار ڏيئي ان الزام مان بري به ڪري ڇڏي ته سندس آزاد ٿيڻ کان پوء ڇا اسان اها اميد ڪري سگهون ٿا ته هو ان شهر ۾ سڪون سان زندگي گذاري سگهندو جنهن کي اڳ هو پنهنجو شهر سمجهندو هيو؟ان ڳالهة جوگهڻو امڪان آهي ته هن جي آزاد ٿيڻ کان پوء خود هن جي برادري به ان خوف جي ڪري هن کان پئي ڇرڪندي ته ڪٿي کين به بي حرمتي جي ملزم جو ساٿي نه سمجهي ورتو وڃي ۔ انهي جي مقابلي ۾ اها سزا اڃا به وڏي هوندي جيڪا اڪثريتي آبادي هن لاء سوچي سگهي ٿي۔ هي آهي اڄ جو پاڪستان جنهن ۾ اسان پنهنجي زندگي گهاري رهيا آهيون۔ سنڌ ۾ هونئن ته اڳي ئي گهڻا مسئلا موجود هيا جيئن مهانگائي مفت تعليم جي گهٽتائي، صحت جي سهولتن جو نه هئڻ برابر انتظام ، پاڻي جي کوٽ ۽ ڏوهن ۽ دهشتگردي جو راڄ پر مسئلن جي انهي لسٽ ۾ هندو مسلم ڇڪتاڻ موجود نة هئي ۔ ڇا هي واقعو اڻسهپ جي انهي گس جا اهڃاڻ نه پيو ٻڌائي جنهن طرف اسان جو ملڪ وڌي رهيو آهي؟ ڇا اسان اهڙي رياست ته نه بڻجي رهيا آهيون جتي صرف اڪثريت کي پنهنجي مذهب موجب زندگي گذارڻ ۽ پنهنجن عقيدن تي آزادي سان عمل ڪرڻ جي اجازت آهي؟ آل پاڪستان هندو پنچائت جي ويب سائٽ تي ڏنل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ ستر لکن کان مٿي هندو آباد آهن، حڪومت پاران ۱۹۹۸ ۾ ڪرايل آدمشماري مطابق سندن آبادي ۲۰ ويهه لک هئي جڏهن ته بي بي سي پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو انگ ۵۰لک ٻڌائي ٿي ۔ انهن منجهان ڪنهن به هڪ کي درست مڃجي ته به پاڪستان هندن جي ڇهين وڏي آبادي وارو ملڪ آهي جنهن ۾ انهن کي مذهبي ۽ سماجي لحاظ کان هڪ الڳ حيثيت حاصل آهي۔ سنڌي هندوءَ جي دل ۾ قرآن جي آيتن، صوفين جي سوچ ، سک گرن جي ٻولن لاء به اوتروئي احترام آهي جيترو هو پنهنجن وديدن ۽ شاسترن لاء محسوس ڪري ٿو۔ لنڊن ۾ سنڌي هندن جي هڪ ڪميونٽي سينٽر جي هڪ ميمبر مون کي چيو هيو ته ,,اسان بنيادي طور تي صوفي آهيون،،۔ لاڙڪاڻي ۾ هندو دڪاندارن ڪڏهن به پنهنجي مذهب يا عقيدي کي نه لڪايو آهي ، بازارن مان لگهندي سندن دڪانن جي ڀتين تي درگا، شيوا، وشنو ۽ گرونانڪ جا چتر ٽنگيل نظر ايندا ۽ سندن پاسي ۾ ئي مسلمان واپارين جا دڪان آهن۽ هو بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي پنهنجو ڪاروبار ڪندا پيا اچن ۽ سنڌ جي باقي شهرن ۾ به اوهان کي ائين ئي نظر ايندو۔ هندو نه صرف هتي صدين کان آباد آهن۽ اهي هتي آزادي سان پنهنجو ڪاروبار ڪندا پيا اچن پر پنهنجا مذهبي ڏهاڙا به ڀرپور نموني ۽ هڪ برادري طور ملهائيدا رهيا آهن۔ هن مندر تي جنهن ڏينهن حملو ٿيو اهو هولي جو پهريون ڏهاڙو هيو ۽ ان کان پوء سڄي ملڪ جي هندن کي اها صلاح ڏني وئي ته اهي پنهنجو مذهبي ڏڻ گهرن يا مندرن اندر دروازا بند ڪري ملهائن۔صد افسوس جو بهار جي مند جي رنگن۽ خوشبوئن جي آجيان واري هن قديمي ڏڻ جون خوشيون ڌرم شالا مان اٿندڙ دونهين ۾ دونهاٽجي ويون۔ پاڪستان ۾ رهندڙ هندو هڪ پرامن برادري آهي روحاني رنگ ۾ رنگيل انهن ماڻهن پنهنجي مرضي سان مسلمان اڪثريت واري قوم اندر رهڻ جي چونڊ ڪئي هئي جيئن هو ان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ هٿ ونڊائي سگهن۔ جسٽس راڻا ڀڳوانداس ، پي ڪي شاهاڻي ۽ ڪلپناديوي انهن ڪيترن ئي مشهور هندن منجهان ڪجهه آهن جن پنهنجيون سموريون صلاحيتون هن رياست جي ڪارونهوار هلائڻ لاء صرف ڪيون آهن۔ هو منهنجي اباڻي شهر جي ثقافت ۽ گهڻ رخي شناخت جا ڀاڱي ڀائيوار ۽ ان جو لازمي حصو آهن۔هينئر اهو سوچڻ اسان جي ذميواري آهي ته ڇا اسان کين اها عزت ۽ احترام ڏيون ٿا يا ڏيئي سگهيا آهيون جنهن جا هو حقدار آهن؟ تاريخي طور تي سنڌين کي پنهنجي صوفي ثقافت تي هميشة وڏو مان رهيو آهي انهن سيوهڻ جي درگاه لاء بيت سرجيا آهن، کين شاه جي ڪلام سان محبت آهي ۽ اهي سچل سرمست جي چوڻين موجب زندگي گذارين ٿا ڇو ته انهن اعلي شخصيتن انسان جي ايڪي جي ڳالهه ڪئي انهن اهو ٻڌايو ته اسان سڀ هڪ مالڪ جا ٻانهان آهيون۔ اڄ به انهن جي درگاهن تي مسلمان توڙي هندو هڪ جيتري سڪ سان حاضري ڀرين ٿاساڳي ريت مسلمان به اڏيري لال جنهن جي سڃاڻپ ’’جهولي لال‘‘ پڻ آهي ان جو به اوتروئي احترام ڪن ٿا۔ هندن جي عقيدي موجب هي بزرگ ويدن واري زماني جي قديم ڀڳوان ,,ورون،، جو اوتار آهي۔ سندس مڙهي مندر ۽ مسجد جي وچ ۾ ٺهيل آهي ۽ ٻنهي جاين تي هندو ۽ مسلمان پنهنجي پنهنجي عقيدي مطابق آزادي سان عبادت ڪندا آهن۔پر نظر ائين ٿو اچي ته شايد آهستي آهستي هينئر صوفين جو امن ۽ آشتي جو پيغام اسانجي ذهنن مان ميساربو پيو وڃي ۽ قوم جون نظرون هاڻي ڪنهن ٻئي پاسي گهڻي اونداهي رخ ڏانهن لڙي ويون آهن۔ جيڪو ڪنهن خطرناڪ کيل کان گهٽ ناهي Email: zbhutto@gmail.com (دي نيوز جي ٿورن سان)