منصور سرور
سينيئر رڪن
سائو پالو (ع آ نيوز) برازيل جيڪو فٽبال ۽ خوبصورت عورتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشهور آهي اتي هڪ اهڙو ٻيٽ به موجود آهي جتي نانگن جي حڪومت ۽ اتي ڪنهن به انسان کي وڃڻ جي اجازت ناهي. ان ٻيٽ جو نالو آهي ”الهاڊ ڪوي ميڊا“ جيڪو سائو پالو شهر کان 20 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي سمنڊ ۾ آهي اتي “لانس هيڊ وائپر” نالي دلڪش نانگ آهن ۽ انهن جي تعداد به هزارن ۾ آهي. هنن نانگن جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته انهن جو زهر ايترو ته خطرناڪ آهي جو ڪنهن کي ڏنگن ته ان جو ماس هڏين کان الڳ ٿي ويندو آهي ۽ ڪجهه ئي منٽن ۾ ماڻهو يا ڪو به جاندار مري ويندو آهي. ان ئي سبب جي ڪري برازيل جي حڪومت اتي ماڻهن جي وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ هي سڄو ٻيٽ انهن نانگن جي ملڪيت آهي جتي هو پنهنجو حڪم هلائين ٿا، ان نانگ جي جسامت ۽ سونهري رنگ جي ڪري انهن جي قيمت 30 لک رپيا ٻڌائي پئي وڃي ۽ اهڙي قسم جا نانگ صرف برازيل جي انهي ٻيٽ ۾ آهن ڪجهه سال اڳ ڪي جوان جا پٽ ويا هئا پر کين به نانگ هٿ نه آيا پر موت انهن جي مقدر ضرور بڻي. تنهن واقعي کان پوءِ وري ڪنهن اهڙي همٿ نه ڪئي.