غزا جو الميو ۽ مسلم دنيا جو ضمير

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    آخر اهو ڇو آهي ته غزا يا ڪنهن به مسلم رياست ۾ ڪا ارهه زورائي ۽ ظلم ستم جو واقعو ٿئي ٿو ته ان خلاف مسلم دنيا کان وڌيڪ ردعمل اولهه جي سماجن ۾ ڏٺو وڃي ٿو؟ غزا ۾ هلندڙ فلسطينين جي قتل عام تي پوري دنيا لرزي اٿي آهي پر مسلم دنيا ان تي شيعه سني تضاد ڪري خاموش آهي. ها ٽوڪن مظاهرا ۽ هلڪو احتجاج جنهن کي اوهان نمائشي احتجاج چئي سگهو ٿا اهو برابر ٿي رهيو آهي پر جيئن ان تي پورو سماج اٿي پئي يا پوري مسلم دنيا يڪ آواز ٿي نڪري ائين نه ٿيو آهي.

    تازو لنڊن ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف جيڪي مظاهرا ٿيا آهن اهي ڏسي پاڻ وٽ ٿيل احتجاج کي ٻاراڻي راند قرار نه ڏجي ته ٻيو ڇا ڏجي؟ ڪنهن به انساني الميي کي مذهب، رنگ نسل ۽ قوم جي اعتبار کان ڏٺو وڃي ٿو پر اهو نه ڏسڻ گهرجي، پر هڪ انسان، آبادي ۽ قوم جو الميو پوري انسانذات جو الميو آهي. ان ڪري ئي برطانيا ۽ باقي اولهه جي ملڪن ۾ اٿندڙ احتجاجي آواز ان ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا ته دنيا ۾ اڃا انسانذات لاءِ احترام وارا قدر مئا ناهن.

    نائين اليون کانپوءِ جڏهن عراق تي امريڪا حملو ڪيو هو ته ان جنگ خلاف جيڪڏهن وڏي ۾ وڏا احتجاجي مظاهرا ٿيا هئا ته اهي لنڊن ۽ ٻين اولهه جي شهرن ۾ ٿيا هئا نه ڪي مسلم عرب ملڪن ۾.... هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان ڍڪي ڇپي ناهي جيڪا وڪي ليڪس ۾ پڌري ٿي چڪي آهي ته اهو سعودي عرب هو جنهن اسرائيل کي چيو هو ته ايران بدي آهي ۽ ان کي ائٽم بم هڻي ختم ڪرڻ تي اسان کي اعتراض نه هوندو. هاڻي جي اهو تضاد ان حد تائين هجي ته باقي ڇا ٿو بچي؟ هوئن به عرب دنيا ئي نه پر پوري مسلم دنيا سني شيعه تضاد ۾ وڪوڙيل آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڏسو ته محرم الحرام ۾ سڪيورٽي رسڪ ڪيترو هجي ٿو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت واري ڏينهن جلسن جلوسن جي پرامن اختتام واري به نيوز هلي ته يوم علي پرامن رهيو. مطلب اسان انهن مقدس ڏيهاڙن تي پنهنجو هدف ٽارڻ لاءِ تيار ناهيون ته باقي اها ڪهڙي مثبت وٿ بچي ٿي جنهن تي اسان چئون ته اڃا سڀ ڪجهه ختم نه ٿيو آهي.

    راڪيل ڪوري اها يهودي ڇوڪري هئي جيڪا اسرائيلي والار ڀيري اسرائيلي ٽينڪ سامهون بيهي رهي ۽ هن مٿان ٽينڪ چڙهي وئي. هن جي قرباني دنيا ۾ اڄ مثال طور بيان ڪئي وڃي ٿي ته ڪيئن هڪ يهودي ڇوڪري پنهنجي اسرائيلي اختيارين جي ظلم خلاف اٿي بيٺي ۽ ان جو شڪار ٿي وئي. ان قسم جا مثال ٻڌائين ٿا ته دنيا ۽ خاص طور سجاڳ ۽ زنده سماجن جي ماڻهن جو ضمير اڃا مئو ناهي پر مسلم دنيا جو ضمير سرد ٿي چڪو آهي جيڪو رڳو پنهنجي تضاد ۾ پورو آهي ۽ پنهنجي سماجن کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. اسان وٽ طالبان جو مثال وٺو جن پاڪستان کي دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ خطرناڪ ملڪ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اڄ اسين سروائيول جي جنگ وڙهي رهيا آهيون.

    غزا ٽرئجڊيءَ تي برطانوي ميڊيا جي سينسرشپ يا جانبداري ڪارپوريٽ ڪلچر جو حصو آهي پر ان خلاف به جي ڪجهه لکيو پيو وڃي ته اتان جي باضمير صحافين ۽ ليکڪن پاران لکيو پيو وڃي. بي بي سيءَ جي جانبداري خلاف رابرٽ فسڪ تازو هڪ لڙڪ لاڙيندڙ ڪالم لکي چڪو آهي. پر عام شهري اسرائيلي جارحيت خلاف آهي. ان ڪري اتان جي حڪومتن جي موقف يا ميڊيا جي جانبداري هڪ شيءِ ۽ عوام جو ردعمل ٻي ڳالهه آهي. اسان وٽ ته عوام به مقامي طاقتن جي تابع آهي، جنهن کي اٿارڻ لاءِ عمران خان ۽ علامه قادري جهڙن جي ضرورت آهي جن جي ايجنڊا سندن انائون آهن نه ڪي عوام جو وسيع تر مفاد. اسان جو ماڻهو پنهنجي عمل ۽ اظهار ۾ آزاد ناهي پر اولهه جي سماجن ۾ صحتمند ۽ مضبوط جمهوريتن جي ڪري عوام آزاد آهي. پر احتجاج جو پرامن اظهار نه ڪي پرتشدد اظهار.

    پر اسرائيل جا معاشي ۽ اسلحي- نواز دوست ۽ قوتون جيسيتائين اسرائيلي جارحيت تي سخت موقف نه رکنديون ۽ پابنديون نه مڙهينديون تيسيتائين اسرائيل جارحيت جاري رکندو. هن ڀيري شيلنگ جي اڳرائي برابر حماس طرفان ٿي پر ان جي جواب ۾ جيڪو انساني آبادين ۽ معصوم ۽ بي هٿيار آبادين تي بمباري ڪري اسرائيل عالمي ضمير کي للڪاريو آهي ان جو هن کان اڳ مثال صابره ۽ شتيلا ڪئمپن ڀيري ملي ٿو. ڇا ان کان وڌيڪ ٻي ڪائي دانهن عرش لوڏي سگهي ٿي جيڪا معصوم ٻارڙن جو هن جنگ ۾ قتل عام آهي. ڪيئي ٻار اسرائيل جي انڌي طاقت خلاف آسمان واري کي فرياد ڪري رهيا آهن. ۽ انهن مقتول ٻارن جو جيترو احساس اولهه جي سماجن کي آهي اوترو اسان جي نام نهاد اسلامي دنيا کي ڪنهن به صورت ۾ ناهي. اسان هر ڀيري وانگر هن ڀيري به اهو ئي ظاهر ڪيو آهي ته اجتماعي طور اسان جا سماج ڪيترو نه بيحس آهن. شايد ان جو هڪ سبب خود اسان جي سماجي سطح تي اها صحتمند ۽ آزاد ذهني اوسر نه هجڻ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو