محترم سنڌي سڄڻو ۔۔۔۔ تازو ئي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باني محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙي پنهنجي سنڌي نويس ۾ ڪجهه تبديليون آڻي ان جو تازو ترين ورجن ايم بي سنڌي 2010 (MBSindhi 2010) رليز ڪيو آهي۔۔۔ ان کانسواءِ سائين جن پنهنجي ويب سائيٽ تي رکيل خوبصورت ۽ مشهور فونٽ ايم بي خورشيد (MB Khursheed) پڻ رليز ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔۔ هن موقعي تي پاڻ پنهنجي سائيٽ تي ڪجهه هن طرح لکن ٿا۔۔۔۔ ”تمام گھڻي عرصي کان دوستن جو اصرار هو ته هن ويبسائيٽ ۾ استعمال ڪيل فونٽ MB Khursheed رليز ڪيو وڃي. هن موقعي تي مان اهو به پيش خدمت ڪيان ٿو. ونڊوز لاءِ نئون ڪيبورڊ به ترتيب ڏنو اٿم. فونٽ ۽ ڪيبورڊنئين انسٽالر ۾ شامل آهن. هي فونٽ مون پنهنجي امڙ جي نالي تي ٺاهيو آهي. فونٽ استعمال ڪرڻ ۽ ورهائڻ جي هر ڪنهن کي عام اجازت آهي. صرف عرض اهو آهي ته نالو نه مٽائجو ۽ جتي استعمال ڪيو اتي ان باري ۾ ٻه اکر لکي ڇڏجو“ اميد ته سنڌي دوست ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي پنهنجي وت آهر خدمت ڪرڻجي ڪوشش ڪندا. سنڌي نويس جي نئين ورجن ۽ سائين عبدلماجد ڀرڳڙي جي ويبسائيٽ متعلق پنهنجي رايا موڪلڻ لاءِ سندن اي ميل ايڊريس آهي۔۔۔ majidbhurgri@yahoo.com سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ وزٽ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ يا وري ايم بي سنڌي 2010 ۽ ايم بي خورشيد فونٽ ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ ادا رشيد اهو پروگرام ته انسٽالر آهي باقي ايم بي خورشيد جو فونٽ انسٽال ڪرڻ کانپوءِ مونکي نظر نه آيو جيڪڏهن فونٽ وارو فائيل به اوهان وٽ موجود هجي ته عنايت فرمائيندا مهرباني
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ ڀائڙا رشيد ۔۔۔ محترم ڀرڳڙي صاحب جون سنڌي ٻوليءَ لئه ڪيل ڪاوشون ۽ پاڻ پتوڙڻ جو بدلو ته کيس ڪوئي ڏئي نه سگهندو پر اسين سڀ سندس جا ٿورائتا آهيون جو اڄ اسين هن جديد دور ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پاڻ ڀرا ٿيا آهيون ۔۔۔ هڪ عرض ته ڇا اهو تازو ترين ورجن ايم بي سنڌي 2010 (MBSindhi 2010) انسٽال ڪرڻ سان باقي سيٽ اپ ساڳيو رهندو يا بدلجي ويندو، مطلب ته ڪي بورڊ وغيره، ڇاڪاڻ ته ڪيتري ڪوشش کانپوءِ وڃي مس مس هٿ سڌو ٿيو آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته ان نئين ورجن جون ڪي خاص خوبيون يا ڪي خاص فيچرس اوهانکي معلوم هجن ته ونڊ ڪجو ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ ادا سائيم سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي ڪاوشن ۽ محنتن کي هرڪوئي سنڌي سرخ سلام پيش ڪريٿو۔ ڪجهه ڏينهن پهريان هتي اسان سان گڏ رهندڙ هڪ پنجابيءَ سان ڳالهه ٿي هن چيو ته، " پشاور ۾ پشتو اور سنڌ ۾ سنڌي پڙهاتي هين، پر هماري پنجابي اپني اسڪولون ۾ پنجابي ڪيون نهين پڙهاتي" مون چيو ته ن جو جواب تون ئي ڏي اگر آءُ ڏنس ته چوندي سنڌي ۽ پنجابي جي فرق واري ڳالهه ڪئي اٿئي۔ پوءِ پاڻ ئي چيائين ته " هم اپني بولي ڪي ساتهه سچي نهين هين" مون چيو مانس ته مان به ساڳيا ئي لفظ چوڻ وارو هوس، سٺو ٿيو جو تون پاڻ چئي ڏنو۔ منهنجي مٿين ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته زندو دل قومون پنهنجي ٻولي کي هميشه دنيا وارن سان گڏ کڻي هلنديون آهن۔
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ ادا رشيد سمان توهان جا لک ٿورا جاني پتي واري ڳالهه ٻُڌائي اٿئي
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ تمام زبردست شيئرنگ ادا رشيد، ادا ڇا MB Khursheed اِن انسٽالر امبيڊ ٿيل آهي ؟
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ سائين ايم بي خورشيد نظر نه ٿو اچي ان جو ڪو تدارڪ ڪندا۔
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ ڪجهه عرصو اڳ جڏهن آئون ماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ وزٽ ڪئي ته انهيءَ وقت ايم بي خورشيد فونٽ انسٽال نه هجڻ جي باوجود درست نظر اچي رهيو هيو، يعني انهيءَ وقت هي فونٽ امبيڊ ٿيل هيو. هينئر وري رشيد سمي جي ڏنل لنڪ تي ويم، ته مختلف فونٽن جو تعارف ”ٽاهوما“ ۾ نظر اچي رهيو آهي. انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ سمورو پيج ڪنهن ٻئي فونٽ ۾ ظاهر پيو ٿئي.
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ ادا بهترين.......................................
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ هوئن ته ايم بي خورشيد فونٽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن هاڻي رليز ڪيو آهي پر ڪجهه ڄاڻو دوستن اهو فونٽ گهڻو وقت اڳ ئي حاصل ڪري ورتو هو۔۔۔۔ بحرحال جيئن ايم بي سنڌي 2007 پروگرام تحت سنڌي نويس انسٽال ڪرڻ سان ايم بي سنڌي ۽ لطيفي فونٽ پاڻمرادو انسٽال ٿي توهان جي ونڊوز ۾ موجود فونٽس فولڊر ۾ منتقل ٿي ويندا آهن ساڳي نموني ايم بي سنڌي 2010 پروگرام انسٽال ڪرڻ سان ايم بي خورشيد فونٽ پاڻمرادو توهان جي ونڊوز جي فونٽ فولڊر ۾ منتقل ٿي ويندو۔۔۔ بس توهان ورڊ فائيل کوليو ۽ ٽولبار سيڪشن مان ايم بي خورشيد فونٽ سليڪٽ ڪري سنڌي لکڻ شروع ڪريو۔۔۔۔ جيتري تائين 2010 ۽ 2007 جي پروگرامن جي فرق جو تعلق آهي ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن هي تازو ورجن آڻڻ کان اڳ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو آهي ته ڪي بورڊ جي مکيه ڪيز تي رکيل سنڌي اکرن ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وڃي۔۔۔ ان ڪري معمولي تبديلي ڪري نئون ايم بي سنڌي 2010 پروگرام لانچ ڪيو آهي جنهنجي ڪي بورڊ لي آئوٽ جو نظارو حاضر آهي۔۔۔
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ محترم سنڌي دوستو اسلام عليڪم: جئي سنڌ جئي لطيف جي مٺڙي ٻولي جيئن ته محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن تازو MB Sindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ڪري راءِ معلوم ڪئي آهي، اُنهِيءَ لاءِ سائين جن کي گذارش آهي ته سيٽ اپ سان گڏ جيڪي فونٽ انسٽال لاءِ رکيا ويا آهن تن جو سيٽ اپ Digitope سافٽ ويئر ۾ تيار ڪيل آهي، جنهن ڪري جنهن به دوست وٽ Avira Antivirus انسٽال ٿيل هوندو تنهن سان مسئلو درپيش ايندو، جنهن جي بُنيادي وجه اِها آهي جو اِنهيءَ پروگرام ۾ تيار ڪيل سيٽ اپ کي اويرا ’وائرس‘ سمجھي ٿو تنهن لاءِ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن کي گذارش آهي ته فونٽن جو سيٽ اپ ٻئي ڪنهن پروگرام ۾ تيار ڪن ته جيئن مسئلو ختم ٿي وڃي. باقي دوستن کي گذارش آهي ته MB Khursheed فونٽ سيٽ اپ ۾ موجو آهي جيڪو MB جي انسٽال ڪرڻ سان خود بخود انسٽال ٿي وڃي ٿو. يار زنده صحبت باقي اوهانجو احمدخان
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ پر مون وٽ اويرا جو تازو ۽ اپڊيٽ ٿيل ورجن آهي ۔۔۔ جنهن فونٽ انسٽالر کي وائرس نه سمجهيو۔۔۔ ٻي ڳالهه ته انسٽالر ۾ اهڙيون هدايتون رکيل آهن ته پروگرام 2010 انسٽال ٿيڻ سان گڏ فونٽ انسٽالر پڻ ڪم ڪري ۽ فونٽ پاڻ مرادو انسٽال ٿي وڃن۔۔۔۔
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ مون وٽ پڻ اويرا انسٽال ٿيل آهي، ۽ هڪ نه ٻئي ڏينهن انهيءَ کي اپ ڊيٽ به ڪندو آهيان. الحمدلله مون وٽ ڪو انسٽاليشن ۾ ڪو مسئلو نه آيو.
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ تمام سٺي خبر آهي ۔۔۔۔ مان هاڻي ئي ان کي ڊائون لوڊ ڪريان ٿو
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ سائين تمام وڏو ڪم آهي مون پهريون ئي سائين جي ويب سائيٽ مان اهو ڊاونلوڊ ڪري چڪو آهيان اتفاق سان اڄ وري به داونلوڊ ڪيم اوهان هڪ نئي پروجيڪٽ بابت چوندا آهيو منهنجي هڪ راي آهي سڀ جو متفق هئڻ ضروري نه آهي اسان جو نئون پروجيڪٽ اهو هجڻ گهرجي جو سائين عبد الماجد صاحب جن سان اسان جي حيدرآباد يا کراچي ۾ ملاقات جو بندوبست ڪرايو ان ۾ ڪافي فائدو ۽ سڀ ڳالهيون به ٿي وينديون ڇا خيال آهي دوستن جو؟
جواب: MBSindhi 2010 ۽ MB Khursheed فونٽ رليز ٿي ويو۔۔۔ ادا رشيد صاحب زبردست شيئرنگ آهي الله توهان کي اڃان به وڌيڪ خلق جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي(آمين)۔