منهنجو نالو رياض احمد بروهي آهي ۽ مان دادو ضلعي سان تعلق رکان ٿو. پيشي جي لحاظ کان آئون سماجي ڪارڪن آهيان. مون کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو ميمبر ٿيڻ تي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي. توهان جو فورم محبت ۽ پيار سان سنڌ جي ذهني تخليق جي آبياري ڪري رهيو آهي. رڻ پٽ جي رولاڪ واچوڙي جيان پٽن، ڪاڇي جي لُڪن، کيرٿر جي دامن ۽ ڪينجهر ڪناري ڀٽڪندڙ تخيليقي ذهنن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو آهي. جيئن تخليقڪار پنهنجون لکڻيون ۽ ڪويتائون هن ادبي کيتر ۾ لکن، جيئن سينورجي ويل سماج ۾ ڪنول جا گل هوا ۾ جهومن. سنڌ سلامت.............. ساٿ سلامت مهرباني
سدا خوش هجو ادا ... اوهان کي سهڻي ۽ پنهنجي اڱڻ تي اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. سڀ کان وڏي عبادت منهنجي نظر ۾ انسانيت جي خدمت آهي ۽ اوهان ان ڪم سان واڳيل آهيو، تنهنڪري اوهان کي سلام. اميد ته اوهان اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا ۽ پنهنجي طرفان لکڻيون ۽ ڪمينٽس ڏيندا رهندا.
نالي ڀائي ڀلي ڪري آئين. اچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي. پنهنجوپهريون امپريشن بهترين ڏنو اٿيو لکڻيون توهان جون واهه جو هونديون اسان کي به پنهنجي خوبصورت لفظن سان آشڪار ڪريو سنڌ سلامت تي وڌ کان وڌ لکڻيون موڪليو توهان وٽ انهن لفظن جو ذخيرو پيو لڳي جيڪو الله رب عزت هر ڪنهن کي نه ڏنو آهي. توهان کي هي لطيف سائين جو بيت ڊيڊيڪيٽ ڪندس. ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بو بهار جي. خوش هجو! سنڌ سلامت ساٿ سلامت
مهرباني ادا ملڪاڻي صاحب: "نه مان نازڪ نه مان عمدو نفيس آهيان، غلط فهمي جي گنجائش نه رهجي ڪا، عظيم "استاد" آهي، مان خسيس آهيان“. استاد بخاري
اوهان جو خوبصورت تعارف پڙهيم۔ سنڌ سلامت کي اهڙن ئي دوستن جي ضرورت آهي۔اسين اميد ڪنداسون ته پاڻ سهڻا ليک اسان سان ونڊ ڪندا رهندو۔ هڪ دفعو ٻيهراوهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀلڪار. الله اچن او جن آئي من سرهو ٿئي (شاهه)