ناظرو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ناظرو

    حميد ابڙو
    حميد ابڙو نئين ٽهي جو تمام بهترين ڪهاڻيڪار آهي، هن جي ڪهاڻين ۾ ٻهراڙي جو پسمنظر تمام گهڻو هوندو آهي ۽ هو پنهنجن ڪهاڻين ۾ ٺيٺ ٻهراڙي واري ٻولي جو استعمال ڪندو آهي. جتي سندس ڪهاڻين جا ڪردار ٻهراڙي جا ماڻهو آهن، اتي سندس ڪهاڻين ۾ انهن سان لاڳاپيل مسئلن جو اپٽار به ڪيل هوندو آهي. حميد جي ڪهاڻي ناظرو سندس ڪهاڻين مان بهترين ڪهاڻي آهي.
    .........
    چئن ڏينهن کان اکين سج نه ڏٺو هـُـو، سانوڻ وُٺو هو. گوڏي تي پاڻي هجي، جيڏانهن ڏس پاڻي ئي پاڻي. وٿاڻ ۾ مال بيهڻ جي جڳهه هئي ڪونه، سو مينهون ڇڪي اچي ٻاهر ميدان تي بيهاريون هيونسين. هاڏر به گهلي اچي اُتي ئي رکيا هئاسين. ڏُهائيءَ ۾ اڃا ڪلاڪ سوا هو، جو بابا تکو تکو آيو ۽ مون کي چيائين ته ڪـُنڍيءَ کي گهر ڪاهي وڃان. ٻڌايومانس ته بابا وٿاڻ ۾ گوڏي تي پاڻي آهي. چيائين "ڀلي هجي، وڃي مـَـنـههَ ۾ لڪائي ڇڏ."
ائين اڳي به ڪئين ڀيرا ٿيو آهي، مينهون لڪائي به ڇڏيندا هئاسين. بابا هو ياريءَ وارو ماڻهو، سو کوڙ ماڻهو مال ڇڏي ويندا هئس ۽ ويندي مهل چئي ويندا هئس ته ڪنهن اوپري ماڻهوءَ جي سامهون نه آڻجانءِ، جو هونديون هيون چوريءَ جون. پر هيءَ ڪنڍي ته اسان جي پنهنجي هئي، جنهن جي سڄي تـَـرَ ۾ هاڪ آهي. ماڻهو نسل لاءِ منٿون ميڙون ڪري ويندا آهن پر هيءُ ٽيون سال آهي جو وَڇِ ڪونه ڏني اٿائين ۽ بابا جو اصول آهي ته پاڏو سال ٻن جو ٿيندو ته خيرات ۾ ويندو. گهڻن ئي ماڻهن گهريو ته سانههَ ڪنداسين پر ڪي اصول ائين هوندا آهن، جيئن وچن، سو بابا ڪڏهن نه ٽوڙيندو.
پڇيومانس "بابا خير ته آهي، ڪنڍي ته پنهنجي آهي، پوءِ ڇو وڃي لڪايان؟"
بابا تيسين مينهن ڪـِـلي مان ڇوڙي ۽ رَسو هٿ ۾ پڪڙائيندي چيو "پـُـٽ تون ڪاهي وڃ."
سبب پڇڻ کان سواءِ وڃان، اهڙو صدورو ته مان به نه هئس. پر جڏهن ٻڌايائين ته گلڻ پيو اچي ته دير ئي نه ڪيم "هون مان هون" ڪندو اچي ڪنڍيءَ کي گهر واري مـَـنههَ ۾ لڪائي ڇڏيم.
جيترو وقت گلڻ ڳوٺ ۾ هوندو ڪنڍي ٻاهر ڪونه نڪرندي. جو هـُـن جي زبان اهڙي جو دانهن ڪندو ته دانهن سان مينهن چـَـٽُ. سڀئي ڪارزبانو سڏيندا اٿس. منهنجي ته اکين ڏٺو مثال آهي، پر جهڙي تهڙي شيءِ تي اک کڻي ئي نه. هو به ڀاڳيو آهي چوٽيءَ جو. ڀليون مينهون جو سندس نظر کان بچيون ته هـُـن جي وٿاڻ ۾ ضرور پڄنديون. اسان ته ڪنڍي اصل اکين تي ڪونه آڻيونس.
هڪ ڀيري بابا ۽ مان پـُـل تي ويٺا هئاسين. بابا کي ڏسي گهوڙيءَ تان لهي آيو. خوش خير آفيت کان پوءِ پڇڻ لڳو ته "ڪيڏانهن وڃڻ جي تياري ۾ آهيو؟" بابا ٻڌايس ته “سندس ڳوٺ ۾ مينهن جو ڏسُ پيو آهي، چون ٿا هڪ وقت تي ڏهه سير کير ٿي ڏئي، سو وڃون ٿا چـُـڪائڻ، جي ٺهيو ته واهه، جي نه ٺهيو ته خوش هجي."
ائين ڳالهين ۾ هو به بابا سان ويهي رهيو. پري کان دز جا ڪڪر اُڏامندي نظر آيا، اسان جيئن جو ڏٺوسين ته گهوڙو آ سو اصل واءُ مينهن هڪ ڪيو اچي. مـُـن ۾ چوٽيون ڪندي مـُـرڪ ۾ جڏهن اسان وٽان گذريو ته گلڻ گهوڙي جو هلڻ ۽ سؤکو جسم ڏسي هڪل ڪئي "واهه ڙي جوان تنهنجي گهوڙي جو هلڻ." گلڻ جو اِئين چوڻ بابا ۽ مون کي ڌڪ لڳو ته اِهو گهوڙي سوار به گهر نه پـُـڳو. ٿيو به ائين ڳپل پنڌ جو اڳيان وڃي گهوڙو ڦهڪو ڪري ڪـِـري پيو.
بابا هڪ نظر گلڻ تي وجهي چيو "زبان ڪا ڏنڀجئي، نڀاڳا سٽي لاٿئي مسڪين کي."
اسان کڻي ڊوڙ پاتي. همراهه کي ڌڪُ سرسُ هو پر اسان جي پهچندي ئي گهوڙي اکيون ڇڏي ڏنيون. اُهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن، مون کي ماڻهن جي ڳالهين تي سورنهن آنا اعتبار ٿي ويو ته گلڻ سچي به ڪارزبانو آهي. بابا جو يار هجڻ ڪري مان سڏيانس ته چاچو پر ڪنڍي مينهن ڪڏهن سامهون نه آڻيانس. باقي ڪـَـسي مينهن ڏسي اڃا پيو بابا کي ٽوڪيندو، "هل ڙي، پاڻ کي وڏو ڄاڻو ٿو سمجهين، چوين ٿو مينهن ڏسي ٻڌائي وٺان ته وقت تي گهڻو کير ڏيندي. مون کي ته تنهنجي سڀني مينهن ۾ ڪا نظر ئي نٿي اچي، جيڪا پنجن سير کان مٿي ڏيندي هجي."
اِهو سچ به هو، هڪ ڪنڍي مينهن هئي، جنهن کي نچوڙي ڏُهه ته ٻارنهن چوڏانهن ڪلو ڪيڏانهن ڪونه ويا آهن.
مان مينهن گهر ٻڌي جڏهن ميدان تي آيس ته گلڻ به اچي پهتو هو. بابا کٽ سڌي ڪندي مون کي چيو، "وارو ڙي گهوڙي وٺ، وڃي پريان ٻڌ." مان گهوڙي وٺي مينهن کان ٿورو پرڀرو ڪري ٻڌي واپس آيس تيسين بابا ۽ هو ڀاڪرين ملي کٽ تي به ويٺا.
هن ڀيري هـُـن سدائين جيان مال تي نظر نه وڌي. پر اڳ جيان اُهو ڀوڳ چرچو به نه هؤس، پريشان هو. بابا پنهنجي هـُـج هلائيندي چيو "ڪارزبانا اڄ صفا وساميو پيو آهين؟ خير ته آهي؟"
اُداس ٿيندي چيائين "خير ئي ته ناهي. چوندا آهن نه ته مرڻ واري کي چاليهه ڏينهن اڳ پتو پئجيو وڃي، سمجهه ته اُن چاليهي ۾ هلان پيو."
گـُـلڻ جي اهڙي هيڻي ٻوليءَ جتي بابا کي عجب ۾ وڌو اُتي مان پاڻ حيران هوس. نه ته مون تي چرچو ته ضرور هڻندو هو. بابا کي چوندو هو "ڏي خبر پٽهين ۾ آهي ڪو داڻو يا ناناڻن تي ويو آهي؟"
بابا موٽ ۾ چوندو هوس "اِهو ئي آهي تنهنجي سامهون، جيئن سمجهينس." پر هن ڀيري اهڙو هيڻو جو چيومانس "چاچا ڳـُـڙ واري چانهه ڪاڙهائي اچان؟"
مرڪي پيو، چيائين "نه يار مـِـينـهن ۾ ڪاڏي ڀاڄائيءَ جون پـِـٽون کڻان."
بابا کلي پيس، چيائين "ڪڏهن کان اِهي ڀاڙين واريون ڳالهيون شروع ڪيون اٿئي؟"
هو کن دير خاموش رهڻ کان پوءِ چوڻ لڳو "يار بلا ويرُ وڌو آهي، جيڏانهن ٿو وڃان، اُتي اچيو نڪري!"
منهنجي سمجهه ۾ ڳالهه ويٺي ڪونه، پڇيم "چاچا، ڪهڙي بلا وير وڌو اٿئي؟"
گـُـلڻ مون کي جواب ڏيڻ بجاءِ بابا کي ٻڌائڻ لڳو، "يار ڪاريهر جي اڳين هفتي مادي ماري اٿم، اُن کان پوءِ نـَـرُ پيو گڏ هلي. ڀانيان ٿو سـِـرُ کڻندو. يار ڪا دهشت اٿس ڇا، ڊگهو به ڏيڍ ٻه وال ٿيندو. گهوڙي سان گڏ ٿو هلي."
بابا به پهرين ته وسامي ويو. گلڻ کي هٿ ۾ ڪهاڙي ڏسي چيائين "ڪو هٿيار ته سـُـرَ جو کڻ، اڳئي دهشت ۾ وتو پيو آهين" ۽ پوءِ مون کي دڙڪي واري انداز ۾ چيائين "سگهو وڃي بندوق کڻي آ."
هلڻ جي جاءِ ته هئي ڪونه پير چارو وٺي ويس ۽ ڪارتوسن سميت بندوق کڻي آيس. بابا گلڻ جي هٿ ۾ ڏيندي چيو "اچي دشمن کان هوشيار رَههُ. ڪهاڙي توکان دهشت ۾ ڪونه هلندي، هي صحيح اٿئي."
گـُـلڻ بندوق کي غور سان ڏٺو، ڏاڏا سائين جي زماني جي ٻن نالن واري بندوق، بابا جي آزمايل هئي، چوندو هو ويهه فائر لاڳيتو ڪـَـرِ ته به نال گرم نه ٿيندا.
گلڻ خالي گهوڙو چاڙهي نشان وٺي، ٽرائيگر دٻايو ۽ گڏ رڙ ڪئي "واهه، ههڙو هٿيار لڪايو ويٺو هئين."
بابا سندس واهه ٻڌي زبان ڏندن ۾ آڻيندي گوڏي تي هٿ هنيو، پر وري ڳالهه ٺاهيندي چيائين "هاڻي ته ڳـُـڙَ واري چانهه پيئندين، چڱي اٿئي جهڙ به لڳو پيو آهي."
گـُـلڻ مون ڏانهن ڏٺو، چيائين "وڃ ابا، ڏاڍن جي تڏي تي آيا آهيون."
مان چانهه لاءِ گهر ڏانهن هلڻ لڳس ۽ بابا، گلڻ کان بلا واري واقعي بابت پڇڻ لڳو. رستي ۾ ساجن مليو. پڇيائين "ڏي خبر ڏُهائي ڪئي اٿئي؟"
چيم "يار گـُـلڻ آيو آهي، چانهه ٺهرائڻ پيو وڃان. بس چانهه پياري ڏُهائي شروع ٿو ڪريان."
کـِـلي پيو، چيائين "يار گلڻ کي چؤ مون واري گڏهه کي ته نظر هڻي، سڄي خارش ۾ ورتي پئي آهي."
ڳالهه کـلڻ جي هئي، کلي پيس، چيم "تو واري مائيءَ کي ته نظر هڻي سگهي ٿو، باقي اِها تو واري گڏهه گلڻ جي نظر کان سـَـگهي آهي."
هو مون جيڏو ئي آهي، اسين ڀوڳ چرچو ڪندا رهندا آهيون. مان کيس ڇڏي اڳيان وڌيس. امڙ کـَـڙُ پـُـسائي رهي هئي. پڇيائين "ڪنڍيءَ کي اندر ڇو ٻڌي ويو آهين؟"
ٻڌايومانس ته "گلڻ ويٺو آهي، بابا موڪليو آهي ڳـڙ ۾ چانهه ٺاهي ڏي."
مهمان اسان لاءِ رحمت پر ههڙي مينهوڳيءَ ۾ چـُـلهو ڪٿان ٿو ٻري. ڇيڻان سڀ پـُـسي آلا ٿي ويا ها، اڃا ته ڪڪرن ڇڄڻ جو ڪو آثار ئي نه هو. اُتر کان کنوڻ کجڪا ڪندي پئي آئي. سوچيم ته امڙ کي باهه ٻارائڻ ۾ مدد ڪرايان، پر امڙ اڳ ئي نانا وارن جي گهران ٽانڊو کڻي چـُـلهه دُکائي ڇڏي هئي.
ڪنڍي اڪيلي ٿيڻ ڪري رنڀڻ لڳي هئي. امان ڳالهايس ٿي، "ڇو مان ڇو...?"
مان ڪنهن ٻار سان چانهه موڪلڻ جو چئي نڪري آيس. بابا ۽ گـُـلڻ جي ڳالهه جاري هئي، بابا سمجهايس پئي، "چريا جوڙي ۾ بلائون هيون ته ٻئي مارين ها، نه ته ماديءَ جون اکيون ئي چچري ڇڏين ها ته به ههڙي ويرَ کان بچي پوين ها. ڪاريهر جو ويرُ ڏکيو، پر شينهن ٿيءُ، ههڙن هٿيارن اڳيان اهي بلائون ڇا ڪنديون.”
گلـڻ سرهو ٿيو. چانهه پي موڪلائي بندوق کڻي گهوڙيءَ تي چڙهيو ۽ هليو ويو. اسان مينهون ڏُهي کير ٻول وارن کي ڏئي واندا ٿياسين ته گلڻ وارن جي ڳوٺان ماڻهو آيو، ڄاڻ ڏنائين ته گلڻ کي نانگ ڪکي ويو آهي ۽ اسپتال کڻائي ويا اٿس.
بابا ڏاند جوٽي امان کي به گاڏيءَ تي کنيو ۽ مان به چڙهي ويٺس. اسين جيسين سندس ڳوٺ پهتاسين ته گلڻ کي به واپس کڻي آيا. گلڻ ويندي مهل ئي فوت ٿي ويو هو.
تڏي تي ويهڻ لازمي هو. ڪڏهن بابا ويٺو ٿي ته مان مال لاءِ گهر موٽي ٿي آيس ۽ ڪڏهن مان ٿي ويٺس ته بابا گهر ٿي آيو. تڏي تي ئي خبر پئي ته مرحيات پاڻ ويندي مهل ٻڌائيندو هليو، چيائين "سڻڪ تان آيس پئي ته بلا وچ سڻڪ تي ڪـَـرُ کنيو ڦوڪٽ هڻي رهيو هو، مان به گهوڙيءَ تان لهي گوڏو ڀڃي ڪارتوس وجهي گهوڙو چاڙهيم، پر بندوق ڪونه ڇٽي. تيسين اچي نرڙ ورتائين."
تڏي تي ئي ماڻهن کان ساڳي بندوق جي ساراهه ٻڌي هئي، ڪڏهن ڪونه گـُـٿي، پر اِها هـُـن جي ئي نظر هئي. بابا جو چوڻ به ائين هو ۽ پوءِ بابا اُها بندوق اڌ بها ۾ کپائي ڇڏي جنهن سندس دوست جي حياتي بچائڻ ۾ دوکو ڪيو.

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو