محترم سنڌي سڄڻو ۔۔۔۔ تازو ئي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باني محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙي پنهنجي ويب سائيٽ تي ايم بي سنڌي ايڊوب (MBSindhi Adobe) نالي هڪ ٽول رليز ڪيو آهي۔۔۔ جنهن بابت پاڻ ڪجهه هن طرح لکن ٿا۔۔۔۔ ”هن وقت تائين اڊوبي فوٽوشاپ، السٽريٽر وغيره ۾ سنڌي جو استعمال صرف مڊل ايسٽرن ايڊيشن ۾ ممڪن هو. هاڻي فوٽوشاپ ۽ ٻيا اڊوبي جا پروگرام، ونڊوز توڻي ميڪ ۾، توهان بيحد سولائي سان سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا ۽ سوين اسٽينڊرڊ يونيڪوڊ آرائشي سنڌي فونٽ استعمال ڪري سگھو ٿا. ان لاءِ ٽُولز حاضر آهن. سنڌي ريڊي فائل ڊائونلوڊ ڪيو ۽ سنڌي لکڻ شروع ڪيو، سواءِ ڪنهن واڌاري سيٽ اپ جي!“ اميد ته سنڌي دوست ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي پنهنجي وت آهر خدمت ڪرڻجي ڪوشش ڪندا. سنڌي نويس جي نئين ورجن ۽ سائين عبدلماجد ڀرڳڙي جي ويبسائيٽ متعلق پنهنجي رايا موڪلڻ لاءِ سندن اي ميل ايڊريس آهي۔۔۔ majidbhurgri@yahoo.com سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ وزٽ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ يا وري ايم بي سنڌي ايڊوب ڊائريڪٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
جواب: ڦوٽوشاپ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ هاڻي مڊل ايسٽ ورجن جي ضرورت نه آهي۔۔۔ مهرباني ادا نواڻ کان آگاهي ڏيڻ لاءِ
جواب: ڦوٽوشاپ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ هاڻي مڊل ايسٽ ورجن جي ضرورت نه آهي۔۔۔ ايم بي سنڌي ايڊوب (MBSindhi Adobe) ٽول شيئر ڪرڻ جي مهرباني، پر اهو ٽول استعمال ڪيئن ڪجي اهو ته توهان نه ٻڌايو، مهرباني ڪري اهو ٻڌايو ته اهو ٽول استعمال ڪيئن ڪبو؟
جواب: ڦوٽوشاپ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ هاڻي مڊل ايسٽ ورجن جي ضرورت نه آهي۔۔۔ ادا رشيد تمام بهترين نواڻ شيئر ڪئي آهي، ادا سائين مهرباني
جواب: ڦوٽوشاپ ۾ سنڌي لکڻ لاءِ هاڻي مڊل ايسٽ ورجن جي ضرورت نه آهي۔۔۔ ادا تمام بهترين...................................