جيڪڏهن اسين سنڌي ! ايمانداري ۽ سڇائي سان دين جي اهم رڪن ”زڪوات“ کي ادا ڪريون ته يقينن ، اسان جو ڪوبه عزيز ، مٽ مائٽ غربت جي لڪير کان هيٺ لهي ” پنڻ جهڙي بري عمل تائين نه پهچي “ ان کانپوء سنڌ جا فلاحي ادار ايترا ته گھڻا ٿي وڃن جو اسان کي حڪومتن کان به پنڻ جي يا گھرڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ۽ نه ئي ايڏيون دانهون ڪوڪون ڪري ، پنهنجن پيارن کي ترسائيندا ، تڙپائيندا ۽ مرندا ڏسي ، جناب آصف زرداري کان وٺي ڪري پنهنجو پاڻ تائين اسين سمورا اميناداريء سان زڪوات جو فرض ادا ڪريون ته سنڌ ۾ ڪو غريب رهي رهي سگھي ٿو ؟ باقي اکين جو ڍئو ۽ پيٽ جو ڍئو ته ” قبر جي مٽي “ سان ئي ٿي سگھي ٿو. انهن تي ڪمينٽس لکون