مان اعتراف ٿو ڪريان ته مونکي پنهنجي زندگي جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ وقف ڪرڻي هئي، مهاتما گانڌيءَ جهڙا ڪپڙا پائي ميدان تي نڪرڻ جو آدرش هو ۽ پنهنجي دوست فاروق راڄپر وانگر هنگلاج ۽ لاهوت جا پنڌ ڪرڻا هيا سي سڀ ڪم نه ڪري سگهيس. مان اعتراف ٿو ته ڪريان ته پنهنجي عظيم والد قاضي فيض محمد جي نظرئي سان اوترو ڪمٽيڊ نه ٿي سگهيس جيترو ٿيڻ گهربو هو. مان اهو به اعتراف ڪريان ته پنهنجن ٻارن کي سنڌي سيکاري نه سگهيس، هاڻي ننڍڙو پٽ سنڌي سکڻ لڳو آهي ۽ايئن وڏي پٽ به واعدو ڪيو آهي ته هو هاڻي ضرور سنڌي سکندو