مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    [​IMG]

    تون ڳالهه ڪرين ٿو ذلفن جي مان اڻڀن اڻڀن وارن جي
    تون ڪوڪ سڻين ٿوڪوئلجي مان پيٽ بکايل ٻارنجي


    مزدور ڏينهن جي شروعات ــــ مزدور تحريڪ بنيادي طرح 1860ع ۾ شروع ٿي، تنهن کانپوء 1886ع 80 هزار مزدورن حڪومت اڳيان پنهنجا مطالبه مڃرائڻ لاء هڪ ڪوشش ورتي۽ احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت پوليس هٿان انهن مزدورن تي گوليون هلرايون ۽ ڪجهه مزدور مري پيا، ۽ ان ڏينهن جي ياد ۾ 1 مئي مزدورن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي،

    مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور
    ارشد رباني آهي ( لقدخلقناالانسان في ڪبد )سوره البلد

    (تحقيق اسان انسان کي مشقت ۾ پيدا ڪيو آهي.)
    ان مان اهيو معلوم ٿئي ٿو ته محنت مشقت ڏک، ڏاکڙا، پاڻ پتوڙڻ جدو جهد ڪرڻ ، محنت مزدوري ڪرڻ انسان جي اصليت ۾ شامل آهي، محنت مزدوري ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي، محنت مزدوري لاء ته اهيو چيو ويو آهي ته ( الڪاسب حبيب الله) محنت مزدوري ڪندڙ الله جو دوست آهي، ۽ محنت مزدوري ته اسان جي پيغمبر حضرت محمد صليالله عليه وسلم جن به ڪئي آهي،

    پراهيو به سچ آهي ته هميشه مزدور سان ظلم ۽ ڏاڍ رهندو پيواچي جڏهن ته اسان جي مذهب اسلام ته اهيو چيو آهي، ته مزدور جي مزدوري سندس پگهر سڪڻ کان به پهرين ادا ڪئي وڃي، ۽ جيڪو پاڻ کائو اهو ملازم ( مزدور) کي کارايون، جيڪوپاڻ پهريو اهو (ملازم ) مزدور کي پهرايو،
    مگر افسوس جو ائين نه پيو ٿئي،
    مزدور ڊي هر سال ملهايو ته وڃي ٿو، مگر اهو ڏينهن صرف ملهائڻ تائين محدود ٿي ويو آهي، ۽ مزدور جا مسئلا ساڳيا جا ساڳيا آهن، اسان جي سرڪار هر مزدور جي پگهار 6000 رپيا مقرر ته ڪئي آهي، پر ڇا اهي 6000 رپيا اڄ جي ڳاٽي ٽوڙ مهگائي لاء ڪافي آهن، اسان جي ملڪ ۾ ته اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جنهن کي رهڻ لاء پنهنجو گهر به ڪونهي، ۽ ڪرائي جي گهرن ۾ پيا رهن ۽ اڄڪلهه هڪ ڪمري جو گهر ڪرائي تي به 4000 رپين کان گهٽ ۾ ڪو نه ٿو ملي، اگر اڄ جو مزدور 4000 رپيا گهر جو ڪرايو ڏئي ته ڇا باقي 2000 رپين ۾ سندس جو گهر هلندو، جڏهن ته ان کان به وڌيڪ ته ظلم اهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪافي اهڙا ادارا آهن جنهن ۾ اڄ به 6000 رپيا پگهار نه ٿي ملي، ۽ انهن خلاف به حڪومت ڪو ايڪشن نه پئي گهڻي، سنڌ جي مزدور کي اڄ به ٻه ويلا ماني ميسر نه پئي ٿئي، ۽ اڄ به سنڌ جو مزدور ڦاٽل ڪپڙا پيو پائي، خاص ڪري سنڌ ۾ ٿرجي مزدور جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، اڄ به ٿر ۾ 40 رپيا ڏهاڙي تي 10 کان 12 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي ( اتي ته ليبر ڊپارٽمينٽ به ڪجهه نه ٿو ڪري) ۽ سندس حال بري مان برو آهي، سنڌ جي محنت ڪش مزدور غريب مسڪين لاء سنڌ جي شاعر شاه صاحب هن طرح فرمايو آهي
    ( ولهون ويلا، وار جوڳين جهليا جهان ۾
    اجهوريء الله، ڪونهي ڪاپڙين جو )


    اتــر ڏنــي اوت نه مــون ســوڙ نه گــبرو،
    چارئي چنيء پوت، مون ريڙهيندي رات وئي


    شاه صاحب جن مٿين سٽن ۾ فرمائن ٿا ته منهجا ماروئڙا مسڪين غريب پيٽ بکيا ويچارا ولهه تي ويٺا آهن سندن وٽ ڪجهه کائڻ لاء ڪونهي ڪجهه پائڻ لاء ڪونهي، هنن وٽ اهو ڪونهي جو سياري جي موسم ۾ پاڻ مٿان وجهي سمهي آرام ڪن، ۽ منهنجا ماروئڙا پنهنجي زندگي ائين پيا گذارين جيئن ڪنهن وٽ سياري جي موسم ۾ هڪ چادر هجي ۽ اها چادر ضرورت کان تمام ننڍي هجي سيءُ کان بچڻ لاء پوري رات چادر کي مٿان کان هيٺ ۽ هيٺان کان مٿي سيريندو رهي، ۽ رات گذري وڃي،مگر سک سان ننڊ ڪري نه سگهي، ۽ اهڙي ريت اسان جو مزدور پنهجي زندگي جي ضرورتن کي پيو هيٺان کان مٿي ، ۽ مٿان کان هيٺ ڇڪيندو رهي ٿو ۽ سندس پوء زندگي جو پنڌ به کٽيو وڃي، ۽ آخرڪار انهي حال ۾ ئي هي جهان ڇڏي هليو ٿو وڃي،
    شاه صاحب وري سنڌ جي انهيء لاچار، مسڪين ۽ مجبور پيٽ بکايل ڦاٽل ڪپڙا پائيندڙ مزدور لاء فرمائن ٿا ته جنهن ماڻهون وٽ کائڻ لاء ڪجهه به نه هجي ۽ پائڻ لاء ڪپڙو نه هجي ان کي شادين تي وڃڻ جو ڪهڙو شوق رهندو،
    ڏکيء ڏمر ناه، بکيء کل نه اجهي.
    اگهاڙيء وهانء، ويو ويچاريء وسري
    .

    سو ادا اسان جو مزدور انهن شادين مرادين جي خوشين کان ته وڃي ٿو پري ٿيندو پر کيس ٻه ويلا ماني به صحيح سان نصيب نه آهي، ۽ سندس حال بري مان برو ٿيندو پيو وڃي، جيڪو حال توهان پڻ هنن وڊيوز ۾ ڏسي سگهو ٿا،



    مزدور ڏينهن هڪ رپورٽ​

    http://www.youtube.com/watch?v=GwFdGzo9ysM

    http://www.youtube.com/watch?v=Zi5MWdFJGWs&feature=related
    مزدور ڏينهن هڪ دستاويزي وڊيو فلم​


    http://www.youtube.com/watch?v=LAZg...A0AACDC96&playnext_from=PL&index=0&playnext=1
    http://www.youtube.com/watch?v=R16FrpdE__c&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=RV4PTmZCwe0&feature=related

    سنڌ جي مزدور جي حالت هڪ رپورٽ ​

    http://www.youtube.com/watch?v=fYKLpFmL7_g&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=T4gW31xECKc&feature=relatedhttp://www.youtube.com/watch?v=NRwWA3Jx5GA&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=MJYA5CBogyg&feature=related

    ننڍا ٻار ۽ مزدوري جو ڪم​

    http://www.youtube.com/watch?v=2NfzQG2ZbAs&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=n-ha8vbkFl0&feature=related

    ٿر جامزدور هڪ رپورٽ​

    http://www.youtube.com/watch?v=eLbvYsBo67U&feature=related
    http://www.youtube.com/watch?v=jNoVbz4Iqto&feature=related
    مزدورن جون ڪجهه تصويرون ​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    مزدور جو ٻار
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    توهان جي هي تحرير پڻ حسبِ روايت انتهائي بهترين، مفصل ۽ مڪمل آهي۔۔۔ ٻيو ته موقعي جي مناسبت سان لڳائي توهان سنڌ سلامت جو فرض ادا ڪري ڇڏيو۔۔۔۔
    گورنمينٽ جي اعلان موجب هڪ مزدور جي خاندان (زال، مڙس ۽ ٻه ٻار) لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار (منيمم ويج) ڇهه هزار روپيا آهي۔۔۔
    ڇا هن معمولي رقم مان هن ظالم مهانگائي جي دور ۾ هڪ مزدور صرف پيٽ جو گذارو ڪري سگهندو آهي۔۔۔؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ڏيڻ کان اٽو، لٽو ۽ اجهو جو نعرو هڻي ووٽ وٺندڙ اسان جي موجوده حڪومت جا حڪمران پڻ لنوائين ٿا۔۔۔۔
    مزدورن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان اهو سوال پڻ اهم آهي ته مزدور جيڪو روز ڪمائي ۽ کائي ٿو جي روزاني جي ڏيهاڙي ڪيتري هجڻ گهرجي۔۔۔۔؟
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    ادا رشيد، بيشڪ ادو ممتاز کوجي ٿيندو پيو وڃي ۽ سندس هر تحرير پڙهڻ وٺان هوندي آهي ۔۔۔ مٿان وري ڦوٽا ۽ وڊيوز جي مدد سان ڳالهه کي مڪمل ڪري اسانکي لاجواب ڪري ڇڏي ٿو ۔۔۔ تمام سٺي ڳالهه ۔۔۔
    باقي جيڪو سوال آهي ته مزدور جي پگهار ڇا هئڻ گهرجي ته ۔۔۔ بيشڪ پوري دنيا ۾ هي جيڪا ترقي آهي ۽ انسان جو ڪمال نظر اچي ٿو سو آهي انجنيئرنگ جي بدولت ۽ انجنيئرنگ وري ڪارڪنن (مزدورن) کان بغير ڪجهه به ناهي ۔۔۔ هي سڄو ڪمال جيڪو نظر اچي ٿو اهو مزدور جي هٿن جو ئي جلوو آهي ۔۔۔
    هر قوم جي مزدور جي حيثيت ان قوم جي حالتن تي منحصر هوندي آهي ۔۔۔ جي قوم ترقي يافته ۽ خوشحال هوندي ته مزدور به ترقي يافته اوزارن سان گڏ خوشحال هوندو ۽ سندس پگهار ضرورتن کي پوري ڪرڻ لئه ڪافي هوندي آهي ۔۔۔ انهن قومن وٽ محنت جو معاوضو ۽ زندگي جي ضروريات جون شيون اهڙي طرح ته سلهاڙيل هونديون آهن جو اهي مزدور جي پهچ تائين هونديون آهن ۔۔۔ ۽ هو پنهنجي روزمرهه جي ڪمائي مان ڪجهه پاڇي ڪري اهي شيون حاصل ڪري وٺندو آهي ۔۔۔
    مثال : سعودي عرب ۾ هڪ سٺو ڪمائو مزدور 2000 هزار ريالن تائين ڪمائي ٿو ۽ جي چاهي ته انکان به وڌيڪ ڪمائي سگهي ٿو ۔۔۔ هاڻ جي مزدور ڪلاس جي رهائش جو ڪرايو 500 ريال بجلي سميت آهي ۽ مهيني ۾ هزار ريال راشن ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ڪري ته به 500 ريال بچائي سگهي ٿو ۔۔۔ انهن ماهوار پنجن سون جي بچت مان هو ٻن ٽن مهينن ۾ ايئرڪنڊيشن وٺندو ۔۔۔ ايندڙ ٻن مهينن جي بچت ۾ گهر جو فرنيچر ۔۔۔ انکانپوٌ فرج، انکانپوءِ ٽي وي ۔۔۔ ۽ اڃان ڪجهه وڌيڪ مهينا بچت ڪري ڪار پڻ وٺي سگهي ٿو ۔۔۔ مطلب ته هڪ مزدور به پنهنجي زندگيءَ ۾ اميرن جهڙيون سهولتون نه ئي سهي پر پوءِ به آرام سان رهڻ جهڙو ٿي وڃي ٿو ۔۔۔

    هاڻ پاڻ ڀيٽ ڪريو پاڪستان جي مزدور جي ۽ ترقي يافته ملڪن جي مزدور جي ۔۔۔ هي ته مون مثال سعوديءُ جو ڏنو آهي ۔۔۔ اڃان ٻيا ملڪ سعوديءَ کان گهڻو بهتر آهن ۔۔۔

    وڌيڪ دوست پاڻ سياڻا آهن ۔۔۔ باقي ادا پاڪستان ۾ مزدور جي حالت بدلبي ۔۔۔ گهٽ ۾ گهٽ تنهنجي منهنجي حياتيءَ ۾ ته ڪا اميد ناهي ۔۔۔ يا وري حالتون ايئن ئي رهيون ته ڪجهه عرصي اندر اٿوپيا واري حالت هوندي يا وري اهڙي بغاوت جيڪا سڀ ڪجهه وهائي ويندي ۔۔۔ انشاء الله
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    ادا نثار ابڙا صاحب ۽ ڀاء رشيد سمون صاحب توهان جا لک قرب جو توهان منهنجي لکت کي پسند ڪيو ۽ مزدور ڏينهن تي تبصرو ڪيو، مــــهـــربــانــي
     
  6. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    ادا ممتا ز وگهيو صاحب موقعي جي ماسبت سان مزدورن سان ٿيندڙ نا انصافين تي بهترين نموني سان روشني وڌي آهي اميد ته اي سي لڳل ڪمري ۾ ڳول ڦرندڙ ڪرسي تي ويٺل عياش ڪامورا سندس واهر ڪندا۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    واقعي سائين ممتاز صاحب جن جي محنت خراج تحسين جي لائق آهي الله تعالي سندن علم ۽ عمل ۾ ترقي عطا فرمائي۔
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔
     
  8. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    مهربانيون سائين مهربانيون
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

    اتــر ڏنــي اوت نه مــون ســوڙ نه گــبرو،
    چارئي چنيء پوت، مون ريڙهيندي رات وئي ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو