غريبن سان عيد خادم گھراڻو ٻاهر گھگھه اونداهي هئي سائل پنهنجي ڪچي گھر ۾ کٽ تي ليٽيو پيو هو گھر ۾ هلڪي روشني هئي جيڪا لالٽين جي ڪري هئي ٻيو سڄو گھر اونداهي ۾ گھيريل هو سائل جي چهري تي ڏک ۽ مايوسي جون ريکائون هنيون هن جا ٻه ٻار هڪ ننڍڙي ۽ هڪ ننڍڙو ڇنل کٽ تي ستا پيا هئا جن جي بدن تي ڦاٽل ڪپڙا پهريل هئا . سائل جي گھرواري جي اکين ۾ اداسي هئا ڪنهن ڪنهن وقت هيءَ سوچن ۾ پئجي ٿي ويئي هن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ شروع ٿي ويندا هئا جيڪي چهري تي نيسرا ٺاهيندي هيٺ ڪچي پٽ کي آلو ڪري گم ٿي ويا ٿي . مٿان عيد اچي رهي هئي سوچي رهي هئي ته ٻار ٻين ٻارن کي نوان ڪپڙا پهريل ڏسندا ته هن کان سوال ڪندا ته هنن کي نوان ڪپڙا پهريل ڇو نه آهن .هيءَ وري سائل کي ڏسندي هئي ته وڌيڪ ڏک ۾ ڀرجي ويندي هئي . اوچتو هن جو ذهن ماضي جي جھروڪن ۾ وڃي ٿو جڏهن هيءُ خوش گذاريندا هئا روز نوان ڪپڙا پهريندا هئا . جڏهن هنن کي ننڍڙي ڄائي هئي ته هيءُ ڏاڍا خوش ٿيا هئا وڏا جشن ڪيا هئا . پر اڄ هيءُ محتاج بنجي ويا آهن . سائل هڪ محنتي ايماندار ماڻهو هو هيءُ صبح ساجر محنت ڪرڻ جي لاءِ نڪري ويندو هو روزانو ايترو ته ڪمائيندو هو جو هنن جو گھر خوش هوندو هو .هڪ ڏينهن هن جي قسمت هن سان رسي ويئي هيءُ رات جو دير سان پنهنجي گھر واري ۽ ٻار جا ڪپڙا وٺي گاڏي ۾ اچي رهيو هو هيءُ خوش هو ته اڄ منهنجا ٻار تمام خوش ٿيندا اڄ مزوري سٺي لڳي آهي پر قسمت کي ٻيو ڪجھه منظور هو . جيئن گاڏي پنهنجي منزل طرف وڃي رهي هيءُ ته اوچتو هڪ موٽر سائيڪل سوار اوباش نوجوان گاڏي جي اڳيان اچي ويو جيئن ئي ڊرائيور هن کي بچائڻ جي ڪوشس ڪئي ته گاڏي ڪلٽي ٿي ويئي جنهن حادثي جي نتيجي ۾ سائل جي ٻانهن ۽ ٽنگ ناڪاره ٿي ويئي جيڪو گھر خوشين سان منور هو اهو مجبوري ۽ پيڙاهه جي ور اچي ويو . جيڪو محنتي سائل هو جيڪو ٻين جي اڳيان هٿ ڊگھيرڻ کي عيب سمجھندو هو سو اڄ ٻين جي اڳيان هٿ ڦهلائي رهيو هو هن جا خواب سپنا ان حادثي ختم ڪري ڇڏيا . اڄ هن جي چهري تي مايوسي هئي هن کي هر هر هن جي ٻارن جا سوال ذهن ۾ تري رهيا هئا ته بابا عيد اچي رهي آهي اسان کي عيد جا ڪپڙا ملندا يا نه هيءُ ٻارن کي چوندو هو ته جڏهن پيسا ٿيا ته توهان کي وٺي ڏيندس . هن کي اهو ڏک هو ته ٻين جا ٻار اسڪول وڃن ٿا پر منهنجي معذوري جي ڪري منهنجا ٻار اسڪول ڪونه ٿا وڃن غريب الله کان سواءِ ڪير آهي . هيءُ سوچن جي ساگر ۾ قيد هو هن جون نظرون مٿي آسمان ۾ ٽمڪندڙن تارن ۾ هنيون چهري تي پريشاني ۽ مايوسي هئي . هن جي گھر واري جيڪا اڳئي ڏکن ۾ گھايل هئي هن جي ويجھو اچي هن کي چيو ته پريشان نه ٿي الله خير ڪندو . هن چيو ته ڏس عيد ۾ ڪجھه ڏينهن اچي بچيا آهن ٻارن جي لاءِ ڪجھه به نه آهي نه ئي عيد تي رڌڻ جي لاءِ ڪو چکو چوکو طعام آهي اهو سوچي منهنجو جيءُ جھري رهيو آهي .زندگي هڪ امتحان آهي . الائجي ڪهڙو امتحان اچي پيو آهي ڪيڏي نه خوش زندگي گزرندي هئي نه ئي گاڏي اڳيان اهو ڇوڪر اچي ها نه ئي گاڏي ڪلٽي ٿئي ها نه ئي آئون جڏو ٿيان ها . خبر نه آهي ماڻهو پنهنجي اولاد کي چو نٿا روڪين جيڪڏهن اسان جي بدران ان ڇوڪر کي ڪجھه ٿئي ها ته ان جي ماءُ جي ڇا حالت ٿئي ها جنهن جو اکين جو اهو نور هو . هن جي گھر واري هن کي چيو ته تون مايوس نه ٿي رب وڏو آهي اهوئي ڪو وسيلو ڪندو . ڏس تون پريشان ٿيندي ته پريشاني سان مسئلا حل نه ٿيندا جيڪڏهن توکي ٻار ڏکارو ڏسندا ته انهن جي دل به ڏکاري ٿيندي . تون الله کان بخشش دعا گھر . اهو ڪونه ڪو وسيلو ڪندو . مون جي دل ٿي چوي ته پنهنجا ٻار به ٻين ٻارن وانگر خوش ٿي عيد ڪندا .تون الله کي ياد ڪري سمهي رهه . سوچن ۾ سائل کي خبر ئي نه پئي ته ڪيڏي مهل ننڊ اچي ويئي جڏهن صبح جو مٺيون ٻوليون ٻوليندي رزق جي تلاش لاءِ پنهنجا آکيرا ڇڏيا ته هيءُ به پکين جي مٺي لات تي سجاڳ ٿيو هن ڏٺو ته هن جي گھر واري چانهه ٺاهي رهي هئي . اوچتو در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٿيو هن پنهنجي بيساکي جي سهاري تي وڃي در کوليو . جڏهن هن در کوليو ته سامهون هن ننڍپڻ جو دوست ۽ ان جي گھر واري بيٺي هئي . هن جو دوست هن وقت وڏو آفيسر هو . جڏهن هن پنهجي دوست کي ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو هن کي گھر اندر سڏي ويهاريو . ايتري ۾ ٻار به اٿيا .جيڪي هنن سان اچي مليا . هن جي گھر واري هنن کي چانهه ڏني . چانهه پيئڻ کان پوءِ سائل کي سندس دوست چيو ته جيڪو مون کي همت ڏياريندو هو اهو اڄ منهنجو دوست مايوس آهي اڄ کان پوءِ توکي آئون ڏکارو ۽ مايوس نه ڏسان هيءُ ٻار اسڪول کان به پري آهن . پر هاڻي ائين نه ٿيندو سائل ڪجھه چوڻ چاهيو ٿي ته هن جي دوست هن کي ڳالهائڻ نه ڏنو ۽ چيو ته سائل معذوري مجبوري نه هوندي اڄ کان پوءِ توکي آئون پهرين وارو همت وارو محنتي سائل ڏسان . هن چيو ته اهي ڏينهن ويا هليا . هاڻ ...... هاڻ کي ڇڏ . ڀاڄائي تيار ٿيو ته پاڻ هلون ٿا . سائل چيو ڪيڏانهن جنهن تي هن چيو اهو منهنجو مسئلو هن جو دوست هنن کي بازار وٺي ويو هنن کي عيد جا ڪپڙا جتيون راشن وٺي ڏنو سائل لاءِ به ورتا . گھر اچي سائل کي چيو تون منهنجو دوست آهين آئون توکا مايوس ڏسڻ نٿو چاهيان . مون سان هڪ واعدو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪنهنجي اڳيان به هٿ نه ٽڪندي جنهن تي سائل چيو ته آئون جڏو ماڻهو هنن جي ڪٿان پورت ڪندس هن جي دوست چيو ته ان جو حل مون وٽ آهي مون ان جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي هاڻي هيءُ ٻار اسڪول به ويندا . دوست دوست جي ڪم نه اچي ته اها دوستي ڪهڙي ڪم جي . سائل کي هيءُ هڪ بند دوڪان وٽ وٺي ويو هن کي چاٻي ڏيندي چيائين ته اڄ کان پوءِ هيءُ دوڪان تنهنجو هن کي تون هلائيندي . وقت پنهنجي رفتار سان هلندو ويو . اوچتو پاڙي ۾ گوڙ ٿي ويو ته اهو چنڊ هنن تارن جي مٿان . هر طرف خوشي هئي ته سڀاڻي عيد آهي . ٻئي ڏينهن عيد تي جتي ٻيا ٻار خوش هئا اتي سائل وارا به پنهنجي ٻارن سان گڏ خوشي ملهائي رهيا هئا . سائل جي دوست جي وسيلي سان سائل جا ڏک لهي ويا هئا هنن غريبن به خوشي سان عيد ملهائي . اسان به ڏسون ته اسان جي پاڙي ۾ سائل جهڙو ڪ غريب مايوس ته آهي جنهن جي دل ۾ ارمان هجي ته ٻين جا ٻار عيد ملهائيندا نوان ڪپڙا پهريندا پر منهنجا ٻار ائين هوندا اچو ته غريبن کي پنهنجي خوشين سان شامل ڪري عيد جو ڏينهن شاندار نموني ملهايون .