سنڌ جي مشهور پَلي مڇيءٰ جي مند

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    تازه ترين خبرون آهن ته سنڌو درياءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ بعد سنڌ جي ناياب سوکڙي ”پلو“ مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي . سنڌ جي ڊيلٽائي ڇوڙ واري علائقي کارو ڇاڻ جي سامونڊي حدن اندر سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي جو وهڪرو ڇوڙ ڪرڻ بعد سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻي تي پلجندر سنڌ جي ناياب بڻيل سوکڙي پلو گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٺٽي جي مڇي مارڪيٽ ۾ پهچڻ شروع ٿي ويو هو ۽ هاڻ ڄامشوري ۾ به دستياب آهي. ذائقيدار هن ناياب سوکڙي ”پلي“ جي مارڪيٽ ۾ اچڻ بعد ڳري قيمت هجڻ باوجود ماڻهو وڏي شوق ۽ چاهه سان خريد ڪرڻ لڳا آهن، جڏهن ته پلو مڇي ماڻهو خريد ڪري مٽن مائٽن ۽ دوستن کي تحفي ۾ پڻ ٻين شهرن ڏانهن موڪلڻ لڳا آهن، پلو مارڪيٽ ۾ اچڻ ڪري جتي ماڻهن ۾ خوشي آهي اتي وري واپارين به پلي ۽ مڇي جا اگهه چوٽ تي چاڙهي ڇڏيا آهن، جنهن سبب پلو خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو پلي جا اگهه ٻڌي پريشان ٿي وڃن ٿا.

    پلو مڇي جا ڪنڊا ننڍا ۽ سنها هجڻ ڪري ڪراچي جا ماڻهو صفا گهٽ کائين پر مون کي ڏاڍي وڻي. هڪ دفعي المنظر تي پهتاسين ته پلو مڇي ملي رهي هئي جڏهن ته درياهه ۾ انهن ڏينهن ۾ واري پئي اڏامي. تفصيل وٺڻ تي خبر پئي ته اهي پلا ايران مان آيا آهن. پلي جي به پنهنجي ڪهاڻي آهي، جڏهن درياهه ۾ چاڙهه هوندو هو ۽ ڪوٽڙي بئراج ٺهيل ڪونه هو ته پلو گڊو بيراج تائين ملندو هو. پر پوء درياهه جي سوڪهڙي ۽ بئراج سبب پلي ۾ گهٽتائي ايندي رهي. چون ٿا ته پلو پنهنجي افزائش سمنڊ ۾ ڪري ٿو ۽ سندس ٻچا ڪارا ٿين، پر پوء درياء ۾ اڀرندو ترندي سمنڊ کان مٿي اچڻ شروع ڪري ٿو ۽ سندس رنگ به درياء جي پاڻيء جهڙو ڀورو ٿيندو وڃي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پلي بابت ممعلومات ونڊڻ لاءِ قُرب.
    ڄامشورو جي شاگردي دؤر ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن فاٽڪ جي ڪڙهائي به غنيمت هُئي جو اُهي ڏينهن والدين جي مالي تنگين ڪري هٿ هلڪو رکڻو پوندو هو. ڪراچي جا ٿياسين ته ڪراچي وارن جيان پلو کائي مزو نه آيو. سنها ڪنڊا هُئس. متان ڪي ڪاريگر هُجن جيڪي ان کي ذائقيدار ٺاهي ويندا هُجن.
    سنڌين کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي اچڻ جو واڌايون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو