هڪ دفعي گوتم ٻڌ پنهنجي ڪجهه پوئيلڳن سان گڏ هڪ شهر کان ٻي شهر سفر ۾ هئا. شروعاتي ڏينهن هئا، سفر دوران هنن جو هڪ ڍنڍ ڀرسان گزرڻ ٿيو ته هو ان ڍنڍ وٽ بيهي رهيا. گوتم ٻڌ پنهنجي هڪ پوئيلڳ کي چيو ته ” آئون اڃايل آهيان منهنجي لاء هن ڍنڍ وٽان پاڻي ڀري اچو “. پوئيلڳ انهي ڍنڍ ڏانهن وڌڻ لڳو... ڏٺائين ته ڍنڍ منجهان هڪ ڍڳي گاڏي جو گزر ٿي رهيو آهي. ان جي لنگهڻ سان پاڻي ۾ موجود مٽي جي اٿڻ سان پاڻي آلوده ٿي ويو سوچيائين هي پاڻي ته ميرو ٿي ويو گوتم ٻڌ کي هي پاڻي ڪيئن ٿو پياري سگهجي سو هو گوتم ٻڌ ڏانهن واپس ويو ۽ هن کي چيائين ته ”پاڻي آلوده ٿي ويو آهي ۽ پيڻ جي لائڪ ناهي رهيو“. اڌ ڪلاڪ گزرڻ کا پو گوتم ٻڌ انهي ساڳي پوئيلڳ کي چيو ته وڃ واپس انهي ڍنڍ مان منهنجي لاء پاڻي ڀري اچ پوئيلڳ تابعداري سان انهي ڍنڍ ڏانهن ويو ۽ ڏٺائين ته پاڻي اڃان به آلوده آهي . واپس گوتم ٻڌ ڏانهن وريو ۽ هن کي ٻڌايائين. ڪجهه وقت کان پوء گوتم ٻڌ وري انهي پوئيلڳ کي پاڻي ڀري اچڻ جو چيو. پوئيلڳ ڍنڍ وٽ پهتو ڏٺائين ته پاڻي بلڪ صاف سٿرو ۽ صاف ٿي چڪو آهي، مٽي هيٺ تهه ۾ ويهي رهي آهي . ٿورو پاڻي وٽي ۾ ڀريائين ۽ گوتم ٻڌ کي پيش ڪيائين. گوتم ٻڌ پاڻي کي ڏٺو ۽ انهي پوئيلڳ کي ڏٺائين ۽ چيائين ته ” ڏس تو هن پاڻي کي صاف ڪرڻ لاء ڇا ڪيو. فقط ان کي رهڻ ڏنئي ۽ مٽي پاڻ مرادو هيٺ وهي رهي ۽ توکي پيڻ لاء صاف پاڻي ميسر ٿيو . اسان جو ذھن به بلڪل انهي وانگر آهي جڏنهن اهو ڪنهن پريشاني ۾ مبتلا ٿيندو آهي ته ان کي انهي حالت ۾ رهڻ ڏجي ۽ ان کي ڪجهه وقت ڏيڻ گهرجي هو پاڻئي پنهنجي عام حالت ۾ اچي ويندو توهان کي ان کي عام حالت تي آڻڻ جي لاء ڪا به ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت ناهي.“ ترجمو ... فهدرضا رند
تمام بھترين نصيحت آھي جنھن تي عمل ڪرڻ گھرجي، پر منھنجي خيال ۾ سائين ماٺ ڪرڻ کان وڌيڪ بھتر آھي ته ھڪ ڊسپرين جي گوري خائي ڪلاڪ کن آرام فرمائجي ته وڌيڪ بھتر رھندو، آرام جو آرام . شانتي جي شانتي
راجا جي! ڊسپري ۽ آرام. جي آرام ئي ڪرڻو آهي ڊائزيپام کائجي يا ڪا ننڊ جي گوري کائجي . همرا کي سو هجي نه هجي نه ڊسپرين کارائي ٻيڙي نه ٻوڙجي.