هِن دل کي بِرهه بڇاڻي ڪو، شعولو نه سهي ٽانڊو ئي سهِيمان ڀانيان مونکي ڀانئي ڪو، سُهڻو نه سهِي ڪوجهو ئي سهِيمان چاهيان ٿو ڪو چاهه ڪري دل سان نه سهِي دوکو ئي سهِي ڪو مُرڪي مُرڪي شرمائي، سچ پُچ نه سهي نخرو ئي سهي، ڪو ڀر ۾ اچي دل پُرڀائي، بوسو نه سهِي گفتگو ئي سهِي ها پيار ته پنهنجي وُس ناهي، همدردي جو جذبو ئي سِهي استاد جو جذبو ڳڀرو آ توڙي پِنڊو پوڙهو ئي سهِي هو مُون به مِٺا هڪ پيار لڌو، ساڀِيان نه سهِي سپنو ئي سهِي. اُستاد بخاري