شوڪت لوهار ننڍڙي وهي هئي، ڳالهيون سمجهه جي ننڍڙي گهٽيءَ مان ڏکيائي سان گذرنديون هيون. بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي هوندي هئي، جنهن تي نيلام گهر پروگرام ايندو هو، جيڪو تمام گهڻو معلوماتي ۽ تفريحي هوندو هو. بعد ۾ اِهو طارق عزيز شو ٿيو ۽ پوءِ ”بزم طارق“. ان مان خاص طور تي عام معلومات جي حوالي سان تمام گهڻو لاڀ حاصل ٿيندو هو. پهريان مون کي خبر نه هئي ته هي سڀ تحفا جن ۾ ڪپڙا، موٽر سائيڪلون ۽ ڪار پڻ شامل هوندي هئي، اهي سوالن جي صحيح جواب ڏيڻ تي کٽيندڙن حوالي ٿيندا هئا ۽ ان کانپوءِ کٽيندڙن جو مُک ڏسڻ وٽان هوندو هو. آئون سمجهندو هئس ته هي انعامات شايد ”طارق عزيز پنهنجي پاران ڏئي ٿو؟“ سندس ڪمپيئرنگ ايتري ته موثر ۽ جاندار هوندي هئي جو هن جي انداز بيان ۽ پيشڪش ۽ حاضر جوابي ۽ خوبصورت خيالي، اتي موجود ماڻهن ۽ ڏسندڙن کي منڊي وجهندي هئي. رمضان شريف جي مهيني ۾ پي ٽي وي تي خاص معلوماتي پروگرام نشر ڪيا ويندا هئا، جَن ۾ روزي جي فضيلت ۽ ان جي تقدس بابت ملڪ جا نامور اسڪالر، عالم دين ڏسندڙن تائين علم جو خزانو پُهچائيندا هئا. قاري خوشي محمد طرفان چيل حمد باري تعاليٰ ۽ نعت، ماڻهن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيندي هئي. قصيده بُرده شريف روح کي جهومائيندڙ ۽ ماکي جهڙي سُر ۽ لئه، جنهن ۾ ڪي به اجايا انسٽرومينٽ شامل ڪونه هوندا هئا، دل کي تسڪين پهچائڻ لاءِ ڪافي هئا. وقت اُٻاسي ڏئي ننڊ مان اٿيو. اڄڪلهه ڪيبل سسٽم ذريعي پرائيويٽ ٽي وي چئنلن جي يلغار آهي، جنهن ۾ گهڻو تڻو انڊين ڊرامن جي ڀرمار جي ڪري خاص طور سنڌي ۽ اردو ڊرامن تي ڪاري ضرب لڳي، پر حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. انڊين ڊرامه جيڪي ”ناٽڪ“ گهٽ ۽ ناٽڪ سان مشڪري وڌيڪ لڳن ٿا، اهي اسان جي مٿي ۾ هنيا وڃن ٿا، جن جو حقيقي زندگيءَ سان پري پري تائين ڪوبه واسطو ڪونه هوندو آهي. انديا ائين آهي به ڪونه، جيئن ان کي ان جي ڊرامن ۾ عيان ڪيو وڃي ٿو. هي نه ختم ٿيندڙ ڊرامه، جن کي ’سوپ سيريل چئجي ٿو، صرف ۽ صرف پنهنجي ڌنڌوڙي ۽ ڪمائڻ واري مڪاري خاطر لکيا پيا وڃن، پر ان جا ناڪاري اثر جيڪي اسان جي سماج قبول ڪيا آهن، اهي به توهان جي سامهون آهن. سَسُ ۽ نُنهن جي جهيڙي جهڙي موضوع مان جيترو ڌن اسٽار پلس ڪمايو آهي، ايترو شايد بل گيٽس پنهنجي مائڪرو سافٽ ڪمپني مان به نه ڪمايو هوندو. انڊيا جي ڊرامن کان پوءِ هينئر ترڪي جي ڊرامن پاڪستان جي پرائيويٽ چئنلن تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو آهي، جيڪي جيتوڻيڪ گهڻن ئي حوالن کان پاڪستاني ڊرامن کان مختلف آهن، پر پوءِ به انڊيا جي ڊرامن کان قدر چڱا آهن، تنهن هوندي به ترجمي ۽ ايڊيٽنگ ۾ انهن جو گهڻو تڻو روح Essence ۽ بڻ Originity مريو وڃي ٿو، تنهن ڪري ماڻهو جلد ئي انهن مان بيزار ٿي وڃي ٿو، پر پوءِ به ويجهڙائي ۾ نشر ٿيندڙ عشق ممنوع ۽ تازو هلندڙ تاريخي ڊرامي ”ميرا سلطان“ کي تمام گهڻي پذيرائي ملي رهي آهي. ڊرامن جي ڳالهه تي پاڻ ڪنهن ٻي واري مٿا ڪُٽ ڪنداسين. هينئر رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ ٽي وي چئنلن جي ريٽنگ جي ڊوڙ هڻي، لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا آهن. جڏهن هر شيءِ ڪمرشلزم جو شڪار ٿيندي آهي ته تمام گهڻو عجيب لڳندو آهي. انهيءَ ريٽنگ جي چڪر ۾ ته ’مان هُن کان بهتر‘، صبح سوير جيڪي مارننگ شو ٿين ٿا ۽ انهن ۾ براهه راست شاديون ڪرايون وڃن ٿيون، جيڪو ازدواجي رشتن سان هڪ عجيب مذاق آهي. هِڪ هِڪ مائي جي چار چار دفعا شادي ٿئي پئي. اينڪر ماڊل کي ڪنهن مسئلي جي مڪمل ڄاڻ نه هوندي به هو ان جي حڪيم ٿيڻ ۾ دير نه ٿي ڪري. انهن ڪاسميٽڪس ۽ سرخي پاؤڊرن ۾ اصل ڳالهه ۽ ڳالهه جو ڳر الائي ڪٿي گم ٿي ويو آهي. هن ڀلاري مهيني ۾ جتي مهانگائي هر شيءِ کي راڪيٽ جي اسپيڊ سان پاڻ سان گڏ آسمان تي وٺي وئي آهي، اتي روزن جي حوالي سان مختلف چئنلن جي نشريات پڻ هِڪ عجيب منظر پيش ڪري رهي آهي. مهانگائي جي هن قاتل دؤر ۾ جتي ماڻهو هِڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهن. اُتي تحفن ۽ انعامن جي لالچن سان ٽمٽار پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا، جن ۾ ماضي جا وڏا گڙنگ سياستدان جن جي تعليمي سنَدَن جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آهي، اهي انهن رمضان المبارڪ جي خاص پروگرامن جا وڏا نالي وارا چنڊ ۽ تارا آهن. جن پاپ موسيقي ۾ پاپن جي ڀؤ کان وڃي ثوابن واري واٽ ورتي آهي. سٺي ڳالهه آهي، الله تعاليٰ هر ڪنهن کي صراط المستقيم (سڌي راهه) تي هلائڻ جي توفيق ڏئي، پر انهن کان ڪڏهن ڪنهن پڇيو آهي ته اوهان جي برانڊ وارا ”ڪُڙتا“ ڪهڙي ڪمائي تحت هلن ٿا ۽ اهي ملڪ جي مهانگي ترين گارمينٽس ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. ڇا ڪڏهن اوهان کي خيال ڪونه آيو ته پاپ ميوزڪ جي پاپن کان بچڻ لاءِ وري ڪُڙتن جو پاپ اوهان کي ڪهڙن پاپن جي پاڪيٽ ۾ بند ڪندو. هن مقدس مهيني جي تقدس کي نظر ۾ رکڻ جي ضرورت آهي يا اوهان نيلام گهر سجائي ماڻهن کي انعامن ۽ گفٽ هيمپرن جي لالچ ڏئي، انهن سان جيڪا وڻيوَ جُٺ ويٺا ڪيو. اوهان جي گفتگو ۽ اوهان جي جسم تي سجايل، هزارن، لکن روپين واريون زري ۽ اطلس جون بادشاهي پوشاڪون اوهان کي زيب ڏين ٿيون ته اوهان سادگي تي ڳالهايو؟ اوهان جو ڪروڙين روپين جو سجايل هي دِل کي ٺڳيندڙ اسٽوڊيو جو سيٽ اوهان لاءِ گهڻا ئي سوال ڪري ٿو؟ ڇا اسلام ايڏي ڏيکاءُ ۽ نماءُ کان روڪي نٿو؟ ڇا اوهان جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهيو اِهو اسلام جي عين مطابق آهي؟ پي ٽي وي جي مذهبي پروگرامن ۽ خاص طور رمضان المبارڪ جي پروگرامن ۾ عالم دين سنجيدگي سان ڪنهن موضوع کي کڻندا هئا ۽ تمام خوبصورتي سان پورو ڪندا هئا. اِن لاءِ اوهان مولانا ڪوڪب نوراني جهڙن عالمن جي پروگرامن جي وڊيوز ڏسي سگهو ٿا. هي ڇا آهي؟ جتي عالمن ۽ بزرگان دين کي هِڪ مجسمو ڪري ويهاريو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڳالهائڻ لاءِ صرف ڏيڍ يا ٻه منٽ ڏنا وڃن ٿا ۽ باقي سڄو پروگرام مختلف ڪمپنين جي برانڊن جي تشهير ۽ انهيءَ تشهير کانپوءِ ماڻهن ۽ شريڪ ٿيندڙن کي سندن ڪمپنين جا انعام ائين دان ڪيا وڃن ٿا ڄڻ هي ائنڪر صاحب پنهنجي گهران ڏئي رهيو هُجي؟ اهڙي حاتم طائيت واري رويي تي حيرت کان سواءِ ڪري به ڇا ٿو سگهجي؟ اِهو ته خير، وري جڏهن ڪنهن ٻار کي هِڪ سوال جي جواب ۾ بي اولاد مائٽن حوالي ڪيو وڃي ٿو، ڇا اِها انسانيت جي تذليل نه آهي؟ توڙي جو اوهان چئو ٿا ته ٻار وٺندڙ انهن مائٽن جي پوري طرح جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کانپوءِ ائين ٿئي ٿو، پر اِهڙي اوهان پروگرام دوران ڪٿي وضاحت ڪئي؟ عام ڏسندڙن جي جذباتن تي ڇا گذرندي هوندي؟ اوهان وٽ هر شيءِ Dramatized آهي. ٿورو خيال ڪريو. جتي ڪمرشلزم هوندو آهي، اتي علم ۽ معلومات لڪي ويندا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هنن ٺينگ ٽپا ڏيڻ لاءِ ٻيا به کوڙ پروگرام آهن ۽ انهن ۾ اوهان کي ڪو منع به ڪونه ڪندو، تنهن ڪري هن مقدس مهيني جي سنجيده پروگرام کي جديد نيلام گهر نه بڻايو! shoukatali.lohar@gmail.com
اهو بلڪل سچ آهي ته اڄڪلهه مذهب کي به ڪمرشل ڪيو ويو آهي ۽ جنهن انداز سان شو ٿي رهيا آهن انهن تي شرمندگي جي ٻيو ڪجهه ڪري نه ٿو سگهجي.