آئون اعتراف ٿو ڪريان ته ذاتي ضرورتن آڏو نه ڄاڻ ڪيتريون مصلحتون ڪرڻيون پيون. اعتراف ٿو ڪريان ته پنهنجي شاعري واري بخشڻ مهراڻوي جي نسبت ٽي وي ۽ شوبز واري بخشڻ مهراڻوي کي گهڻو وقت ڏنم. اعتراف ڪندو هلان ته ڪمپئرنگ جي سفر دوران ڪيترن فضول ۽ بنهه ننڍڙن بيڪار ماڻهن کي پنهنجن خوبصورت لفظڻ جي ڀيٽا ڏيندو رهيس. آخر ۾ اهو به اعتراف ڪيان ٿو ته هن اعتراف باڪس ۾ پڻ محبت جي مامرن واريون ڳالهيون لکي نٿو سگهان.