ڇا مان هن کي قتل ڪري سچ م غلط ڪم ڪيو آهي.

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2014۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [​IMG]
    ڇا مان هن کي قتل ڪري سچ م غلط ڪم ڪيو آهي.

    (هڪ سچي جرم جي ڪهاڻي پر بدليل نالن سان)

    منهنجو نالو ملوڪان آهي،منهنجي عمر 30 سال آهي. مان 6 ؤ 7 سالن کان پنهنجي پٽ گلاب سان گڏ رهندي آهيان ۽ گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي پٽ جو پيٽ پاليندي آهيان. الله پاڪ مون کي سٺي شڪل سان نوازيو هو، منهنجي مڙس پنهنجي غلط خواهشن جي ڪري مون کي 7سال اڳ طلاق ڏئي ،اسان ماء ۽ پٽ سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو. ٽي سال اڳ ، منهنجي دوستي ۽ تعلقات پنهنجي پاڙي واري محبوب سان، جيڪواسان جي ڳوٺ جو به هو سان ٿئي ويا. هو اسان جي گهر ۾ بي تڪلفي سان ايندو هو.هن شادي جي بهاني سان انهن تعلقات کي ناجائز تعلقات ۾ بدلي ڇڏيو ، هو مونسان همبستري ڪندو هو ۽ با بار چوندو هو ته هو مون سان سچو پيار ڪري ٿو ۽ ڪجه وقت کانپوء مونسان شادي ڪندو. مان هن تي اعتبار ڪري پنهنجو پاڻ هن کي سونپي ڇڏيو.ڪجه وقت کانپوء مان محبوب جي پاڙي مان گهر ڇڏي ٻئي هنڌ ڪم جي ڪري شفٽ ٿئي ويس. محبوب منهنجي نئين گهر ۾ به ايندو هو،پنهنجي مرداني خواهش پوري ڪرڻ ساڳي پراڻي وعده سان.پر هن پنهنجو وعده پورو نه ڪيو. پوئين سال هن ڪنهن ٻئي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي.هن مون کي ڌوڪو ڏنو ۽ مون کي استعمال ڪندو رهيو، جنهن جو مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ هن کان انتقام وٺڻ جو منصوبو ٺاهڻ لڳس.مان پنهنجي ڀاء وزير،ڀيڻوي شاهد ۽ سوٽ شوڪت کي ڳوٺان (پنجاب مان گهرايو)، هنن سان سڄي حقيقت ڪئي.پوء اسان سڀني گڏجي محبوب کي مارڻ جو پروگرام ٺاهيو. پوئين سا ل رمضان واري عيد جي ٽيئن ڏينهن ،مون پنهجي ڀيڻوي شاهد کي محبوب جو موبائل نمبرڏنو،جنهن پنهنجي موبائل سان هن نمبر ملائي مون کي ڏنو، جنهن کي مون چيو گهر ڪير نه آهي هليو اچ.
    جنهن تي محبوب منهنجي گهر آيو .منصوبي جي مطابق منهنجو ڀاء وزير،ڀيڻوي شاهد ۽ سوٽ شوڪت به اچي ويا.هنن جيئن محبوب کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي،ته محبوب هڪدم پنهنجو پستول ڪڍيو.منهنجي ڀاء هن کان پستول ڦري ورتو۽ هن کي پڪڙي کٽ تي لٽايو.مان اڳتي وڌي محبوب جي منهن تي ٿڪ اڇلائي ۽ هن کي منهن تي ٿپڙ هيئن. محبوب جو هٿ منهنجي ڀيڻوي جي هٿ مان ڇڏائجي ويو.هن مون کي اک جي هيٺان ٺونشو هنيو، منهنجي ڀاء، ڀيڻوي ۽ سوٽ هن کي وري پڪڙي ورتو.ان کان پوء هنن اخبار ۾ وڙهيل ٻه وڏين ڪاسائيون واريون ڇريون ڪڍيون ۽ محبوب جي ڳچي تي اهئي ڇريون هلائين. محبوب جي ڳچي ڪپي ڇڏي.محبوب تڙپندو رهيو، جڏهن محبوب جو مڙه ٿڌو ٿئي ويو، ته منهنجي مرد ڏوه جي ساٿين پنهنجا ڪپڙي تبديل ڪري محبوب جو پستول کڻي، منهنجي گهر ما ن نڪري ويا.پوء مان اها سڄي حقيقت پنهنجي چاچي سان ڪئي جيڪو پهرين منزل تي رهندو هو،ان کانپوء وري مان پنهنجي گهر جيڪو ٻئي منزل تي هو موٽي آيس ۽ زور زور سان روئڻ لڳس.جنهن تي منهنجي گهر جو مالڪ مڪان جيڪو گروانڊ فلور تي رهندو هو ۽ سج لٿي جي نماز پڙهي آيو هو، مٿي منهنجي گهر آيو. هن کي مون روئيندي ٻڌايو ته اسان ماري ڇڏيوسين. هن مون کان پڇوء ڪنهن کي ماري ڇڏيو؟ مون پنهنجي ڪمري ڏي اشارو ڪيو. مالڪي مڪان منهنجي ڪمري ۾ ويو ،جٿي هن محبوب جو رت ۾ ڀريل لاش ڏسي، ڊڄي رڙيون ڪندو هيٺ ڏاڪاڻ تان لهي ويو. مون کي به اچي ڊپ واريو. مان به اتان کسڪي ويس.بعد ۾ خبر پئي ته منهنجي مالڪي مڪان پاڙيوارن کي مٿيون واقعو ٻڌايو. انهن پوليس کي گهرايو. پوليس محبوب جي لاش، رت ڀريل ڇريون.اخبار، رت واري مٽي،۽ محبوب جي پستول جو ڪور (هولسٽر) موقعي تان هٿ ڪري کڻي ويئي.ٻئي ڏينهن مان جڏهن پنهنجي ڳوٺ ڀڄي وڃڻ لاء بس اسٽاپ تي بيٺي هئس، پوليس مون کي محبوب جي ڀاء جي سڃاڻپ تي گرفتار ڪري ،پوليس اسٽيشن وٺي آيا. جڏهن ته منهنجا مرد ساٿي ڏوه جا اڃا تائين گرفتار نه ٿيا آهن.مان هن وقت جيل ۾ قيد آهيان ۽ پنهنجي ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهيان.

    منهنجو اوهان سڀني کان اهو سوال آهي ته ڇا مان محبوب ،جنهن مون کي ڌوڪو ڏئي منهنجي جسم سان کيڏيندو رهيوکي پاڻ ۽ پنهنجي مائٽن ،نالا مٿي کان ،قتل ڪرائي واقعي ڪو ڏوه ڪيو آهي.،يا هو موت جو حقدار هو جنهن منهنجي سڀني خوابن کي چڪنا چور ڪري، منهنجو غلط استعمال ڪري ۽ مون سان شادي نه ڪري مون کا زنده ماري ڇڏيوهو.


    توهان سڀني کي خاص طور نياڻين کاي هٿ ٻڌي چون ٿئي ته الله پاڪ کي مڃجو ،جو متان پنهنجي ناداني ۽ معصوميت جي ڪري ڪنهن ٻئي محبوب جي ڄار ۾ ڦاسي پنهجي عزت وڃائي ويهو. هن دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي محبوب آهن جيڪي توهان کي قدم قدم تي پنهنجي ڄار سان ملندا ۽ ڪوشش ڪندا ته اوهان کي هيٺيون مٿيون ڏئي پنهنجي شيطاني منصوبي ۾ ڪامياب ٿئي وڃن. مان ته هڪ محبوب جي هٿان ۽ انهي جي ڪري پنهنجي زندگي وڃائي ويٺي آهين ،اوهان پنهنجو خيال ڪيو، زندگي هڪدفعو ملندي آهي. ان جو قدر ڪيو. وڏن جي عزتن جو خيال رکو۽ پنهنجي ڪنهن به غير شرعي عمل سان هنن جي پڳ زمين تي نه ڪرڻ ڏجو. هي دنيا دوکو آهي . هن کان پاڻ کي بچايو.نه ته توهان جو به مون جهڙو حشر ٿيندو.
     
    آخري ترميم: ‏25 جنوري 2020
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ليک
     
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام فساد جي جڙ هي عورت رهي پهريان پنهنجو مڙس ڇڏيائين ( پهرين غلطي) پو محبوب سان رشتو جوڙيائين ( ٻين غلطي) هن کي پنهنجي عزت ڏنائين( تمام وڏي غلطي) هن جي جهالت جو اندازو هن ڳالھ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪنهن ٻي مرد کي پنهنجي عزت ڏني، اگر عقل مند هجي ها ته عزت ڏيڻ جي ڳالھ ئي نه اچي ها! پهريان ئي هن سان نڪاح ڪري ڇڏي ها، اگر چه محبوب جي نيت صرف جنسي فائدو حاصل ڪرڻ هئي پر تمام وڏي گناه جا مرتڪب نه ٿين ها، انهي گناه کان پو هن پنهنجي عزت تمام معاشري ۾ خراب ڪري پنهنجن مٽن مائٽن کي آگاه ڪيو آخر نتيجو محبوب کي هن زيادتي جي بدلي ۾ پنهنجي زندگي ڏيڻي پئي، هن عورت کي جيتري به سزا ڏني وڃي اُها گهٽ آهي، اگر هن کي موت جي سزا ملي تڏهن به گهٽ آهي ڇو جو هن ڪيترائي گهر تباه ڪيا ۽ آخر ۾ محبوب جي گهر واري کي به پاڻ وانگر اڪيلو ڪري ڇڏيائين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    شرعي اعتبار سان ڇوڪِري ، محبوب ۽ ٽئين مرد گنهگار آهي ، پهرين غلطي عورت جي آهي ٻِي غلطي محبوب جي ۽ آخري غلطي ٽنهي مردن جي ، شرعي حساب سان عورت ۽ مرد کي سنگسار ڪرڻ جي سزا حاڪم وقت ڏئي سگهي ٿو ، جيڪو بدقسمتي سان اسانوٽ آهي ئي ڪونه! توهان پاڻ انفرادي طور تي ڪنهنکي سنگسار نٿا ڪري سگهو! افسوس جو اسانوٽ شرعي قانون لاڳو نه آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد حنيف ناريجو

    محمد حنيف ناريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    74
    ورتل پسنديدگيون:
    163
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ (ڳوٺ حافظ تاج محمد ناريجو)
    سڀ کان وڏي ڏوهاري تون پاڻ آهين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انسان نفساني خواهشن اڳيان بيوس ٿي ان مرد جهڙا ڪم ڪندوآهي ۽ عورتون به ذاتي مفادن ۽ نفس جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه لٽائي ويهن ٿيون. ڪوڙا وعدا ۽ پوء غلط ڪم ... ان سڀني ڪمن ۾ ٻئي ڀاڱيڀائيوار آهن ۽ اها سزا ٻنهي کي اچڻ گهرجي ..... پر پوء به قتل اهو به انسان جو، ڪنهن به صورت قبول ناهي.

    مان سمجهان ٿو مرد کي ته سزا ملي ئي ملي پر عورت کي به اهڙي ئي سزا ملڻ گهرجي، انصاف جي کوٽ ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ وارا نه هجن، جتي ماڻهن کي پنهنجا حق نه ملن اهڙي سماج ۾ هي واقعا معمول بڻجي وڃن ٿا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    نياڻي ڪاري،هرغريب جي،وڏيري جي رنڊي به پاڪ،پٽ چورهرهاري جو،وڏيري قاتل به اشراف،واهه دنيا تنهنجو انصاف،غريب لاءِ پاڻي ڪونهي،وڏيري جو پٽ پيئي شراب،غريب تي آء سچ تي مار،وڏيري جو پٽ ڪوڙ تي به آزاد،واهه دنيا تنهنجو انصاف ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو