ماءُ ۽ پُٽ

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    اردو مان سنڌي ڪيو آهي.
    اهو ڏينهن مون کي اڄ به ياد آهي جڏهن آئون امان سان گڏ بازار ويو هئس ته مون کي هڪ هٿ جي گهڙي وڻي وئي.
    مون امان سان ضد ڪئي ته مون کي اها گهڙيال وٺي ڏي. پر گهڙيال مهانگي هئڻ سبب امان وٺي نه ڏئي سگهي.
    ۽ آئون روئيندو روئيندو گهر آيس.
    گهر ۾ پهچڻ سان ئي گهر کي مٿي تي کنيم، ان وقت خوش قسمتي اها هئي ته بابا گهر ۾ ڪونه هو، نه ته ايترو شور ڪرڻ همت ئي نه ٿئي ها ۽ گهڙيال جي حسرت حسرت ئي رهجي وڃي ها، پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو.
    پوءِ ٿيو ائين ته امان ماني کڻي آئي ۽ مون انڪار سان گڏ ماني به اڇلائي ڏنو، اتي امان کي ٿورو غصو آيو ۽ آخر چئي ڏنو،
    کائڻو اٿئي ته کاءُ نه ته مر وڃي ڪٿي،اسان وٽ ايترا پئسا ڪونه آهن، تنهنجا نکرا کڻڻ لاءِ دفع ٿي وڃ ۽ مون کي وري پنهنجي شڪل نه ڏيکارج.
    ته سائين انا ته مون اندر الله ايتري ڀري هئي جو امان جا اهي لفظ ٻڌي بيهي رهيس ۽ منهن کڻي دروازي مان ٻاهر نڪري ويس. تقريباً ڇهه ست ڪلاڪ جيترو وقت بي فڪري ۾ گذاريم، شايد امان پنهنجي زندگي جا ڏکئي ۾ ڏکيا گذاريا هوندا، ان جو اندازو ان وقت ٿيو جڏهن مون هڪ مسجد جي لائوڊ تي پنهنجي گمشدگي جو اعلان ٻڌو، ته مان به گهر طرف روانو ٿي ويس.
    رستي ۾ منهنجو چاچو مليو جيڪو مون کي ئي ڳولهڻ لاءِ نڪتو هو مون کي گهر وٺي آيو.
    پڄندي ئي مون ڏٺو ته امان جي هڪ هٿ ۾گهڙيال ، ٻئي هٿ ۾ کاڌو ۽ اکين ۾ منهنجي ناداني يعني آنسو کڻيو منهنجو رستو ڏسي رهي هئي، مون کي ڏسڻ سان ئي سيني سان لڳايو، مٿي تي چمي ڏيئي هٿ ۾ گهڙيال ٻڌي چيو،
    تو ٻنپهرن کان ڪجهه نه کاڌو آهي ڇا حال ڪيو اٿئي پنهنجو.
    جيڪو حڪم ڏنئي اهو ئي پاڻ تي کڻي ورتو هو.
    ان ڏينهن تي ٿيل اهو واقعو جڏهن به ياد ايندو آهي ته سڄو ڏينهن پنهنجا وار پٽڻ لاءِ دل چوندي آهي ۽ جڏهن رات جو ياد اچي ته رات بستري ۾ نه ڪنڊن تي گذرندي آهي.
    هاسٽل ۾ رهندي دل چوي هيئنر ئي اڏامي امان وٽ پهچي وڃان ۽ مٿو هڻي هڻي امان جي قدمن ۾ جان ڏئي ڇڏيان.
    جڏهن اهو ياد ايندو آهي ته امان ڏاج ۾ مليل هزارين رپين جي ماليت رکڻ واريون ڪنن جون واليون صرف 500 رپين ۾ وڪڻي مون لاءِ گهڙيال وٺي آئي....
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
    زبردست ادا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    يار هي جيڪا تون پوسٽ شئير ڪئي آهي، جنهن منهنجي اندر جي باهه کي هيڪاندو ڀڙڪائي وڌو آهي، الله سائين هر ڪنهن جي ما کي سلامت رکي (آمين)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو