سنڌجي تعليم کاتي 15 سئوکان وڌيڪ استاد برطرف عوامي آواز

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪراچي(رپورٽر)سنڌجي تعليم کاتي 15 سئوکان وڌيڪ پي ايس ٽي ، جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي استادن کي گوسڙو قرار ڏئي انهن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن .جنوري کان انهن استادن خلاف ڪارروائي جاري هئي پهريان انهن کي معطل ڪيو ويو ۽ ڊيوٽي تان غير حاضر رهڻ جو سبب پڇيو ويو ،انهن استادن طرفان تعليم کاتي جي ايس او وٽ پنهنجي معطلي بابت ڏنل نوٽيسن جا جواب به جمع ڪرايا پرتعليم کاتي اڃا تائين 6 مهينا گذري وڃڻ باوجود انهن استادن جو مسئلو حل نه ڪيوآهي . جڏهن ته برطرفي جو نوٽيس مليل استادن جي اڪثريت پنهنجن جوابن ۾ اهو ثابت به ڪيو آهي ته جن اسڪولن ۾ان انهن کي غير حاضر ڏيکاريو ويو آهي انهن اسڪولن ۾ انهن جي پوسٽنگ ئي نه هئي اهي ٻين اسڪولن ۾پوسٽنگ ٿيل هئا. جڏهن ته ڪيترن ئي اهڙن استادن کي غير حاضر ڏيکاريو جيڪي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ جي ڊيوٽي تي حاضر هئا پويان انهن کي اسڪولن مان غير حاضر ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ انهن پنهنجا حاضرين جا رجسٽرڊ به پنهنجي جواب ۾ ڏيکاريا پر انهن جي هڪ به نه ٻڌي وئي آهي . ٻئي طرف تعليم کاتي جي ذريعن موجب انهن استادن کي سياسي بنيادن تي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي . اڪثر استادن جو تعلق سانگهڙ ، ٿر پارڪر ،خيرپور ميرس ،گھوٽڪي ،لاڙڪاڻو ،جيڪب آباد ،ٺٽو ،بدين ، نوشهري فيروز، عمر ڪوٽ، سکر،قمبر شهداد ڪوٽ سميت 16 ضعلن سان آهي جتي پي پي اميدوارن کي ووٽ نه مليا آهن. انهن علائقن جي استادن کي گوسڙو قرار ڏئي انهن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي آهي . انهن استادن کي برطرفي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن انهن جون پگھارون به بند ڪرايون ويون آهن .برطرفي جا نوٽيس مليل استادن ۾ 7سئو پرائمري، 450 سئو کان وڌيڪ جي ايس ٽي ۽ 350 کان وڌيڪ ايڇ ايس ٽي استاد شامل آهن . تعليم کاتي جي ذريعن موجب انهن استادن کي مٿين ضلعن مان پهريان ڪراچي تعليم کاتي جي سيڪريٽريٽ ۾ رپورٽ ڪرائي وئي هئي ،جن جي انڪوائري هڪ ايس او کي مقرر ڪيو ويو هو جنهن انهن استادن کان معطلي جي نوٽيسن تي جواب ورتا ۽ بعد ۾ اها رپورٽ تيار ڪري مٿي موڪلي وئي .اعليٰ اختياريون انهن استادن جي جوابن کان مطمئن نه ٿيون انهن کي آمر مشرف جي ايس آر او تحت نوڪرين تان برطرفي جا نوٽيس جاري ڪرايا آهن .جنهن کانپوءِ انهن کي نوڪرين تان برطرفي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ، بر طر في جا نوٽيس مليل استادن ۾اڪثريت ٿر پارڪر،خيرپور ۽ سانگھڙ جي استادن جي ٻڌائي پئي وڃي . ان ڏس ۾ پ ٽ الف جي سينيئر نائب صدر سڪندر جتو ئي عوامي آواز کي ٻڌايو ته تعليم کاتي جي ايس او جبار ڀٽي استادن کي معطلي جا نوٽيس جاري ڪيا هئا . هن چيو ته پوليو جا ڦڙا نه پيئارڻ جي ڏوھ ۾ به استادن کي معطل ڪيو ويو ، استادن کي سپروائيزر، ايس ڊي او ، ڊي او يا ڊائريڪٽر جي دوري دوران ڪو به استاد غير حاضر هجڻ جي ڏوھ ۾ معطل نه ٿيو آهي ،استادن کي موبائيل فون ميسيج تي معطل ڪرڻ نا انصافي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو