حضرت سيد خير الدين جيلاني عرف جئي شاه جيلاني

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    عبدالحئي چاچڙ گهوٽڪي.
    حضرت سيد خير الدين جيلاني عرف جئي شاه جيلاني

    سکر بکر ۽ روهڙي کي تاريخي زماني کان وڏي اهميت حاصل آهي هي شهر علم سان روشن رهيا آهن سکر جيڪو اڄ به علم سان روشن جنهن هستين هن شهر کي علم سان فيضياب ڪيو اهي بزرگ پنهنجي وقت جا جيد عالم عارف برگزيده بزرگ علم جا ڀنڊار هئا،اهي الله واراگهڻي ڀاڳي هجرت ڪري هتي پهتا مطلب ته پري پري کان هجرت ڪري ثم سکري ٿيا جتي پنهنجي زندگي بصر ڪيائون علوم ۽ فنون کي عام ڪيائون بدعتن ۽ شرڪن کي ختم ڪيائون سکر ۽ روهڙي جيڪا اڄ به علم سان روشن آهن مذڪوره شهرن کي تاريخي عمارتن سان به خاص اهميت حاصل آهي جتي مسجدون،عيدگاهون،فيض محلون،امام بارگاهون،درسگاهون،درگاهون اڄ به ڪافي تعداد ۾ موجود آهن.حضرت خير الدين شاه عرف جئي شاه انهن ذڪر ڪيل بزرگ هستين مان هڪ آهي.
    حضرت خير الدين شاه سکر شهر جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي جيڪو بغداد کان هجرت ڪري اچي سکر ۾ آخري آرامگاه ڪيائين پاڻ پير محمد راشد روضي ڌڻي جو مريد هيو.
    شاه خير الدين احمد شاه جو فرزند آهي جوپيران پير شيخ عبدالقادر جيلاني جي پنجينءَ پيڙهيءَ مان هوسندس جنم بغداد ۾ ٿيو.40 ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ کان بعد مديني شريف ۾ علم پرائي سنڌ ۾ ڪي ڏينهن بلڙيءَ جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو اتان سکر ۾ آيو جتي سندس درگاه ٺهيل آهي.
    حضرت خير الدين شاه جيلاني جي پيدائش سنه 911 ھ مطابق 1505ع ۾بغداد ۾ ٿي.عربن ۾ خيرالدين شاه جيلاني سان مشهور ومعروف هئا ۽ اتر سنڌ ۾ مئل دلين کي ذڪر اذڪار ڏئي ماڻهن جون زنده دليون ڪيائين ان ڪري ”جئي شاه جيلاني “ به سڏيو وڃي ٿو.
    جئي شاه جيلاني هڪ علمي گهراڻي سان تعلق رکندا شخص هئا ان ڪري پاڻ شروعات ۾ قرآن مجيد ياد ڪيائون ۽ بغداد ۾ عربي،فارسي جي سمورن علمن جو تحصيل ڪيائين ۽ قرآن پاڪ سان ايتري ته محبت هيس جو قرآن سان لاڳا پيل هڪ سوکان به وڌيڪ علمن تي عبور حاصل هيس.
    40 سالن جي عمر ۾ بغداد کان مڪي شريف ڏانهن روزانو ٿيو.ڪن تذڪرن ۾ لکيل آهي ته ٻارهن ۽ ڪن ۾ چوڏهن حج ڪيائين ان کان بعد ۾مدينه منوره ويو ۽ تقريبن چوڏهن سالن تائين علم حاصل ڪندو رهيو وري عرب،عجم ۽ هندوستان جو سير و سفر ڪيائين سنڌ جي لاڙ واري علائقي جي هڪ ڳوٺ ”بلڙي“ ۾ اچي پهتو جتي سنڌ جي مشهور قادرالڪلام شاعر حضرت شاه عبدالڪريم بلڙي واري سان ملاقات ۽ روح رهاڻ ڪيائين.شاه عبدالڪريم کيس هالا ۾مخدوم نوح سرور جي خدمت ۾ وٺي آيو۽ مخدوم جي آخري سالن واري عمر ۾ روحاني سلوڪ جو محفلون مچائيندا هئا.
    شاه صاحب سکر ۾ درس وتدريس جو سلسلو شروع ڪيو اول ٽڪري تي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي انهيءَ ٽڪري کي ”شاه جي ٽڪري“سڏيو ويندو آهي اوائل عمر ۾ ان ٽڪري تان لهي اچي پراڻي سکر ۾ مسڪن ڪيو جتي هن وقت مقبرو آهي.
    جئي شاه جيلاني حنفي مسلڪ ۽ قادري سلسلي جا پوئلڳ هجڻ سان گڏوگڏ پاڻ پنهنجي مريدن ۽ ٻين ماڻهن کي ذڪر اذڪار ڪرائيندا هئا ڪرامتن جا مالڪ ۽ وڏي پائي جا بزرگ ٿي گذريا آهن پاڻ وڏي عمر هڪ سو ڇهه سال دين جي خدمت ڪئي درس ۽ تدريس ۾ پنهنجي عمر بصر ڪيائون
    سنڌ جو هي بزرگ ۽ ڪامل ولي 27 رمضان المبارڪ 1017ھ ۾ وڃي پنهنجي حقيقي رب سان مليو.سنس وفات جي تاريخ هيٺين لفظن مان نڪري ٿي.
    شاه خيرالدين مهه برج شرف
    مقبل درگاه ايزد سيمدي
    سال تاريخ وصالش عقل گفت
    مرشدي کامل طريق احمدي.
    سندس مزار مبارڪ تي هر سال ميلو لڳندو آهي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مريد ۽ عقيدت مند اچي حاضري ڀريندا آهن.شاه صاحب جو قبو جيڪو ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي اندر خواھ ٻاهر ولايتي ٽائلس جي سرن جو فرش لڳل آهي.
    سندس روضو مبارڪ پراڻي سکر جي پيرزادن جي هڪ وڏي غلام محمد پيرزادي تعمير ڪرايو جيڪو سنه 1174ھ ۾ جڙي راس ٿيو.سندس راس ٿيڻ جي تاريخ هن مان نڪري ٿي.
    درگه فيض دان.
    1174ھ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو