غزل مِجازُ قريشي نڪور غزل

وقت تي هرڪو وساري ٿو ڇڏي
ڪير ڇو ڪنهنجي سهاري ٿو ڇڏي

رات جو هر روز تنهائيءَ ۾
ياد جا من ديپ ٻاري ٿو ڇڏي

ڪو هتي مغرور مستيءَ ۾ صدا
ڪو غمن ۾ عمر گھاري ٿو ڇڏي

آ پرين گڏجي بهاري ڪا ڪجي
جو وڇوڙو موت ماري ٿو ڇڏي

ور، وڪڙ، پٽڪو، ڪهاڙي سنڌ جا
ٽوپي، اجرڪ هانءُ ٺاري ٿو ڇڏي
 
Back
Top