چِتا‎ ‎‎)‎اختر حفيظ‎(‎

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    چِتا

    اختر حفيظ

    اڄ يشونت صبح سان ئي مندر جون ڏاڪڻيون ٻُهاري ڌوئي چمڪائي ڇڏيون. اڄ شُڪروار هو ۽ شُڪروار تي سڄو ڳوٺ مندر ڏانهن منهن ڪندو هو ۽ هر ماڻهو پوڄا پاٺ ۾ لڳي ويندو هو. ڪي ڀڳوان اڳيان پاپن جو پراسچت ڪندا هئا ته ڪي وري پنهنجي من جون مرادون پوريون ڪرائڻ لاءِ ڀڳوان جو درشن ڪندا هئا. اهو مندر هڪ نديءَ ڪناري آباد هو. اڄوڪي ڏينهن تي مندر ۾ ڪافي رونق هوندي هئي پر يشونت مندر جي صفائي ڳوٺاڻن لاءِ ڪونه ڪندو هو، پرهواهو سڄو اهتمام وديا لاءِ ڪندو هو. جيڪا سندس پريميڪا هئي. انهي ڪري هو صبح کان ئي هن جو انتظار ڪرڻ لڳو پر هُن جو ته هاڻي ڪو ڏس پتو ڪونه هو.
    يشونت ۽ وديا انهيءَ ئي مندر جي چاڙهين تي کيڏندي وڏا ٿيا. انهيءَ ئي ڳوٺ جي گهٽين ۾ هلندي هلندي جوان ٿيا پر هاڻي ته يشونت جي نه ته جواني رهي ۽ نه وري سندس پريميڪا. . . .
    وقت جي گهوڙي سفر ڪندي هن جي وارن ۾ چاندي ۽ چهري تي پيريءَ جا آثار واضح ڪري ڇڏيا هئا. هن جا ڊگها پشم جهڙا وار هميشه هن جي پيشاني کي پيا چمندا هئا پر هن جو عشق اڃا به جوان هو. سندس جهونين اکين ۾اڃا به وديا جو عڪس ليئا پائيندي نظر ايندو هو ۽ هو ساهن جي سمرڻي تي وديا جو نالو سوريندو رهندو هو.
    هو مندر جون چاڙهيون انهي ڪري صاف ڪندو هو ڇو جو کيس آسرو هو ته وديا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور پوڄا ڪرڻ ايندي، پر اهڙا ڪيترائي شُڪروار گذري ويا ۽ وقت ورهين ۾ تبديل ٿيندو رهيو پر وديا جا پير مندر جي اڱڻ کي نصيب نه ٿيا.
    جڏهن وديا ۽ يشونت جي پريم ڪهاڻي شروع ٿي ته هر شُڪروار تي وديا پوڄا ڪرڻ ايندي هئي. هوءَ اکيون بند ڪري ڀڳوان اڳيان پوڄا ۾ لڳي ويندي هئي پر يشونت جون نظرون وديا جي گوري چهري تي ڄمي وينديون هيون. هُو من ئي من ۾ وديا کي پوڄڻ لڳي ويندو هو ۽ جڏهن هوءَ يشونت کان پوڄا نه ڪرڻ جو سبب پڇندي هئي ته هو چوندو هو ته ”منهنجي ديوي ته تون آهين ۽ تون منهنجي من ۾ آهين ۽ پوڄا ته من سان ٿيندي آهي. “
    هن هميشه وديا کي ديوي سمجهيو. ٻئي اڪثر ڪري نديءَ جي پرئين ڪناري يا وري مندر جي پٺئين پاسي ٻنين ۾ ملندا هئا، جتي نمن جا قدآور وڻ هئا، جن کي ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ اهي آسمان سان ڳالهيون ڪندا هجن. جتي هر پاسي ٻنهي جي ٽهڪن جا آواز گونجڻ لڳندا هئا، تڏهن ته سمي گذرڻ جي خبر ئي ڪونه پوندي هئي پر جيڪو انتظار هاڻي يشونت کي هو، جنهن ورهين جو فاصلو ته طئي ڪيو هو پر هر پل کيس عجيب پيڙا ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. انهن ڏينهن ۾ يشونت هن لاءِ بانسري وڄائيندو هو ۽ هوءَ پنهنجو مٿو هن جي هنج ۾ رکي خاموشي سان بانسريءَ مان نڪرندڙ مڌر آواز کي ٻڌندي هئي. هن جا سڀئي سُر فقط وديا لاءِ هئا.
    هاڻ به جڏهن هُن جي ياد ستائيندي اٿس ته هو نديءَ ڪناري وڃي پنهنجي درد کي سُرن ۾ مٽائي غم ڀلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سندس درد سُرن جي صورت ۾ بانسري مان نڪري هن اڳيان ئي رقص ڪرڻ لڳندا آهن ۽ وشال نديءَ جون لهرون به ڄڻ ته ماٺار ۾ اچي سندس سُرن کي ٻڌڻ لڳنديون آهن. انهي وقت هن جون بانسريءَ جي بدن تي سفر ڪندڙ آڱريون بيهي رهنديون آهن، سندس گلو ڀرجي ايندو آهي ۽ هو ماٺ جي چادر ۾ ويڙهجي ويندو آهي، پوءِ بس رڳو نديءَ جي ڇولين جي موسيقي سندس ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندي آهي. مندر جي چاڙهين تي هو وديا ۽ پنهنجي ننڍپڻ کي راند ڪندي ڏسڻ لڳندو آهي.
    جڏهن به نِمون ٻُور جهلينديون آهن ۽ انهن جي سڳنڌ ماحول کي مهڪائيندي آهي ته کيس وديا جي سرير مان نڪرندڙ خوشبو اچڻ لڳندي آهي. هن جي بدن ۾ اهڙي ئي خوشبو هوندي هئي ۽ اها هلڪي هلڪي سڳنڌ هن جي سڄي بدن کي مهڪائي ڇڏيندي آهي ۽ هو جڏهن انهي مهڪ کي محسوس ڪندو آهي ته ائين لڳندو اٿس ته وديا هن جي آسپاس هجي، هو نگاهون کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهي پر کيس پنهنجي وجود کانسواءِ ڪوبه نظر نه ايندو آهي.
    هن جي پريم ڪٿا ڳوٺ وارن کان وسري چڪي هئي. يشونت اڇوت هو ۽ وديا اوچي ذات واري هئي. هو اڇوت هجڻ جي سزا ڀوڳي رهيو هو پر جڏهن ٻنهي کي پيار ٿيو ته ڪو به هڪ ٻئي لاءِ اڇوت يا برهمڻ نه رهيو. ڇو ته ٻنهي کي خبر هئي ته پيار جي ڪا ذات ناهي هوندي اهو مذهبن کان مٿانهون هوندو آهي پر جڏهن انهيءَ قصي جي خبر وديا جي گهروارن کي پئي ته انهن يشونت کي مارڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ اوچي ذات وارا زور هئا. يشونت تي حملو ڪيو ويو، کيس ڪجهه زخم رسيا ۽ نيٺ سندس پتا جان بخشرائي ۽ وديا کي چيو ويو ته جيڪڏهن هوءَ يشونت سان ملي ته يشونت مارجي ويندو ۽ ائين ڪجهه ڏينهن اندر وديا جي زبردستي شادي ڪرائي وئي ۽ هوءَ هميشه لاءِ ڳوٺ ڇڏي شهر هلي وئي. يشونت لاءِ جسم جي زخمن کان وڌيڪ وديا جي نه ملڻ وارو گهاءُ گهرو هو، جنهن کي وقت جو مرهم اڃا تائين نه ڀري سگهيو هو.
    هن جون اکيون وديا کي موت کان اڳ ڏسڻ لاءِ آتيون هيون. اڇوت هجڻ جي ڪري کيس سدائين ڌڪار نصيب ٿي. هاڻي هو ڳوٺ جو ناليوارو مساڻي )شمشاني( هو. انهيءَ کان پهرين هن جو پيءُ چتائون ساڙيندو هو. پتا جي ديهانت کانپوءِ اهو ڪم کيس ورثي ۾ اڇوت هجڻ ڪري مليو. هيستائين سندس هٿ ڪيتريون ئي اسٿيون انهن جي مالڪن حوالي ڪري چڪا هئا پر کيس لڳندو هو ته هو پاڻ به هڪ هلندڙ ڦرندڙ چتا آهي، جيڪو انتظار ۽ آسري جي آڳ ۾ روز جلندو رهي ٿو ۽ هن جي خوابن جي چتا کي ته زماني گهڻو اڳ ئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو هو. ماڻهن جي جلندڙ ماس جي بدبوءِ اڃا تائين هن کان وديا جي سرير جي بُوءِ کي ختم نه ڪرائي سگهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته سڀئي انسان ساڳئي رت ۽ گوشت جا ٺهيل آهن ۽ هر ماڻهو جي چتا کي ساڳي باهه ساڙي رک ڪندي آهي ته پوءِ هو گهٽ ذات ڪيئن آهي؟ تڏهن هو اوچي ذات وارن کي گهٽ ذات سمجهڻ لڳندو هو. جن انسانن کي ورهائي ڇڏيو هو ۽ جڏهن وديا جو خيال ايندو هئس ته کيس لڳندو هو ته اڇوت نه هجڻ به ڏوهه آهي. ڇاڪاڻ ته سندس پريميڪا به اوچي ذات واري هجڻ جي سزا ڀوڳي رهي هئي.
    اڄ به هن جو ڏينهن مايوسي ۾ گذريو. ڏينهن کي هاڻي شام جا پاڇا ورائي چڪا هئا ۽ هن کي اڄ ڪنهن چتا کي باهه ڏئي انهي جو گند صاف ڪونه ڪرڻو هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڏياري اچڻ واري هئي. جڏهن وديا هن سان هوندي هئي ته هولي، ڏياري سڀ تهوار رنگين لڳندا هئا. هاڻي ته ڄڻ اهي سڀ شيون هن لاءِ بي معنى هيون. بس ڏياري جي رات هو مندر جي ڏاڪڻين کي ڏيئن سان سجائيندو هو، جتي ڪڏهن وديا سان ويهي هن ڏيئا ٻاريا هئا ۽ ڏيئن جي جهيڻي سهائي ۾ وديا جو چهرو چنڊ جيان چمڪي پوندو هو. هاڻي ته هو به ڏيئن سان گڏ جلندو هو. جڏهن هو مندر جي چاڙهين جا سڀ ڏيئا روشن ڪندو هو ته کيس لڳندو هو ته هر ڏيئي جي جوت مان وديا کيس مرڪي ڏسندي هجي. انهي مهل ڪجهه گهڙين لاءِ سندس ڪارن چپن تي مرڪ روشن ٿيندي هئي. انهي کانسواءِ هن کي سڄو جڳ ڪاراڻ ۾ ٻڏل نظر ايندو هو. جڏهن اهي ٻئي گڏ هوندا هئا ته ڳوٺ ۾ لڳندڙ ميلي ۾ وديا پنهنجي ساهيڙين سان اتي ايندي هئي ۽ ٻئي ماڻهن کان بي خبر ٿي ميلي ۾ گم ٿي ويندا هئا. هو هن کي اڪثر گجرا وٺي ڏيندو هو يا وري بنديا. . .
    هن کي لهندڙ سج هميشه وديا جي بنديا جيان لڳندو هو. سندس وس پڄي ها ته آسمان جي چهري تان سج کي لاهي وديا جي پيشاني تي هڻي ڇڏي ها. اڃا به کيس گلي ۾ اهو سڳو پاتل هو، جيڪو هُن کيس ميلي مان وٺي پارايو هو. هو انهيءَ سڳي کي پنهنجن هٿن سان ڇُهي ان جو لمس محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
    هن جون راتيون جهوپڙي ۾ پاسا ورائيندي ڪٽبيون هيون. جتي چنڊ ڪڪرن جي هنج مان پنهنجو چهرو لڪائيندو ۽ ظاهر ڪندو پنهنجي ٿڌي روشني هن جي جهوپڙي مٿان ڇاڻيندو رهندو هو. هو چنڊ سان به ته شڪايت نٿي ڪري سگهيو، بس اندر ئي اندر پنهنجي اڇوت هجڻ تي پاڻ تي ملامت ڪندو رهندو هو. هن کي چتا ساڙڻ عيوض جيڪي ڪجهه به ملندو هو، هو اهو ٻين اڇوتن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. انهي ڪم ڪار ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو شنڪر به شامل هو ۽ اُهو کيس پيار مان بابا سڏيندو هو ۽ سندس گهڻو خيال پڻ رکندو هو. رات جو جڏهن هو سمهڻ لاءِ جهوپڙيءَ ۾ ويندو هوته شنڪر سندس ٽنگن ۽ جسم کي زور ڏيڻ شروع ڪندو هو. اڄ رات جڏهن هو ٿڪل ٽٽل وجود سان پنهنجي جهوپڙي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ويو ته شنڪر کيس زور ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ڪچهري ۾ لڳي ويو.
    ”بابا ڇا نرڳ ۾ اهڙي ئي باهه هوندي آهي، جهڙي پاڻ شمشان گهاٽ تي چتا ساڙڻ مهل ڏيندا آهيون“ شنڪر پڇيو.
    هن لاءِ اهو سوال اوپرو انهي ڪري به هو جو انهي کان اڳ کانئس ڪنهن به اهڙي قسم جو سوال نه پڇيو هو.
    ”پٽ نرڳ جي باهه ڪيڏي به تيز ڇو نه هجي پر جنهن وڇوڙي جي باهه ڏٺي آهي، انهيءَ لاءِ نرڳ جي باهه ڪجهه ناهي. اها انهيءَ کي ساڙي نٿي سگهي“ هن وراڻيو.
    ”بابا سچ پچ ڀڳوان ڀلن ماڻهن کي سُرڳ ۽ بُرن کي نرڳ ۾ جاءِ ڏيندو آهي؟“ شنڪر وري سوال ڪيو.
    ”ٻچا انسان پنهنجو نرڳ ۽ سُرڳ پنهنجي اندر کڻي هلندو آهي، جيڪو سٺو آهي ۽ ٻين جي چڱائي چاهي ٿو انهيءَ لاءِ هي جڳ سُرڳ آهي ۽ بري لاءِ سُرڳ به نرڳ ٿي سگهي ٿو.“ هُن پير ڊگهيڙيندي چيو، ”ڀڳوان ڪنهن کي به نرڳ يا سُرڳ ناهي ڏيندو پر انهي جي چونڊ ته ماڻهو پاڻ ڪندو آهي ۽ پوءِ ڀڳوان رڳو مندر ۾ ته ڪونهي، اهو ته اسان جي من ۾ آهي ۽ انهيءَ کي اهو ئي پسي سگهي ٿو جنهن جي من ۾ سچائي هجي.“
    ”بابا توهان جڏهن نديءَ ڪناري بانسري وڄائيندا آهيو ته ائين لڳندو آهي، ڄڻ انهن سُرن مان درد سُڏڪا ڀري رهيو هجي، ائين ڇو آهي؟ توهان کي ڪا تڪليف ڪو ڏک آهي؟“
    يشونت لاءِ اها ڳالهه تمام حيرت جوڳي هئي، ڇو ته انهي درد جي خبر ته فقط هن کي ئي هئي، شنڪر انهيءَ کي ڪيئن محسوس ڪيو. شنڪر ٻه ٽي ڀيرا يشونت کي نديءَ ڪناري بانسري وڄائيندي ٻڌو هو ۽ اهو سچ به هو، سندس سرن ۾ درد ڪٿا هئي.
    هن هڪ ڊگهي آهه ڀريندي چيو ته ”پٽ جنهن جي من ۾ زخم هوندا آهن ته اهي درد بڻجي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نڪري ايندا آهن. انهن سرن ۾ منهنجو درد ئي ناهي پر ڪنهنجو انتظار ۽ ياد به شامل آهي. بس ائين سمجهه ته بانسريءَ جي سرن ۾ منهنجو اندر وڄندو آهي ۽ اهو درد سرن جو ويس مٽائي وشال آڪاس ۽ فضا ۾ پکڙبو آهي ته ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي.“ هو ماٺ ٿي ويو.
    ”بابا توهان جي من جو درد ڪڏهن ختم ٿيندو؟“ شنڪر معصوميت مان چيو، ”ڀڳوان ڪري توهان جي درد کي شانتي ملي.“
    ”شنڪر پٽ هاڻي ته اهو منهنجي موت کانپوءِ ئي ختم ٿيندو، بس منهنجي من ۾ ڪنهن جي يادن جي چتا جلي رهي آهي.“ کن دير جهوپڙيءَ ۾ ماٺ ڇانئجي وئي ۽ پوءِ يشونت، شنڪر کي پيار مان چيو، ”گهڻي دير ٿي وئي آهي، هاڻي تون سمهي رهو.“
    شنڪر وڌيڪ هن کان ڪجهه به نه پڇيو ۽ سمهي رهيو. ٿڪاوٽ سبب شنڪر کي جلد ننڊ اچي وئي ۽ يشونت پنهنجي اوجاڳيل اکين سان شنڪر کي ڏسڻ لڳو ۽ من ئي من ۾ سوچڻ لڳو ته ڪنهن کي ته سندس تڪليف جو احساس ٿيو.
    ٻئي ڏينهن شام جو سندس طبيعت ڪجهه خراب ٿيڻ لڳي ۽ هن نديءَ ڪناري وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شنڪر کي چئي ويو ته ڪا به چتا اچي ته انهي کي ساڙي ڇڏي. هُو وڃي نديءَ ڪناري ويٺو. پکي پنهنجن واهيرن ڏانهن وري رهيا هئا. سرخ سج پنهنجي وجود کي آهستي آهستي ميساري رهيو هو ۽ ندي پنهنجي مستيءَ ۾ وهي رهي هئي. چوڌاري ماٺ هئي، انهي ڪري نديءَ جو گجگوڙ ڪندڙ آواز آسپاس واضح هو. هن بانسري پنهنجي چپن تي رکي ۽ پنهنجيون آڱريون بانسريءَ تي ڦيرائي وڄائڻ لڳو. بانسري وڄائيندي وڄائيندي هڪدم بيهي رهيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. هن کي وديا جي سرير جي خوشبو سڄي ماحول ۾ محسوس ٿيڻ لڳي. اڄ اها خوشبو کيس ڪجهه وڌيڪ محسوس ٿي رهي هئي. هو انهي پاسي وڌڻ لڳو جتان هوا جا جهوٽا اها خوشبو آڻي رهيا هئا. هن کي لڳو ته وديا هن جي آسپاس آهي ۽ اڄ هن کي اهو احساس شدت سان محسوس ٿي رهيو هو. هو هلندي هلندي شمشان گهاٽ اچي پهتو، جتي شنڪر ڪنهن چتا کي باهه ڏئي چڪو هو، جيڪا سڙي رک ٿي چڪي هئي. هن پنهنجون مُٺيون ڀري اها خاڪ کنئي، ”شنڪر هي ڪنهن جي چتا هئي؟“ هن بيچين ٿيندي پڇيو.
    ”بابا وديا نالي ڪنهن عورت جي هئي. شهر مان کڻائي آيا هئا ۽ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هي سندس اباڻو ڳوٺ آهي.“ شنڪر وراڻيو.
    هن تي ڄڻ وڄ ڪري پئي ۽ کيس سڄي دنيا گهمندي محسوس ٿي. هو گوڏن ڀر ويهي انهي رک کي ڦلهورڻ لڳو، ڄڻ وديا جي وجود کي ڳولي رهيو هجي پر اتي رک کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هو رڙيون ڪري روئڻ لڳو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان رک پنهنجي چهري تي مَلڻ لڳو.
    ”هيءَ منهنجي وديا جي چتا آهي.“ هو رک مليندي پنهنجي منهن چوڻ لڳو. انهن ئي لمحن ۾ هن جي ساهن جي سمرڻي ٽُٽي پئي. سندس بُت بيجان بڻجي هڪ پاسي ڍرڪي پيو.
    شنڪر بابا بابا چئي کيس سڏيندو رهيو پر هُن کي ڪو به جواب نه مليو ۽ پوءِ شنڪر جون اکيون به آليون ٿي ويون. انهي ئي رات هُن يشونت جي چتا ساڙي، جنهن ۾ وديا جي رک ملي چڪي هئي. ٻئي ڏينهن جڏهن وديا جي مائٽن هن جي اسٿي نديءَ حوالي ڪئي ته هن يشونت جي اسٿي به نديءَ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي ۽ ٻئي اسٿيون گڏوگڏ ترنديون ويون ۽ هن اها بانسري پاڻ وٽ سنڀالي رکي، جنهن مان ڪڏهن خوشين ۽ غمن جا سُر نڪتا هئا، جنهن کي فقط شنڪر ئي ٻڌي ٿي سگهيو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو