مان پاڻ کي انهن خوشنصيب سياسي خاندانن مان هڪ سمجهان ٿي جن عورتن کي مردن جي برابري جيتري آزادي ڏني آهي ۽ پوءِ انهن خاندانن جي عورتن ئي سياست، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي ڪري پاڻ مڃايو آهي. مونکي به منهنجي خاندان جيڪا آزادي ڏني آهي تنهن جي تقاضا اها آهي ته مان به ٻين عورتن جي بنيادي آزادي وارو حق ڏيارڻ جي جدوجهد ڪيان ۽ وڌ کان وڌ عورتن کي سياست ۾ آڻيان. اُهو ڪم جيڪو منهنجي امڙ اختر بلوچ ۽ منهنجي ناني زرينه بلوچ هڪ انتهائي ڏکئي وقت ۾ ڀرپور انداز سان ڪري ڏيکاريو، سو اڄ جي دور ۾ وڌيڪ سولائي سان ڪري سگهجي ٿو پر مان اعتراف ٿي ڪريان ته اهو ڪم مونکي جهن تيزيءَ سان ڪرڻ گهرجي ها سو مان نه ڪري سگهي آهيان. جيڪو به ڪري سگهي آهيان تنهن تي گهٽ ۾ گهٽ مان مطمئن ناهيان، بهرحال منهنجو سياسي سفر جاري آهي، ختم ناهي ٿيو ۽ مان سمجهان ٿي ته مستقبل ۾ مان اهو ڪم ڪري ڏيکارڻ جي ڀرپور صلاحيت ۽ طاقت رکان ٿي.