ارڙي هڪ وچڙندڙ بيماري ؛ ڊاڪٽر برڪت نوناري

'صحت سرير جي' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏26 جولائي 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ارڙي هڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جيڪا هڪ وائرس جي ذريعي ٻارن ۾ ڦهلجي ٿي، خاص طور تي 5 سالن تائين جا ٻار هن بيماريء مان متاثر ٿين ٿا. ارڙيء جو وائرس ڳلي ۽ ڦڦڙن تي اثر ڪري ٿو، تنهنڪري ارڙي ساھ جي سرشتي کي نقصان ڏئي ٿي.
    ارڙيء جون نشانيون ۽ بيماريء جون علامتون
    _______________________________
    ارڙيء جي پهرئين علامت تيز بخار آهي، جيڪو هڪ انسان مان ٻئي انسان ۾ کنگھڻ جي ذريعي وائرس لڳڻ جي نتيجي ۾ چئن کان ستن ڏينهن ۾ بخار شروع ٿئي ٿو. ان سان گڏ نڪ مان پاڻيء جو وهڻ، کنگھ، ڳاڙهيون ۽ پاڻيء سان ڀريل اکيون ارڙيء جي شروعاتي علامتن ۾ آهن. ان سان گڏ ڳلي يا وات جي پٺئين پاسي ۾ اڇا ننڍڙا زخم جا نشان پئدا ٿين ٿا، جنهن کان پوء مُنهن ۽ ڳچيء تي ننڍا ننڍا ڳاڙها نشان ظاهر ٿين ٿا، جنهن کان پوء اهي ساڳيا ئي نشان هٿن پيرن ۽ پوري جسم تي ظاهر ٿي پون ٿا.
    ارڙي عام طور تي ڪمزور ۽ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائيء وارن ٻارن کي وڌيڪ اثر انداز ڪري ٿي، ان سان گڏ جن ٻارن ۾ وٽامن اي جي کوٽ هوندي آهي، سي وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن.
    اڙيء جي سبب ڪنهن به ٻار جو موت نٿو ٿي سگھي، جيڪڏهن وقت سر مريض جي بيماريء جي سڃاڻپ ۽ علاج ٿئي ته ٻارڙن جون حياتيون بچي سگھن ٿيون.
    ارڙي ٻارڙن جي موت جو سبب ڇو ٿي بڻجي؟
    __________________________________
    ارڙيء جو وائرس ڳلي ۽ ڦڦڙن تي اثر ڪري ٿو، وقت سر علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ اهو وائرس ڦڦڙن جي ساھ کڻڻ جي عمل ۾ رڪاوٽ وجھي ٿو ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو جنهن کي نمونيا چيو وڃي ٿو. پوري جسم جي رت نسن جي ذريعي پهريان دل ۾ اچي ٿي ۽ دل کان پوء ڦڦڙن ۾ آڪسيجن وسيلي صاف ٿيڻ اچي ٿي جتان وري واپس دل ڏانهن وڃي ٿي ۽ دل منجھان رڳن جي ذريعي پوري جسم ڏانهن وڃي ٿي. جڏهن ڦڦڙن جو اهو وائرس رت جي ذريعي دماغ تائين پهچي ٿو ته مريض جي دماغ جي پردن ۾ سوڄ پئدا ڪري ٿو، جنهن کي گردن ٽوڙ بخار چيو وڃي ٿو ۽ مريض جي موت جو سبب اهو گردن ٽوڙ بخار بڻجي ٿو.
    ارڙيء جو علاج
    _____________
    ٻارن جو بخار گھٽائڻ جي لاء هر چئن ڪلاڪن ۾ بخار جي دوا پيئارڻ سان گڏ ٻار جي مٿي تي پاڻيء جون پٽيون رکيون وڃن، بيماريء جا جراثيم ڦهلجڻ کان روڪڻ جي لاء بر وقت اينٽي بايوٽڪ دوائون شروع ڪيون وڃن، ٻارن کي وٽامن اي جا ڦڙا پيئاريا وڃن. —
    ( ڊاڪٽر برڪت نوناري
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو