سيوهڻ جو قلعو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG] غلام مصطفي سولنگي
    سيوهڻ شريف سنڌ جي شاندار ماضيءَ جو اهڃاڻ آهي. هي اهو شهر آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا آهن .

    هن قديم ۽ تاريخي شهر ۾ موجود سيوهڻ جو قلعو سنڌ جي صدين جي تاريخ جو هڪ مکيه باب آهي . جيتوڻيڪ هن وقت هي قلعو مٽيءَ جي هڪ وڏي ڍير کان وڌيڪ ڪجهه ڪونهي، پر پوءِ به هي سنڌ جو سڀ کان اهم ۽ قديم قلعو آهي، جنهن اتر ۽ڏکڻ کان ايندڙ لشڪرن کي جهليو ۽ جنهن جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جي ڪهاڻي اڻپوري رهندي. هن قلعي کي مقامي ماڻهو ڪافر ڪوٽ پڻ سڏيندا آهن . قلعي جي قدامت بابت ڪيترائي رايا موجود آهن. سر اليگزينڊر برنس پنهنجي سفرنامي ” voyage on th e Indus ) ۾ سيوهڻ جي قلعي بابت لکي ٿوته ” سيوهڻ جي تمام عجيب عمارت هڪ ڀڳل ڀريل قلعو آهي ۽ ايئن سمجهيو وڃي ٿو ته اها عمارت يونان جي عهد جيتري پراڻي آهي . اها هڪ مٽي جي دڙي جي صورت ۾ آهي .

    سرهينري پاٽنجر سيوهڻ جي قلعي جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:مان سيوهڻ جي قلعي کي چڱي طرح ڏٺو آهي. جيڪو هل مستطيل دڙي جي صورت ۾ موجود آهي. قلعي کي ٻاهران معائني ڪرڻ سان ڪو اهڙو اهڃاڻ نه ٿو ملي، جنهن مان سمجهي سگهجي ته اهو گهڻي پراڻي زماني جو هوندو . ٿي سگهي ٿو ته اهو هڪ هزار پنج سئو سال پراڻو هجي“ رچرڊ برٽن پنهجي ڪتاب Sindh Re- visited ۾ سيوهڻ جي قلعي جي آثارن جو احوال هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: سيوهڻ جي قلعي جي اتر اولهه ۾ ٿوري پنڌ تي هڪ وڏو اکڙو دڙو آهي، جيڪو ماپ ۾ 400 وال ٿيندو . اهو قدرتي طرح زمين سان لهواري ٺاهي ٿو ان جي بلندي زمين کان 60 فوٽ آهي چيڪي مٽي سان ٻڌل آهي. ڪجهه هنڌن تي پراڻين سرن جي ڀتين ، برجن ۽ گول منارن جا آثار ملن ٿا.

    [​IMG]
    ان ڪوٽ تي چڙهڻ لاءِ قدرتي گهارن مان چڙهڻو پوي ٿو . ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي پيچرا آهن، جن کي هوا، برسات يا سج جي تپش ڏاريو آهي. انهن ڏارن مان اندر جهاتي پائڻ سان اندازو لڳائجي ٿو ته سرن ۽عمارتن جو سلسلو هيٺ روڊ جي سطح تائين پهتل آهي جتان کانپوءِ ٽاڪرو زمين شروع ٿي وڃي ٿي “قديم آثارن جي ماهر نوني گوپال مجمعدار سيوهڻ جي قلعي بابت راءِِ ڏني آهي ته” هي قلعو مسلمانن جي دور جو آهي. ان دور جا ثبوت دڙي تي ڪاشي ءَ جي ٿانون جي گهڻائي ۽ سرن جي موجودگيءَ مان ملن ٿا.

    ٿي سگهي ٿو ته ان هنڌ تي اڳ ۾ڪا اوائلي عمارت هجي جنهن جي کنڊرن مٿان هي قلعو ارڏيون ويو هجي “سنڌ جي قديم آثارن تي کوجنا ڪندڙ اڪثر ماهر ان راءِ تي متفق آهن ته هي قلعو راءِ سهاسي ٻئي ٺهرايو هيو . راءِ سهاسي ٻيو 630 ع ۾ فوت ٿيو هيو . ان کانپوءِ هي قلعو 713 ۾ محمد بن قاسم هٿان ان وقت فتح ٿيو، جڏهن راجا ڏاهر سئوٽ بجيراءِ بن چندر پوئين دورازي مان چپ پاپ کسڪي ٻڌيا واري علائقي ڏانهن نڪري ويو .جيڪڏهن تاريخ مان سوهڻ بابت ترتيب وارا حوالا ڪڍبا ته پوءِ معلوم ٿيندو ته سن 326 قبل مسيح ۾ سيوهڻ تي راجا سامبس حاڪم هيو ، جنهن سڪندر آڏو پهرين آڻ مڃي پر پوءِ بغاوت ڪئي. جنهن کانپوءِ گرفتار ٿي مارجي ويو .سامبس جو تعلق ٻڌ ڌرم سان هيو ان وقت سيوهڻ جو نالو سنديمن هيو. سن 627 ع عيسوي ڌاري سيوهڻ جو بنالو سوستان هيو هتي راءِ سهار س بن سهاسي جي گادي هئي.711 ڌاري بجيرا ءِ بن چندر حاڪم هيو، جيڪو محمد بن قاسم جي ڪاهه ۽ ٻڌن جو سهڪار نه ملڻ سبب لاچار ڀڄي ويو. سن21- 1520-ع ۾ شاهه بيگ ارغون سمن کان سيوهڻ ڇڏايو، انهن سمورن حملن کانپوءِ ۽ اڳ سيوهڻ جي قلعي جي وري وري مرمت ٿيندي پئي آ ئي آهي پر جڏهن کان ڪلهوڙن حڪومت سنڀالي خداآباد ڏانهن گادي منتقل ڪئي ته قلعو پوئتي پئجي نيٺ کنڊر بڻجي ويو .

    انگريزن پاران سنڌ جي فتح کان پنج سال اڳ 1838 ع ۾ برطانيا کان آيل قديم آثارن جي ماهر سرڪي اي k.A ) جيڪسن سيوهڻ جي قلعي جودئورو ڪيو هو ۽ قلعي جي هڪ تصوير پڻ ٺاهي هئي ان تصوير ۾ قلعو کنڊرن جي صورت ۾ موجود آهي قلعي وارو سارو دڙو برساتي پاڻي ءَ ڪري مٽي وهڻ سبب لهوارو ٿي ويو آهي دڙي تي ڪيترن ئي برجن جا نشان بيٺا آهن. برج هيٺان ويڪرا مٿي سوڙها ڏيکا ريل آهن .خاص طور تي دروازي جي حفاظت لاءِ مامور برج ۾ ڪوٽ کي هڪٻئي پٺيان ٻه محراب دار دروازا به ڏيکاريا ويا آهن. سيوهڻ جو قلعو بيهڪ جي لطاظ کان 26.26 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67.50 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي هي قلعو جنگي نقطه نظر کان پراڻي زماني کان وٺي اهم هنڌ تي آهي . اهو چوڌاري اڙل واهه سان گهيريل آهي سنڌو درياءُ قلعي جو پاسو ڏئي لنگهي ٿو. پري کان ڏسبو ته قلعي جي اوڀر ۾ سنڌو درياءَ جي مختلف دورن جي ڪيترن ئي اوائلي وهڪرن جا آثار نظر اچن ٿا، جن ۾ موجوده سنڌو ءَ جي مکيه گذرگاهه نمايان آهي انهن وهڪرن جي نشانن جو سلسلو قلعي جي ديوارن سان اچي لڳي ٿو ، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ درياءُ قلعي جي پيرن کي ٻوڙيندو ويندو هيو.

    هن وقت ان دڙي نما آثارن جي ڊيگهه 1200 فوٽ ۽ويڪر 600 فوٽ آهي . ان کان اڳ ڪجهه محققن قلعي جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٻڌائي آهي ، پر موجودهه وقت گاٺ پيٺ ۽ برساتي پاڻي جي ڪار ستانين ان جي بت ۾ اهو فرق آندو آهي. قلعي جي دڙي جي موجودهه وقت بلندي 60 فوٽ کن ٿيندي . دڙو 16 ايڪڙن ۾پکڙيل آهي .قلعي جوگهيرو 500 فوٽ کن ٿيندو، سنڌ ۾ موجود قلعن يا انهن جي کنڊرن مان ڪوبه قلعو ان طرز جو نه ٿو ملي . شايد هي واحد قلعو ان شڪل جو هيو. قلعي جي دڙي جي وچ تي ٻن کوهن جا آثار پڻ مليا آهن اهي ٻئي کوهه هن وقت گهڻي ڀاڱي پورجي چڪاآهن.

    سرزمين تي موجود آثارن مان ٿورو گهڻو برجن جي ساخت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پر هن وقت رڳو هڪ برج وڃي بچيو آهي، جيڪو چو ڦير ٻاهرين پاسي کان دڙي جي ساخت مطابق ديوار سان منسلڪ آهي . هن برج جو سراسري قطر 20 فوٽ کان ٿيندو . برج بنيادن وٽ ويڪرو آهي، جيڪو جيئن مٿي اٿڻ شروع ڪري ٿو تئين سوڙهو ٿيندو وڃي ٿو. هي برج ويچارو ڪنهن جهور پوڙهي سپاهي وانگر جهڪيل حالت ۾ بيٺو آهي. شايد ان کي اڃا به اميد آهي ته ڪووارث ايندو ۽ قلعو سنڀاليندو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو