هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي. هڪڙو ڪڇؤن درياءَ جي ڪَپ تي اُس ۾ ويٺو هو. ايتري ۾ هن ڏٺو ته هڪڙو ڪيوڙي جو وڻ درياءَ ۾ ترندو پيو اچي. اهو ڏسي ڪڇؤنءَ درياءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ وڻ کي ڇڪيندو ڇڪيندو ڪَپَ تائين گهلي آيو، پر ڪپ کان باغ تائين وڻ کي کڻي وڃڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ ته ڪُميءَ اهو وڻ باغ ۾ پوکڻ گهريو ٿي. نيٺ هن هڪڙي ڀولڙي کي سڏيو ۽ چيو ته ادا، هن ڪيوڙي جي وڻ کي باغ تائين کڻي هلڻ ۾ منهنجي مدد ڪر. آءٌ هيءُ وڻ باغ ۾ پوکيندس. ڀولڙي جواب ڏنو: آءٌ وڻ کڻائي هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر ان جي بدلي مون کي به وڻ جو اڌ حصو ڏيندين؟ ڪڇؤنءَ اهو ٻڌي چيو ته ڇو نه. آءٌ توکي اڌ حصو ضرور ڏيندس، پوءِ ٻئي وڻ کي گهليندا گهليندا باغ تائين آيا. اتي ڪڇؤنءَ ڀولڙي کي چيو ته هاڻي اچ ته کڏو کوٽي ان ۾ وڻ هڻون. ڀولڙي جواب ڏنو ته پهرين مون کي پنهنجو حصو ڏي. ڪڇؤنءَ چيو، جڏهن هيءُ وڻ زمين ۾ لڳي ويندو ۽ ان ۾ ميوو لڳندو، تڏهن پاڻ ۾ اڌو اڌ ورهائي کڻنداسون، پر ڀولڙي کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ چوڻ لڳو ته مون کي ته وڻ جو اڌ حصو هينئر جو هينئر ڏي. لاچار ٿي ڪڇؤنءَ وڻ کي ٻن حصن ۾ وڍيو. ڀولڙي وڻ جي مٿئين حصي جا ساوا پَتا ڏسي چيو ته مٿيون حصو آءٌ کڻندس! ڪُميءَ هن جي اها ڳالهه به مڃي. ڀولڙي پنهنجو حصو وٺي گهر ڏانهن ويو ۽ ان کي زمين ۾ پوکي ڇڏيو. هيڏانهن ڪُميءَ به وڻ جو پاڙ وارو حصو زمين ۾ پوکيو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ساوا ساوا پن ڦٽڻ لڳا ۽ ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ ڪيترائي ڪيوڙا به لڙڪڻ لڳا، پر ڀولڙي وارو وڻ سڪي سڙي ڪِري پيو. ڪُميءَ جي وڻ ۾ جڏهن ڪيوڙي جون ڦريون پَچي راس ٿيون، تڏهن هن اهي ٽوڙڻ گهريون، پر ڪُمي ويچارو وڻ تي چڙهي نه سگهيو. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي هو ڀولڙي کي وٺي آيو ۽ چيائينس ته جيڪڏهن تون منهنجي وڻ تان ڪيوڙا لاهي اچين ته اَڌ تنهنجا ۽ اَڌ منهنجا. ڀولڙي هڪدم ڪُميءَ جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ تڪڙو تڪڙو وڻ تي چڙهي ويو، پر ڀولڙي مٿي وڃي ڪيوڙا لاهڻ بدران کائڻ لڳو ۽ ڪُميءَ کي هڪڙو ڪيوڙو به نه ڏنائين. اهو ڏسي ڪُميءَ چيو ته تون رڳو پاڻ ويٺو ڪيوڙا کائين. مون کي به ته کاراءِ، پر ڀولڙي بنهه نابري واري ڇڏي ۽ ڏاڍي مزي سان ڪيوڙن جون ڦريون پاڻ کائيندو ويو ۽ کَلون هيٺ اڇلائيندو رهيو. اهو ڏسي ڪُميءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. نيٺ هن کي هڪ اٽڪل سمجهه ۾ آئي ۽ هو تڪڙو تڪڙو باغ ۾ هڪ طرف ويو، جتان ڪَنڊن واريون ٽاريون گهليندو آيو ۽ اهي ڪيوڙي جي وڻ جي چؤڌاري رکندو ويو. جڏهن ڀولڙي سڀئي ڪيوڙا کائي پورا ڪيا ته وڻ تان ٽپ ڏئي، هي زمين تي لٿو. هيٺ رڳو ڪنڊائي ڪنڊا هئا، سي ڀولڙي جي پيرن ۽ هٿن جي تِرين ۾ لڳا، هو سور ۽ تڪليف کان وڌيڪ ٽپا ڏيڻ لڳو ۽ دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳو. ڀولڙي جي پيرن ۽ هٿن ۾ ڪنڊا گهڙي ويا هئا، جن هن کي ڏاڍي تڪليف ڏني. ڪُميءَ آرام سان هڪ طرف اهو تماشو بيٺي ڏٺو ۽ ڀولڙي کي دانهون ڪوڪون ڪندو ڏسي کلڻ لڳو. ڀولڙي کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ هن ڊوڙ پائي ڪُميءَ کي ڳچيءَ کان جهلي پنهنجي پُٺيءَ تي ويهاريو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي ٻڌاءِ ته آءٌ توکي ڪهڙي سزا ڏيان؟ توکي مار ڏيان يا درياءَ ۾ ٻوڙيان؟ ڪُمي ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو ۽ ليلائيندي چوڻ لڳو، ته مون کي جيڪا وڻئي اها سزا ڏي، پر خدا جي واسطي مون کي درياءَ ۾ نه ٻوڙ. ڀولڙي اهو ٻڌي ٽپو ڏنو ۽ چيو، ”آءٌ ته توکي درياءَ ۾ ئي ٻوڙيندس. ائين چئي ڀولڙو ڊوڙندو درياءَ جي ڪپ تي ويو ۽ ڪُميءَ کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. ڪُمي پاڻيءَ ۾ ڪِرڻ شرط نظرن کان لڪي ويو. هاڻي ڀولڙو ڏاڍو خوش ٿيو ته ڪُمي ٻڏي ويو، پر ايتري ۾ ڪُمي پاڻيءَ مان سِسي ڪڍي ڀولڙي کي چيو، ادا، تنهنجي مهرباني. توکي شايد خبر نه آهي ته منهنجو گهر پاڻي ۾ ئي آهي.
ڪهاڻي دلسچسپ آهي پر ڪو خاص اهڙو مقصد ظاهر نه ٿي سگهيو جيڪو ٿيڻ گهرجي ها ته، جئين مثال دنيا ۾ جنهن سان ڀلائي ڪر ته اوترو اهو ئي نقصان جو سبب بڻجي ٿو، ڪهاڻي جي انت ۾ اهڙو ڪو سبق ظاهر ٿيڻ گهرجي ها..بهترين ڪاوش