منصور سرور
سينيئر رڪن
هانگ ڪانگ سٽي: (ع آ نيوز) قديم شيون انساني تهذيب جو قيمتي ورثو سمجهيون وينديون آهن ۽ انهن کي سنڀالي رکيو ويندو آهي پر چين جي هڪ ارب پتي همراهه پنج سو سال پراڻي تاريخي پيالي ٻه ڪروڙ ڏهه لک پائونڊ ڏئي خريد ڪئي ۽ ان ئي وقت ساڳي پيالي ۾ همراهه چانهه پيئڻ شروع ڪئي. هي پيالي پندرهين صدي ۾ چيني بادشاهن جي خاندان منگ ڊائنسٽي جي دور ۾ ٺاهي وئي هئي، شاهي گهراڻي جا ماڻهو ان ۾ چانهه پيئندا هئا.
