بخت وارو نينگر

'سنڌ سلامت ٻارڙن جي دنيا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    عمير مصطفيٰ جوڻو
    [​IMG]
    پنج شڪاري پنهنجيون ڄاريون کڻي شڪار سانگي جهنگ ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. هڪ ننڍي ڇوڪري کين منٿ ڪندي چيو: ”مونکي پاڻ سان گڏ وٺي هلو. مان پڻ شڪار ڪرڻ ٿو چاهيان. شڪارين کيس چيو تون اڃا شڪار ڪرڻ جيڏو ناهين! ۽ تنهنجو پيءُ توکي شڪار سيکارڻ کان اڳ ئي گذاري ويو. ڇوڪري زور ڀريو: مون کي وٺي هلو! مان توهان کان ئي سکندس. شڪارين مان هڪ ڄڻي چيو: هي هلڻ لاءِ تمام گهڻو خواهشمند آهي. ڇونه پاڻسان گڏ کڻجيس؟

    جهنگ ۾ هڪ ڪاٺ جي جهوپڙي هئي، اتي هو هڪ رات لاءِ ترسي پيا. صبح جو سوير جڏهن ننڊ مان اٿيا ته هڪ شڪاري دروازو کوليو ۽ ٿيڙ کائي پوئتي هٽيو. چيائين ته ڇهه چيتا چائنٺ وٽ ويٺا آهن. سارو ڏينهن شڪارين ڊپ کان ڏڪندي جهوپڙيءَ اندر ويٺي گذاريو. مٿان اچي رات پئي پر هنن سمهڻ جي همت ئي ڪانه ڪئي. ورندي صبح جو جهاتي پائي ڏٺائون. پنج چيتا وڃي چڪا هئا، باقي صرف هڪڙو رهيل هو. شڪاري هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا: اسين هن جي وڃڻ جو پڻ انتظار ڪنداسين. سارا پنج ڏينهن هو جهوپڙيءَ ۾ ويٺا رهيا. هنن پنهنجو سمورو کاڌو کائي کپائي چٽ ڪري ڇڏيو ۽ هينئر بک کان پاهه ٿيڻ لڳا ۽ اُڃ مرڻ لڳا، ان هوندي به هو ٻاهر وڃڻ کان پئي ڊنا، چيتو چانئٺ وٽ ويٺو ئي رهيو. ڇهين ڏينهن هڪ شڪاري چيو: هي چيتو تيسين در نه ڇڏيندو، جيسين ڪنهن کي کائي چٽ نه ڪري. سڀ چپ رهيا، آخر هڪ ڄڻي بيڊپو ٿي چيو: ڇهن ڄڻن جي بک وگهي مرڻ کان بهتر آهي ته هڪ ڄڻو جان جي قرباني ڏئي. ننڍڙي ڇوڪري پڇيو: پر ويندو ڪير؟ سڀني شڪارين ڏانهنس اشارو ڪندي چيو، تون ٻيو ڪير؟ اسين سڀ ٻچڙيوال آهيون. تون ته ڇورو ڇنو آهين. رڳو هڪ ماءُ اٿئي، سا به جهور پوڙهي.

    ڇوڪري سڀني ڏانهن نهاري در کي ڌڪو ڏئي کوليندي چائنٺ تي ٿي بيٺو. چيتو هن ڏانهن وڌي آيو، ڇوڪرو اٽڪل ڪري زمين تي ليٽي پيو، چيتي پنهنجو ڪنڌ نوڙائي ڇڏيو. ڇوڪري سندس مٿي تي پير رکي ٽپ ڏنو ۽ مٿان وڻ جي لڙڪندڙ ٽاريءَ کي چنبڙي پيو. پنهنجو پاڻ کي مٿي اڇليندي هو وڻ جي تمام گهڻي اوچائيءَ تائين پهچي ويو. هي ڏسي چيتي هڪ وڏي گجگوڙ ڪئي ۽ وڻ کي اهڙو ته زور سان چنبو هنيائين جو اهو پاڙ کان چوٽيءَ تائين لڏي ويو. ان کانپوءِ هو نرا کڻندي وڃي ڏارن ۾ اٽڪي پيو. مٿي تي زبردست ڌڪ لڳس ۽ اتي بيسود چنبا هڻندي هڻندي ٿڪجي پيو. ٻين شڪارين جو هي لقاءُ ڏٺو، سو جهوپڙي مان ٻاهر ڌوڪيندا آيا. ڇوڪري وڻ جي چوٽي تي ويٺي هنن کي رڙ ڪئي: چيتو هاڻي ڦاٿو آهي. تير هڻي ماري ويجهوس، وارو ڪيو! شڪارين ڇوڪري جي لفظن ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ کڙين تي زور رکيائون. ڇوڪري رڙ ڪري چيو: توهان ته مون کي اڪيلو ڇڏي ٿا وڃو! ڇوڪرو هو وڻ تان هيٺ لهي آيو ۽ چيتي کي مخاطب ٿي چيائين: تون مون کي کائي کپائڻ پئي چاهيو، پر تون خود وڻ ۾ ڦاسي پيو آهين! چيتي جو دم گهٽجڻ لڳو، هو ورندي ڏئي نه سگهيو. هن صرف ڇوڪري ڏانهن ڏٺو ۽ سندس کاٻي اک ۾ هڪ لڙڪ تري آيو. ڇوڪري کي هن تي رحم اچي ويو. هو ڪهاڙي کڻي آيو ۽ انهيءَ شاخ کي ڪپي ڇڏيائين شاخ ڀڄي ڀور ڀور ٿي پئي ۽ چيتي هيٺ ڦهڪو ڪري اچي پٽ تي پيو.

    ڇوڪري چيو: جيڪي ٿيو، سو ٿيو؛ پر مون پنهنجي پير تي پاڻهي ڪهاڙو وهايو آهي. چيتي جواب ڏنو: تو دشمن کي نه پر هڪ دوست کي آزاد ڪيو آهي، مان توکي ان جي عيوض ۾ شڪاريءَ جو بخت ڏيندس. ان کانپوءِ هو ڇوڪري کان موڪلائي راهي ٿيو، ڇوڪرو بيهي سوچڻ لڳو: مون کي پنهنجو بخت آزمائڻ گهرجي. هن سيبلن کي ڦاسائڻ واريون ڄاريون پکيڙيون ۽ آرام ڪرڻ لاءِ جهوپڙي ۾ هليو ويو. صبح جو اُٿڻ ساڻ هو جهوپڙي کان ٻاهر آيو ته هن جي ڄارين ۾ ڪجهه اهڙا سيبل ڦاٿا جن جي قيمت ڪٿڻ ئي مشڪل ڳالهه هئي. هو پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو: هاڻ مونکي گهر ويندي شرم نه ايندو! هو پوءِ واپس روانو ٿيو. رات پوڻ تي گهر ويو. صبح ٿيڻ شرط ماڻس ننڊ مان سجاڳ ٿي پئي، اٿڻ ساڻ ئي اچي پنهنجي ٻچڙي کي ٻَک وڌائين ۽ هنجون هارڻ شروع ڪري ڏنائين، ان کان اڳ شڪارين کيس ٻڌايو هو ته تنهنجو پٽ جهنگلي چيتي جو شڪار ٿي ويو هو ۽ ان ڏينهن کان وٺي پار ڪڍي روئندي هئي.

    صبح جو سڄي ڳوٺ ۾ ڇوڪري جي موٽي اچڻ جي خبر وڄ جيان پکڙجي وئي. هر ماڻهو جي وات اهائي وائي هئي ته ڇوڪرو جيڪو چيتي جي چنبي مان پاڻ بچائي آيو آهي، سو وڏي بخت وارو چئبو، ڇوڪرو خالي هٿين واپس نه آيو هوندو. سج اڃا ڪَني ئي مس ٻاهر ڪڍي هئي جو سندس هڪ شاهوڪار پاڙيسري جيڪو هميشھ شڪارين کان بج وغيره خريد ڪندو هو، سندس گهر آيو. دولتمند شخص ڇوڪري چيو: ڇا آندو اٿئي ڇوڪرا! ڏسون ته سهي!

    دولتمند شخص ڇوڪري کي چيو: ڇا تون سمجهين سگهين ٿو ته مان تو وٽ اهڙي قيمتي بج لاءِ آيو آهيان؟ ڇوڪري وراڻيو: جيڪو ٻي وک لاءِ پير کڻڻ گهري ٿو، ان کي پهريائين پهرين وک کڻڻ گهرجي. هن کي ته ڏسو! حيرت ۾ پئجي ويل واپاريءَ سوچيو ته ڪو عام ماڻهو ته ناهي، ڏاڍو چالاڪ ۽ هوشيار نينگر آهي. واپاري کيس چيو چڱو ٺيڪ ٿيو، هي بَج مان خريد ڪندس. ٻي به هجي ته ڏيکار. ڇوڪري اهي چمڪندڙ بج جا ويڙها واپاريءَ اڳيان رکيا، جن جي قيمت ڪٿڻ ئي مشڪل هئي، ان بج کي ڏسي واپاريءَ جون اکيون ڦاٽي ويون. هن پنهنجي ٿيلهيءَ مان سمورا پئسا سواءِ ڳڻڻ جي ڇوڪري جي اڳيان هارڻ شروع ڪيا.

    ڇوڪري ۽ سندس ماءُ لاءِ هينئر غربت جا ڏينهن ختم ٿي چڪا هئا، ان ڏينهن کان وٺي جڏهن به ڳوٺ جا شڪاري جهنگل ڏانهن شڪار ڪرڻ ويندا هئا ته هن ڇوڪري کي پنهنجو ساٿي ڪري کڻندا هئا، ڇو جو هو نه صرف بخت وارو هو پر ٻين لاءِ به ڀاڳ کڻي ايندو هو. ننڍڙو شڪاري انهن پنجن شڪارين سان گڏ هلڻ لاءِ ڪڏهن به راضي نه ٿيو جن کيس چيتي جو لقمو بنائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏنو هو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    زبردست ڪهاڻي ادا
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالجبار شاھ راشدي

    عبدالجبار شاھ راشدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2012
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    301
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    پير جو ڳوٺ
  4. جاويد نهري

    جاويد نهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    زبر دست ادا
     
  5. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,570
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    تمام بهترين ڪهاڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو