عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
جاڳي پوندا جڏهن جهانگي
هر هٿ ۾ هوندي لٺ ڪهاڙي
ڏنڊا باٺا
ڪوڏر ڏاٽا
رڙيون واڪا
آيو ڙي آيو
نه گهٻرايو
بم بارود ۽ بندوقون
ريپيٽر, ڪريڪر, راڪيٽ لانچر,
۽ ڪلاشن ڪوفون
چئني پاسي جيڪي ٻوليون
هونديون رڳو گوليون گوليون,
جيجل سنڌ جا ٻار ٻچا
۽ نينگر ناريون
پڪا پوڙها ۽ جوان جوڌا
هوندا واڪا
رڳو ڌماڪا,
امڙ سنڌ جي سينڌ سنوارڻ
ٿڃ ملهائڻ
لاءِ هوندا آتا
سنڌ صدين کان آهي قائم
سنڌ جُڳن تائين رهندي قائم
ڪنهن کي اهڙي همٿ ناهي
ڪنهن کي اهڙي طاقت ناهي
جو سنڌ کي ڪوئي هٿ به لائي,
ڪير به سنڌ ورهائي نه سگهندو
ڪير به سنڌ ورهائي نه سگهندو.
هر هٿ ۾ هوندي لٺ ڪهاڙي
ڏنڊا باٺا
ڪوڏر ڏاٽا
رڙيون واڪا
آيو ڙي آيو
نه گهٻرايو
بم بارود ۽ بندوقون
ريپيٽر, ڪريڪر, راڪيٽ لانچر,
۽ ڪلاشن ڪوفون
چئني پاسي جيڪي ٻوليون
هونديون رڳو گوليون گوليون,
جيجل سنڌ جا ٻار ٻچا
۽ نينگر ناريون
پڪا پوڙها ۽ جوان جوڌا
هوندا واڪا
رڳو ڌماڪا,
امڙ سنڌ جي سينڌ سنوارڻ
ٿڃ ملهائڻ
لاءِ هوندا آتا
سنڌ صدين کان آهي قائم
سنڌ جُڳن تائين رهندي قائم
ڪنهن کي اهڙي همٿ ناهي
ڪنهن کي اهڙي طاقت ناهي
جو سنڌ کي ڪوئي هٿ به لائي,
ڪير به سنڌ ورهائي نه سگهندو
ڪير به سنڌ ورهائي نه سگهندو.