• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محمد هنڱورجو (ملزم ٿري) جي شاعري.

محمد هنڱورجو جي شاعري جي ڪتاب "کيرون کاهوڙين جون" مان چونڊ شعر.


ڇا حاصل؟


ڪيل پيمان اي، پيارا، نه پاريندين ته ڇا حاصل،

نه جي جيئري جڏو جيئڙو جياريندين ته ڇا حاصل.



وتان تنهنجي ورهه ۾ ٿو ورهيه ٿي ويا ته ويڳاڻو،

وصل وارا قدم وهلا نه واريندين ته ڇا حاصل.


شفا مُنهنجي آهي البت سندئي ديدار درشن ۾،

دوا دارون اچي اهڙا نه ڌاريندين ته ڇا حاصل.


مرض ويندو وڌي ويتر مري ويندس ته پو مون لئي،

ڪري جلدي اُٿي ڪرها قطاريندين ته ڇا حاصل.


سگهو پهچي سڄڻ! سائين اڱڻ منهنجي اَٻالي تي،

ڳراٺيون ڏئي ٻين ڳوڙها ٻه ڳاڙيندين ته ڇا حاصل.


ملي ڪانڌين قريبن سان وَنڊي ويچار واکاڻي،

اکر افسوس جا البت اُچاريندين ته ڇا حاصل.


اڃا آيو نه آ دلبر اجل آيو اجهو ”محمد“

رڳو دل کي دلاسن سان ڌُتاريندين ته ڇا حاصل.
____________________________
وري ڏسبو


اڃا ڀي آزمائش ڪا اچي ويندي وري ڏسبو،

ٻَريو ٻارڻ ٻَهون ٻيو ڪو ته ٻيهر ڀي ٻَري ڏسبو.


سٺم صدما وڏا سر تي اڳيئي ۽ اڃا پُڻ جي،

اچي آهار پيا اڳيان ڪري چارو چري ڏسبو.


کرن ۾ آ خوشي ڏاڍي چون ٿا هي کريو آهي،

کريو آهيان مگر البت اڃا خاصو کري ڏسبو.


ڇڏي ويا سير ۾ آڻي نه ڪو ساٿي بچيو باقي،

نه جي تُرهو مليو تاهم تن تنها تري ڏسبو.


تماشائي ڏسن منهنجو تماشو تار ۾ تان ڀل،

ٻُڏل هيڪر ٻَهر ٻيهر وڌي ويندڙ وري ڏسبو.


سمورو ساٿ سڏڻو آ سفر جاري به رکڻو آ،

سَري ٿي ڪين جو مون کي وئي ساٿين سَري ڏسبو.


وڃڻ واجب ٿيو وڃبو اچي ويو موت منزل کان،

اڳيئي جي ادا، ”محمد“ ته مارڳ تي مري ڏسبو.
_____________________________________

دير ناهي دوستو!


ظلم آخر زير آهي، دير ناهي دوستو،

عارضي انڌير آهي، دير ناهي دوستو.


پاپ جي ٿي وئي پڄاڻي ڄڻ پرهه باکون ڦٽيون،

ڪا مٿان مُنهن مير آهي، دير ناهي دوستو.


هو ڏياٽيون ڏور ڏونگر تي وري ڏسجن پيون،

ڪا کاهوڙين کير آهي، دير ناهي دوستو.


اڄ به دودل دشمنن کي پيو پُڪاري پڙ مٿي،

ڪين وسريو وير آهي، دير ناهي دوستو.


هُو وري هوشو ٻڌائي پيو ته سِرڙو سنڌ تان،

ڪو نه ڏيندو ڪير آهي، دير ناهي دوستو.


حوصلا، همت سلامت هُو اٿي هيمون وري،

اڄ اُڀو اُن پير آهي، دير ناهي دوستو.


هو سڻو سڏ شاهه جا اي! سنڌ جا سورهيه اُٿي،

پئو ڪٽڪ ۾ شير ڪاهي، دير ناهي دوستو.


وار سهبا ڪين ويهي اڄ وڌي ويرين ڪنان،

وير وارڻ وير آهي، دير ناهي دوستو.
 
Back
Top