داڪٽر محمد متارو هنگورجو
سينيئر رڪن
شال! سوڀون کَٽن
مينهن موڪون وسن.
پُوڄ پوکون پَچن.
ڀُونءِ پنهنجي ڀلي،
اَن اونون لهن.
ڀاءُ پوءِ ڀي بُکيا،
سور سختيون سهن.
مون مَيارون هُتان،
مير مارو مُنجن.
وِرهه منهنجو وڌي،
نينهن نوڪون چُڀن.
ڪين ڪونڌر ڪڏهن،
ساهه سوچون رکن.
نيٺ مُلزم ملي،
شال سوڀون کٽن
_________________________________________
سڀ مَروڙي ٽوڙي ڇڏ!
ڇوڙي ڇڏ، او ڇوڙي ڇڏ.
ڇوري ڇَتڙا ڇوڙي ڇڏ.
واسينگن کي واري اڄ،
مون ڏي مُرڪي موڙي ڇڏ.
منهنجي من ۾ محبت جا،
آڻي خيما کوڙي ڇڏ.
ديد ملائي ديدن سان،
سارا انگ اُلوڙي ڇڏ.
روڪ نه ريٽو رت ڀلي،
خُوب رڳن ۾ ڊوڙي ڇڏ.
اڄ زنجيرون زور ظلم جون،
سَڀ مروڙي ٽوڙي ڇڏ.
_______________________________________
ڀُونءَ ڀيٽا ڪيا
وير وارث هُيا،
ڀاءُ ڀيڙا ٿيا.
عيدالاضحيٰ اچي،
رنگ ريٽا ڪيا.
ڪوس قُربان ۾،
گهوٽ گهيٽا ٿيا.
پيءُ پُٽڙا وري،
ڀُونءَ ڀيٽا ڪيا.
نيٺ ٻاگهين سندا،
ٻار ٻيٽا هُيا.
ساهه، سرڙا ڏبا،
ٺاهه ٺيٽا ٿيا.
مير مارو مليا،
ڇيهه ڇيٽا ويا.
____________________________________
شرميلا ماڻهو
ڪيڏا، روح رسيلا ماڻهو،
سُونهارا، شرميلا ماڻهو.
لوڪ لڪائي ليئا پائين،
ديد کڻيو درديلا ماڻهو.
سڪ سچاين ساڻ ڏسن ٿا،
هرهر ڪريو حيلا ماڻهو.
ڌاريو ويٺا آهن دل ۾،
نازڪ نينهن نويلا ماڻهو.
روساما ۽ رَنج نه ڄاڻن،
پَت ڀريا پَرچيلا ماڻهو.
اهڙا آخر يار ملن ٿا،
ڀاڳن سان ڀَرميلا ماڻهو.
ڪين لڄائين ٿا جي ڪڏهن،
پنهنجا ڪُڙم قبيلا ماڻهو
_________________________________________
پروفيسر محمد هنڱورجو جي شاعري جي ڪتاب "کيرون کاهوڙين جون" تان ورتل چند ٽڪرا.
مينهن موڪون وسن.
پُوڄ پوکون پَچن.
ڀُونءِ پنهنجي ڀلي،
اَن اونون لهن.
ڀاءُ پوءِ ڀي بُکيا،
سور سختيون سهن.
مون مَيارون هُتان،
مير مارو مُنجن.
وِرهه منهنجو وڌي،
نينهن نوڪون چُڀن.
ڪين ڪونڌر ڪڏهن،
ساهه سوچون رکن.
نيٺ مُلزم ملي،
شال سوڀون کٽن
_________________________________________
سڀ مَروڙي ٽوڙي ڇڏ!
ڇوڙي ڇڏ، او ڇوڙي ڇڏ.
ڇوري ڇَتڙا ڇوڙي ڇڏ.
واسينگن کي واري اڄ،
مون ڏي مُرڪي موڙي ڇڏ.
منهنجي من ۾ محبت جا،
آڻي خيما کوڙي ڇڏ.
ديد ملائي ديدن سان،
سارا انگ اُلوڙي ڇڏ.
روڪ نه ريٽو رت ڀلي،
خُوب رڳن ۾ ڊوڙي ڇڏ.
اڄ زنجيرون زور ظلم جون،
سَڀ مروڙي ٽوڙي ڇڏ.
_______________________________________
ڀُونءَ ڀيٽا ڪيا
وير وارث هُيا،
ڀاءُ ڀيڙا ٿيا.
عيدالاضحيٰ اچي،
رنگ ريٽا ڪيا.
ڪوس قُربان ۾،
گهوٽ گهيٽا ٿيا.
پيءُ پُٽڙا وري،
ڀُونءَ ڀيٽا ڪيا.
نيٺ ٻاگهين سندا،
ٻار ٻيٽا هُيا.
ساهه، سرڙا ڏبا،
ٺاهه ٺيٽا ٿيا.
مير مارو مليا،
ڇيهه ڇيٽا ويا.
____________________________________
شرميلا ماڻهو
ڪيڏا، روح رسيلا ماڻهو،
سُونهارا، شرميلا ماڻهو.
لوڪ لڪائي ليئا پائين،
ديد کڻيو درديلا ماڻهو.
سڪ سچاين ساڻ ڏسن ٿا،
هرهر ڪريو حيلا ماڻهو.
ڌاريو ويٺا آهن دل ۾،
نازڪ نينهن نويلا ماڻهو.
روساما ۽ رَنج نه ڄاڻن،
پَت ڀريا پَرچيلا ماڻهو.
اهڙا آخر يار ملن ٿا،
ڀاڳن سان ڀَرميلا ماڻهو.
ڪين لڄائين ٿا جي ڪڏهن،
پنهنجا ڪُڙم قبيلا ماڻهو
_________________________________________
پروفيسر محمد هنڱورجو جي شاعري جي ڪتاب "کيرون کاهوڙين جون" تان ورتل چند ٽڪرا.