داڪٽر محمد متارو هنگورجو
سينيئر رڪن
ريٽن جا رکوالا آهيون
نعرا نينهن نرالا آهيون،
جوڌا جنگ جيالا آهيون.
هوشو، هيمون، دولهه، دودا،
ناموسن جا نالا آهيون.
پنهنجي خاطر ماکي مصري،
باطل ڪارڻ ڀالا آهيون.
پنهنجي ڌرتي پَڊ پُراڻا،
ريٽن جا رکوالا آهيون.
وارث روپا پاڻ وِڳهه جا،
ساڻيهه منجهه سَٻالا آهيون.
ظُلمت ساري زير ڪنداسين.
تاريڪيءَ کي تالا آهيون.
ڀَڙڪي ڀَنڀٽ ٻاري ڄاڻون،
جوهر منجهه جوالا آهيون.
______________________________________
ٽانڊاڻا
توڙي ڳڻتيون ڳاراڻا.
روڄ نه ٿيندا راماڻا.
سورن ڌاران ساجن، ڪڏهن،
شوق ڀلا ڪي ساماڻا.
ارڏو آهي عشق اسان جو،
کر وجهن ڇا کانجاڻا.
ٻاٽ ۾ ڏيئا ٻاري نڪتا،
ٽِم ٽم ٽمڪن ٽانڊاڻا.
پَٿر تي بس، ليڪا آهن.
ٻول نه پنهنجا ٻاراڻا.
هوڏس، بادل ڀَرجي آيا،
مُند ملڻ جا مانڊاڻا.
پيار محبت ۾ ئي پنهنجا،
لاشڪ ٿيندا لاڏاڻا.
_________________________
ويل وري ڪا وَرڻي آ
سوڀ برابر سَرڻي آ.
محبت مور نه مرڻي آ.
آءُ وري ير! آءُ سگهو،
ڳالهه ڳُجهاندر ڪرڻي آ.
هي جا ڀنڀٽ باهه ٻري،
ڪنهن ته ٺڪاڻي ٺرڻي آ.
سچ چيو آ شيخ اياز،
پنهنجي ڪرڻي ڀَرڻي آ.
ڪانئر هرڪا قوم سدا،
ڳاراڻي ۾ ڳرڻي آ.
لاشڪ ٻيڙي لوڏن ۾،
تو مون تاريء ترڻي آ.
ايڪي سان ئي آخرڪار،
پَت پيارل! پَرڻي آ.
آزادي جي اهڙي ريت،
ويل وري ڪا ورڻي آ.
نعرا نينهن نرالا آهيون،
جوڌا جنگ جيالا آهيون.
هوشو، هيمون، دولهه، دودا،
ناموسن جا نالا آهيون.
پنهنجي خاطر ماکي مصري،
باطل ڪارڻ ڀالا آهيون.
پنهنجي ڌرتي پَڊ پُراڻا،
ريٽن جا رکوالا آهيون.
وارث روپا پاڻ وِڳهه جا،
ساڻيهه منجهه سَٻالا آهيون.
ظُلمت ساري زير ڪنداسين.
تاريڪيءَ کي تالا آهيون.
ڀَڙڪي ڀَنڀٽ ٻاري ڄاڻون،
جوهر منجهه جوالا آهيون.
______________________________________
ٽانڊاڻا
توڙي ڳڻتيون ڳاراڻا.
روڄ نه ٿيندا راماڻا.
سورن ڌاران ساجن، ڪڏهن،
شوق ڀلا ڪي ساماڻا.
ارڏو آهي عشق اسان جو،
کر وجهن ڇا کانجاڻا.
ٻاٽ ۾ ڏيئا ٻاري نڪتا،
ٽِم ٽم ٽمڪن ٽانڊاڻا.
پَٿر تي بس، ليڪا آهن.
ٻول نه پنهنجا ٻاراڻا.
هوڏس، بادل ڀَرجي آيا،
مُند ملڻ جا مانڊاڻا.
پيار محبت ۾ ئي پنهنجا،
لاشڪ ٿيندا لاڏاڻا.
_________________________
ويل وري ڪا وَرڻي آ
سوڀ برابر سَرڻي آ.
محبت مور نه مرڻي آ.
آءُ وري ير! آءُ سگهو،
ڳالهه ڳُجهاندر ڪرڻي آ.
هي جا ڀنڀٽ باهه ٻري،
ڪنهن ته ٺڪاڻي ٺرڻي آ.
سچ چيو آ شيخ اياز،
پنهنجي ڪرڻي ڀَرڻي آ.
ڪانئر هرڪا قوم سدا،
ڳاراڻي ۾ ڳرڻي آ.
لاشڪ ٻيڙي لوڏن ۾،
تو مون تاريء ترڻي آ.
ايڪي سان ئي آخرڪار،
پَت پيارل! پَرڻي آ.
آزادي جي اهڙي ريت،
ويل وري ڪا ورڻي آ.