داڪٽر محمد متارو هنگورجو
سينيئر رڪن
ُنهنجي تُربت کي سلام
تنهنجي عظمت کي عجيبا! تنهنجي الفت کي سلام.
اي، شهيدِ سنڌ تنهنجي سوڀ شهرت کي سلام.
تو ڪپايو نيٺ ڪونڌر پر جُهڪايو ڪنڌ ڪين،
جانثاري تنهنجي جاني! جوش جُرئت کي سلام.
جنگ جهانگين ڪاڻ جوٽي جان ڪئي قربان تو،
اي قريبا! تنهنجي اهڙي قوم قُربت کي سلام.
تو اياڻن کي عطا ڪيا حوصلا، همت، شعور،
رهنمائي تنهنجي راهو: راڄ رغبت کي سلام.
سر ڏئي سُرهو ڪيو تو وري ساڻيهه جو،
سا سُڳند ساري جهان ۾ واس وسعت کي سلام.
تو وڌايو آهي بيشڪ واهه جو قومي وقار،
اُن انوکي آبرو ۽ آنَ، عظمت کي سلام.
اڳ ڀلاري سنڌ ڀومي ڪئين مجاهد منجهه مُقيم،
ٿيو اضافو ان ۾ اهڙي تنهنجي تُربت کي سلام.
تنهنجي رت سان راهه روشن تا قيامت قوم جي،
ٿو ڪري ”محمد“ به اهڙي موت مثبت کي سَلام.