داڪٽر محمد متارو هنگورجو
سينيئر رڪن
اڄ اهو اعلان آ
سڀ ورائي وير وٺبا اڄ اهو اعلان آ.
اڄ مياڻيءَ جو وري ير! مارڻو ميدان آ.
ويل پنهنجي ئي وطن ۾ ويا وڌي وانگين مٿي،
صاف ظاهر آ صبر جو پلٽيو پيمان آ.
اڄ وڳهه جي ڪور وارا ڪي ڪبا قائم مثال،
سر ڏيڻ لئي هرڪو سورهيه اڄ هتي حيران آ.
هر وَسي، واهڻ ۾ وڙهبي جنگ جو جابر وري،
ڀُونءَ ساري کي بنايو جنگ جو ميدان آ.
اڄ ڪبا سودا سرن جا پنهنجي ساڻهه لئي صفا،
آوطن آزاد رکڻو بس! اهو ايمان آ.
اڄ ڪُهڻ ۽ پُڻ ڪُسڻ جا قول ملزم قوم ۾،
جنگ آهي جابرن سان جنگ جو اعلان آ
________________________
ساڳيا آهن
ساڳيا آهن ساڳيا آهن.
سنڌي پُٽڙا ساڳيا آهن.
کاهوڙين جون کيرون هي،
جُوءِ جا جوڌا جاڳيا آهن.
چڻنگون چڻنگون مَچ اُلا،
آيا ڪيئي آڳيا آهن.
ماٺ نه وهندا مُور ڪڏهن،
ڌارين جيڪي داڳيا آهن.
سُور سمورا ساڻيهه لئي،
ڀوڳيندا جو ڀاڳيا آهن.
هن مِٽيءَ ۽ ماڳن سان،
وارث ويٺا واڳيا آهن.
جيجل ڪارڻ جَر اڳي،
جوڌن ڪيئي جهاڳيا آهن.
____________________________
پَت برابر پاريندا
واريندا هو واريندا.
وير سمورا واريندا.
دودا آهن ديس ڌڻي،
هانءُ نه هرگز هاريندا.
ڏاڍن وارا ڏاڍ ڪڏهن،
ويهي ڪين وساريندا.
سُور به آيا سهندا جي،
ٻارڻ سي ڪو ٻاريندا.
جوڌا واري جوءِ منجهان،
مُوذي ساري ماريندا.
ڏيهن ۾ ڏهڪاءُ وجهي،
ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريندا.
سِرڙا ڏيئي ساڻهه سان،
پت برابر پاريندا.
سڀ ورائي وير وٺبا اڄ اهو اعلان آ.
اڄ مياڻيءَ جو وري ير! مارڻو ميدان آ.
ويل پنهنجي ئي وطن ۾ ويا وڌي وانگين مٿي،
صاف ظاهر آ صبر جو پلٽيو پيمان آ.
اڄ وڳهه جي ڪور وارا ڪي ڪبا قائم مثال،
سر ڏيڻ لئي هرڪو سورهيه اڄ هتي حيران آ.
هر وَسي، واهڻ ۾ وڙهبي جنگ جو جابر وري،
ڀُونءَ ساري کي بنايو جنگ جو ميدان آ.
اڄ ڪبا سودا سرن جا پنهنجي ساڻهه لئي صفا،
آوطن آزاد رکڻو بس! اهو ايمان آ.
اڄ ڪُهڻ ۽ پُڻ ڪُسڻ جا قول ملزم قوم ۾،
جنگ آهي جابرن سان جنگ جو اعلان آ
________________________
ساڳيا آهن
ساڳيا آهن ساڳيا آهن.
سنڌي پُٽڙا ساڳيا آهن.
کاهوڙين جون کيرون هي،
جُوءِ جا جوڌا جاڳيا آهن.
چڻنگون چڻنگون مَچ اُلا،
آيا ڪيئي آڳيا آهن.
ماٺ نه وهندا مُور ڪڏهن،
ڌارين جيڪي داڳيا آهن.
سُور سمورا ساڻيهه لئي،
ڀوڳيندا جو ڀاڳيا آهن.
هن مِٽيءَ ۽ ماڳن سان،
وارث ويٺا واڳيا آهن.
جيجل ڪارڻ جَر اڳي،
جوڌن ڪيئي جهاڳيا آهن.
____________________________
پَت برابر پاريندا
واريندا هو واريندا.
وير سمورا واريندا.
دودا آهن ديس ڌڻي،
هانءُ نه هرگز هاريندا.
ڏاڍن وارا ڏاڍ ڪڏهن،
ويهي ڪين وساريندا.
سُور به آيا سهندا جي،
ٻارڻ سي ڪو ٻاريندا.
جوڌا واري جوءِ منجهان،
مُوذي ساري ماريندا.
ڏيهن ۾ ڏهڪاءُ وجهي،
ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريندا.
سِرڙا ڏيئي ساڻهه سان،
پت برابر پاريندا.