شهيد عبدالرحمان لاشاري کي ڀيٽا؛ سهرو؛ شاعرمحمد هنڱورجو.

کٽي جنگ وري آ


ماڻين سوڀ سدائين

دعا دل گهري آ

جاني ڙي، جيئين ڀاءُ!

کٽي جنگ وري آ

لوئيء لَڄ بچائين

ڏاڍي ڳالهه ڳري آ

جاني ڙي جيئين ڀاءُ!

کٽي جنگ وري آ

ڪيڏا، ڪوڏ اسان کي

تو ڪا ڌار ڌري آ

جاني ڙي، جيئين ڀاءُ!

کٽي جنگ وري آ

مهندي، موڙ ڏسڻ لئي

مارل ماءُ چري آ

جاني ڙي جيئين ڀاءُ!

کٽي جنگ وري آ

ڳايون ڳيچ خوشيءَ جا

رانيون رات ٺري آ

جاني ڙي جيئين ڀاءُ!

کٽي جنگ وري آ

هرڪا ڀيڻ بهادر

هرڪا جوءِ جَري آ

جاني ڙي جيئين ڀاءُ

کٽي جنگ وري آ

مانجهي ڙي، مِٺا ڀاءُ!

کٽي جنگ وري آ.
 
Back
Top