اي، ڀورل ڀُونءَ بچايو ڙي!؛ شاعر محمد هنڱورجو.

اي، ڀورل ڀُونءَ بچايو ڙي!


آزاد وطن لئه ڳايو ڙي – اي ساٿي سُر ملايو ڙي،

ٿي چارڻ چنگ وڄايو ڙي – ايئن تندن ساڻ تپايو ڙي.

ڪي نعرا نينهن لڳايو ڙي،

اي ڀُورل، ڀُونءَ بچايو ڙي.


هي قبضا قبرن ڪارن جا- هي بلڊوزر بدڪارن جا

هي هڏڙا منهنجي مارن جا – پيا پڌري پٽ پهنوارن جا

سو سهبو ڪيئن سُڻايو ڙي

اي، ڀُورل، ڀُونءَ بچايو ڙي.


بند زبانون ٻوليون بند – لوئيارن جون لوليون بند

ڪهڙا ڪهڙا ڳوليون هنڌ – جوانيون توڙي جهوليون بند

هي هاڃا سڀ هٽايو ڙي

اي ڀُورل، ڀوُنءَ بچايو ڙي.


هي ديس امانت دودن جو – صوفي، سورهيه سوڍن جو

هوشوء جهڙن جوڌن جو – سَٽ سرن جي سودن جو

ڪو ٻيهر ٻنگ لڳايو ڙي

اي ڀُورل، ڀُونءَ بچايو ڙي.


ساٿي، سنڌ اوهان جي آهي – مادر مُنڌ اوهان جي آهي

جيجل جند اوهان جي آهي – قابو بند اوهان جي آهي

ڪو ڏؤنڪو ڀير لڳايوڙي

اي ڀورل ڀونءَ بچايوڙي.
 
Back
Top